
خاڪسار تحريڪ جو باني علامه عنايت الله مشرقي

خاڪسار تحريڪ جا سالار عام ماڻهن جي ميڙ سان مخاطب ٿيندي

خاڪسار تحريڪ جا سالار (فيروز پور ڇاوڻي، ڪئمپ)
خاڪسار تحريڪ: خاڪسار تحريڪ ننڍي کنڊ جي هڪ سياسي ۽ سماجي تحريڪ آهي، جيڪا علامہ عنايت ﷲ مشرقيءَ 1931ع ۾ شروع ڪئي هئي. هن تحريڪ جو باني علامہ عنايت ﷲ مشرقي، انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جي پاليسين سان متفق نہ هو، ۽ سندس خيال هو تہ هنن ٻنهي پارٽين جا نعرا رڳو چونڊن کٽڻ لاءِ آهن؛ ان ڪري هن ڌار جماعت ’خاڪسار تحريڪ‘ جي نالي سان قائم ڪئي. علامہ جو مقصد هو تہ طاقت جي استعمال سان آزادي حاصل ڪري هڪ اسلامي رياست قائم ڪجي. خاڪسار تحريڪ ۾ جوش ۽ ولَولو 1940ع کان پوءِ آيو.
علامہ مشرقيءَ خاڪسار تحريڪ جا چوويھہ اصول ۽ چوڏهن نڪتا ٺاهيا. هن تحريڪ جو مقصد ماڻهن جي تربيت ۽ اصلاح ڪرڻ هو. هيءَ نظرياتي هئڻ سان گڏ هڪ فوجي تحريڪ بہ هئي. هڪ خاڪسار خاڪي ورديءَ ۽ بيلچي سان مسلمانن جي عسڪري طاقت جي علامت سمجهيو ويندو هو. خاڪسارن کي ضلعي وار منظم ڪيو ويو. هفتي ۾ هڪ ڏينهن شام جي وقت اجتماع ٿيندو هو، جنهن ۾ خاڪسار فوجي تربيت حاصل ڪندا هئا، خاڪسارن خدمت جي جذبي کي وڌايو ۽ وڏي شھرت ماڻي. خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جا ٽي اصول هئا: (1) ﷲ تي ايمان،
(2) آخري رسول تي ايمان، ۽ (3) آخرت تي ايمان. علامہ مشرقيءَ کان پوءِ خاڪسار تحريڪ جي واڳ ميان بشير احمد صديقيءَ 1963ع کان 1983ع تائين سنڀالي. ان بعد حاجي منظوم الاهي خاڪسار تحريڪ جو قائد رهيو. تحريڪ جو مرڪزي دفتر اڇري، لاهور ۾ هو.
سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ متعارف ڪرائڻ ۾ نصير محمد نظاماڻيءَ جو وڏو هٿ هو، جنهن سان قاضي محمد اڪبر ٻانهن ٻيلي رهيو. ان جو پهريون مرڪز حيدرآباد کي ڪيو ويو، بعد ۾ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڦهلاءُ ٿيو. لاڙڪاڻي ۽ جيڪب آباد ۾ پير الاهي بخش هن تحريڪ جون شاخون قائم ڪري ان کي عوامي تحريڪ طور اُڀاريو، جڏهن تہ ڪراچيءَ ۾ هن تحريڪ جا محرڪ سيد حضرت شاھہ ۽ قاضي عبدالرسول ايڊووڪيٽ هئا. خاڪسار تحريڪ ۾ جي. ايم. سيد، غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي، مير علي احمد ٽالپر، الھہ بخش خان ٽالپر، يوسف هارون، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ائڊووڪيٽ حفيظ قريشيءَ ۽ تاج صحرائيءَ بہ هڪ وقت بھرو ورتو.
سنڌ ۾ 36-1935ع ڌاري خاڪسار تحريڪ جا صوبائي عهديدار:
غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي (امير)، لعل بن يوسف چانڊيو (سالار)، پير جان محمد ۽ مير نور حسن (جانباز)، مير علي احمد ٽالپر (حاڪم اعليٰ)، مير حاجي غلام حسين، علي اڪبر ڪلهوڙو ۽ مير محمد خان (نائب حاڪم اعليٰ)، جڏهن تہ سنڌ خاڪسار جا سالار اعليٰ: يوسف هارون، جي. ايم. سيد ۽ پير الاهي بخش هئا.
ڪتاب ’تحريڪ آزاديءَ ۾ سنڌ جو ڪردار‘ موجب سنڌ ۾ خاڪسار تحريڪ جي اهم ميمبرن ۾ نوابشاھہ مان قاضي فيض محمد، حمزو خان قـريـشـي، الھہ اوڀـايو مـيـمـڻ، مـولـوي مـحـمـد مـعـاذ، مـيـر مـحـمـد خـشڪ، عبدالڪريم ميمڻ، حيدرآباد مان خير محمد نظاماڻي، سيد بچل شاھہ، احمد شير راجپوت، ڪراچيءَ مان محمد هاشم گزدر، حاڪم افغاني، هارون الرشيد ۽ حشمت انبالوي، ٿرپارڪر مان مير علي بخش ٽالپر، مير غلام حسين ٽالپر ۽ محمد سليمان ايڊووڪيٽ، سکر مان شمس الدين شاھہ علي اڪبر ڪلهوڙو شڪارپور، جيڪب آباد مان مير محمد واگهو، الاهي بخش بلوچ ۽ بيگم عبدالرزاق مغل ۽ ٻيا هئا، جن هن تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کان سواءِ مولوي محمد يعقوب حاجاڻو، مولانا احمد مجذوب دل، تاجپور جو نواب حاجي محمد دائود ٽالپر، مشھور شاعر مظفر حسين جوش، نامور صحافي سيد سردار علي شاھہ، پروفيسر ڪريم بخش نظاماڻي، مير نور حسن ٽالپر بہ هن تحريڪ جا اهم ڪارڪن رهيا.