خداداد خان (ثاني)

خداداد خان (ثاني): نواب خداداد خان ولد گل محمد خان لغاريءَ، 19 اپريل 1886ع تي جنم ورتو. هيءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين. ان بعد ذاتي ذوق، تجربي ۽ تجسس ذريعي وسيع مطالعو ڪري معلومات کي وسيع ڪيائين. شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ملفوظات جو ’بيان العارفين‘ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين ۽ پنهنجن وڏن جا ديوان نقل ڪرايائين. سنڌ جي ذاتين ۽ ڳوٺن جا نالا مرتب ڪيائين، نواب خداداد کي شعر و شاعريءَ جو ڪافي ذوق هو. 1948ع ڌاري وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1886.04.19  عيسوي

نواب خداداد خان ولد گل محمد خان لغاريءَ، 19 اپريل 1886ع تي جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جت علي فقير
باغ علي شاهه
ابدالي احمد شاهه
پهلوان فقير ڊومڪي
رحيم بخش جمالي
بيجو باورا
سڪندراعظم
بيگم آغا خان
اڪبر اديب
اعتبار علي جاگيراڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون