خدابخش فقير: صوفي خدا بخش ولد روحل فقير خيرپور ۾ جنم ورتو. تعليم ۽ تربيت پنھنجي والد بزرگ ۽ وڏي ڀاءُ کان ورتائين. صوفياڻي ماحول ۾ رهڻ ڪري ننڍپڻ کان کيس شاعريءَ جو شوق ٿيو. اڳتي هلي پنھنجي ڀاءُ شاھہ فقير کان شاعريءَ جي تربيت ورتائين، جنهن کي شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد سڏيندو هو. قادرالڪلام شاعر هو. سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڻو شعر چيائين ۽ ڪجهہ فارسيءَ ۾ بہ شاعري ڪيائين. سندس شاعريءَ ۾ ذات پات، رنگ نسل ۽ مذهب پرستيءَ کان هٽيل ۽ برابريءَ جو سبق ڏنل آهي. جھڙوڪ:
ﷲ دي ذات اول هي، رنگ نڪو بيرنگي،
ڪن فيڪون وچون جڳ جوڙيس، بي رنگي ٿيا رنگي،
ڪٿان ايراني ڪٿان عراقي، ڪٿان رومي، ڪٿان رنگي،
ڪٿان سني ڪٿان شيعا، ڪٿان صوفي ڪٿان ڀنگي.
خدابخش فقير 1843ع ڌاري وفات ڪئي. سندس مزار ڪنڊڙيءَ جي قبرستان ۾ آهي.