خاڪسار سپاهي

خاڪسار سپاهي (رسالو): هيءُ رسالو 1937ع کان سنڌ مان نڪرڻ شروع ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر مير الھہ بخش ٽالپر هو. هي ماهوار رسالو، موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس تلڪ روڊ حيدرآباد ۽ آفتاب پرنٽنگ پريس، ٽنڊي مير محمود حيدرآباد مان ڇپبو هو. 1945ع ڌاري ’خاڪسار سپاهي‘ رسالو بہ بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو