خدائي خدمتگار تحريڪ جو رضا ڪار
خدائي خدمتگار تحريڪ: خدائي خدمتگار تحريڪ، جنهن کي سرخ پوش تحريڪ به سڏيو وڃي ٿو. 1930ع ۾ خان عبدالغفار خان قائم ڪئي. هن جي قيام جو پسمنظر اهو هو ته هندستان جا ٻيا علائقا ته برطانوي هند ۾ سولائيءَ سان شامل ٿيندا ويا، پر سرحد جا افغان علائقا وڏي ڏکيائيءَ سان ويهين صدي جي شروعات ۾ شامل ٿيا. اهو عمل انگريزن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ثابت ٿيو. انگريزن جي قبضي باوجود افغان قبيلن طرفان مزاحمت جاري رهي. 1930ع ۾ انگريزن خلاف مزاحمت جي جنگ تيز ٿي. پشاور جي قصه خواني بازار ۾ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا. خان غفار خان کي سندس ڳوٺ اتمان زئيءَ کان پشاور ايندي گرفتار ڪيو ويو، اها ئي ڳالهه خدائي خدمتگار تحريڪ جي قيام جو ڪارڻ بڻي، جنهن جو بنيادي مقصد پٺاڻن جي سياسي حقن جو تحفظ هو. خدائي خدمتگار باوردي هئا ۽ ڳاڙهي کاڌِي پائيندا هئا، ان ڪري کين ’سرخ پوش‘ سڏيو ويو. خدائي خدمتگارن هڪ طرف بي زمين هارين ۽ ڳوٺاڻن کي زميندارن خلاف منظم ڪيو ۽ ٻئي پاسي شهرن جي تعليم يافته طبقي کي برطانوي راڄ خلاف متحرڪ ڪيو. بک ۽ بدحاليءَ جي ماريل عوام ۾ هن سياسي تحريڪ اقتصادي پروگرام جي حوالي سان مارڪسي اشتراڪيت جو رنگ اختيار ڪيو ۽ سياسي محاذ تي برٽش راڄ خلاف هئڻ ڪري هيءَ تحريڪ گانڌيءَ جي انڊين نيشنل ڪانگريس جي ويجهو ٿيندي وئي ۽ پوءِ جلد ئي ان جو حصو بڻجي وئي. پاڪستان جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ هيءُ تحريڪ غير فعال ٿي وئي.