خدا آباد جي قلعي جا آثار

خدا آباد جي قلعي جا آثار

خدا آباد جو قلعو

خدا آباد جو قلعو: ميان يار محمد ڪلهوڙي جڏهن دادوءَ ڀرسان شڪارپور پهنورڪيءَ وٽ هڪ نئون شھر خدا آباد ٻڌايو ۽ اهو هنڌ حڪومت جو مرڪز بنائي ويٺو، تہ هن شھر کي ٽي ڪوٽ ڏنل هئا، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
(1) اندريون ڪوٽ: هي ڪوٽ جي اندر حڪومت جو شاهي محل هو ۽ ’سهندي محل‘ جي نالي سان سڏبو هو. هتي سرڪاري عهديدارن جون جايون ٺهرايل هيون. هن ڪوٽ جي اندر جنگي سامان: بندوقن، توبن ۽ ٻئي بارود جي لاءِ خاص جاءِ جوڙايل هئي. ميان يار محمد ڪلهوڙي جا هاٿي بہ هن ڪوٽ اندر رهندا هئا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور ۾ شاهي محل جي تمام گهڻي تعريف لکي وئي آهي. شاهي محل نزاڪتدار هو. ان جي بلندي پري کان ڏسڻ ۾ ايندي هئي. اڄ بہ اندرئين ڪوٽ جي اترين ٻانهين سالم صورت ۾ آهي، جيڪا ٻہ اڍائي سؤ وال ڊگهي ٿيندي. جامع مسجد جي اتر ۾ وڏي در وٽان هن ڪوٽ جو ٽڪر بيٺل نظر اچي ٿو. ڏکڻ ۾ ڦڪن کان ايندڙ رستي سان لڳ ساڳئي ڪوٽ جي ڏاکڻي ٻانهينءَ جو ڳپل حصو بہ موجود آهي. باقي پاسن کان ڪوٽ زمين دوز ٿي ويو آهي. هينئر جيڪو نئون شھر خداآباد جو ٺهيل آهي، ان جي اتر ۾ هن قلعي جي جيڪا ٻانهين بيٺل آهي، ان کي ماپڻ سان پتو پوي ٿو تہ ڪوٽ 15 فوٽ کن اتاهون ۽ 7-8 فوٽ کن ويڪرو آهي. هيءَ ويڪر ان جي پيڙھہ جي ٻڌايل آهي.
(2) ٻاهريون قلعو: هن جي ڀتين جا نشان پڌرا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هي ڪوٽ ڳپل زمين والاري ٿو ۽ سڄي شھر خداآباد، اترئين ڪوٽ ۽ باغن کي ڦريل هو. هن قلعي جون ڀتيون خدا آباد شاخ ۽ دادو روڊ جي پل وٽ ظاهر آهن. ڪوٽ جو هڪ پاسو شاخ جي اتر کان هلي، جان بيبيءَ جي مقبري وٽان لنگهي ڪريم داد پنهور جي گهر وٽ پهچي ٿو. اولھہ طرف واري ٻانهينءَ ڪريم داد جي گهر وٽان نڪري، هاشم شاھہ جي مقام جو اڀرندو طرف وٺي شاخ اڪري جاني جروار جي اوڀر کان مڱڻيجن جو واٽر ڏئي، خدا آباد وليج ۽ مهدي شاھہ جي اڀرندي کان هلي، عطا محمد رانجهاڻيءَ جي باغ وٽ اچي دنگ ڪري ٿي. ڏکڻ ۾ ڏاکڻي ديوار جا ڪي ٽڪرا موجود آهن، جيڪي دادو روڊ اُڪري ماهي ڀنڊ جي گهر آڏو دنگ ڪن ٿا، باقي اڀرندي طرف واريون ديوارن ناپيد آهن، تڏهن بہ خدا آباد شاخ جي پل وٽان بيهي ڏکڻ طرف نهاربو تہ اڀرندي ڪوٽ جو مورچو ڪوٽ جي ان ٽڪر ۾ جڙيل ڏسجي ٿو، جو اترين ٻانهينءَ کان اٽڪل 190 والن جي وڇوٽيءَ تي آهي. هن ڪوٽ کي چئني طرفن کان جنگي مورچا هئا. ڪوٽ جا پهريدار خطري وقت چئني طرفن کان سڌ سماءُ رکي سگهندا هئا. هن قلعي ۾ ڪاريزه رستو تيار ٿيل هو، جتان دشمن جي ڪاھہ وقت ڪوٽ مان سولائيءَ سان نڪري سگهبو هو.
(3) ٽيون ڪوٽ: هي ڪوٽ ميان جي ماڙيءَ کي ڏنل هو. اها ماڙي ميان يار محمد جي مقبري لڳ هئي. ميان جي ماڙيءَ وارو کوھہ اڄ تائين مشھور آهي. ميان يار محمد جي مَٽي اڄ سوڌو انهي کوھہ مان ڀريندا رهن ٿا. انهيءَ ماڙيءَ کي بہ چوڌاري هڪ ڪوٽ آيل هو. اُن ڪوٽ جي اولهندي پاسي جو ڪجهہ ٽڪر اڃا موجود آهي. ان هنڌ جي زمين آسپاس وارن هنڌن کان گهڻي مٿڀري آهي، ان هنڌ جا جيڪي اهڃاڻ ملن ٿا، تنهن مان محسوس ٿو ڪجي تہ انهي هنڌ جي برابر ٽيون ڪوٽ نڪتل هو. وڏي ڄمار وارا ٻڌائن ٿا تہ اهو ڪوٽ ميان جي ماڙيءَ لاءِ نڪتل هو. انهن ٽنهي ڪوٽن جي ٻاهران ٻوڏن جي بچاءَ خاطر هڪ ذبردست بند ڏنل هو، جيڪو ڪيترن هنڌن تي اڃان تائين ظاهر نظر اچي رهيو آهي. خداآباد 1768ع کان پوءِ ڦٽندو رهيو آهي. شھر جا پوءِ ڪيترائي ماڻهو لڏي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن وڃي رهائش پذير ٿيا. شھر ۾ قلعن جي سنڀال ڪا نہ رهي. آخرڪار دوآبي جي ٻوڏن هن قلعي جو ڳپل حصو زمين دوز ڪري ڇڏيو. طوفانن ۽ مينهن ۾ وڌيڪ ڊهندو ۽ ڀرندو ويو. هن ڪوٽ کي اٽڪل اڍائي سؤ سال گذري ويا آهن، تڏهن بہ ان جا ڪيترا نشان ظاهر بيٺا آهن. خداآباد جي آسپاس وارا هنڌ گهڻو ڪري ويران ۽ مقام بڻجي ويا آهن. ڪوٽ نمبر ٻئي جي الهندي طرف کان اول هاشم شاھہ ۽ شاخ جي ڏکڻ ۾ مهدي شاھہ جا مقام موجود آهن. هن ڪوٽ جي وچ ۾ جتي شاهي بازار وارو شھر هو، ان جي ڀرسان اتي هينئر طالب شاھہ جي تربت آهي. جامع مسجد جي اتر ۾ گل شاھہ جي تربت آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو