خداداد خان جو مقبرو

خداداد خان جو مقبرو

خداداد خان جو مقبرو

خداداد خان جو مقبرو: هي ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو هڪ اهم مقبرو آهي، جيڪو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ۾ ڳوٺ ۽ ديھہ ميان نور محمد، تعلقي دولتپور، ضلعي بينظير آباد (نوابشاھہ) ۾
26˚32̀ 50˝ اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 68˚ 48̀ 0˝ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. مقبري جي اڏاوت ۾ پڪين سرن جو استعمال ٿيل آهي ۽ اوساريءَ ۾ گل، چٽ ۽ گارو ڪم آندل آهي ۽ اندران ٻاهران گچ گاري سان لنبيل آهي. مقبري جي ڊيگهہ 6.50 ميٽر، ويڪر 4.85 ۽ اوچائي 5.75 ميٽر آهي. جڏهن تہ ٻاهرينءَ رٿ ۾ مستطيل آهي. خداداد خان، سنڌ جي تخت ڌڻي ميان نور محمد ڪلهوڙي جو فرزند هو. هي مقبرو ميان نور محمد جي مقبري جي ڏکڻ ۾ آهي. مقبري جو دروازو ونگائون ۽ گهڻ راسي پانيلن وارو آهي، مقبري جي ڇت محرابي آهي، جنهن جي پلويڙن تي برجيون ٺهيل آهن ۽ ڇت جي مٿان ڪنول جو ابتو گل ٺهيل آهي. مقبري جي اندرئين حصي واري ڇت بہ محرابي آهي. تاريخدانن جي راين جي روشنيءَ ۾ مراد ياب خان، ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ وقت خداداد خان هندستان ويو، جتان جيئري واپس ڪونه آيو ۽ سندس مڙھہ کي هت آڻي دفن ڪيو ويو. مقبري جي حالت هينئر جهرندڙ آهي، پلستر گهڻي ڀاڱي اُکڙي چڪو اٿس. مقبري جي عمارت قديم آثارن جي کاتي حوالي ٿيل آهي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو