خدابخش سومري جي درگاھہ

خدابخش سومري جي درگاھہ: هيءَ درگاھہ سهڙا, ضلعي نوشهري فيروز کان فرلانگ پنڌ تي ڏکڻ طرف موجود آهي. فقير خدا بخش سومرو 1929ع ۾ پيدا ٿيو. فائنل بعد عربي، فارسي ۽ حديث جو علم حاصل ڪيائين. فقير صاحب شروع ۾ ڌوٻڪو ڌنڌو ڪندو هو، بعد ۾ پرائمري استاد ٿيو. عالمن ۽ فقيرن جي صحبت سبب ‘حافظ علي مراد زرداريءَ جو طالب ٿيو. حافظ علي مراد کيس چار ئي طريقا قادريه، چشتيه، نقشبندي ۽ سھروردي طئي ڪرايا. 15 ربيع الثاني 1417ھہ/1996ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار تي مقبرو ٺهرايو ويو ۽ درگاھہ قائم ڪئي وئي. فقير خدابخش جو ساليانو ٻارهو سندس درگاھہ تي ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان هزارن جي تعداد ۾ سندس طالب شريڪ ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو