خدا آبادي خط جي لکت جو نمونو

خدا آبادي خط جي لکت جو نمونو

خدا وادي/خدا آبادي خط/لپي

خدا وادي/خدا آبادي خط/لپي: سنڌ ۾ قديم زماني کان ڌار ڌار قومن ۽ جاتين وٽ ڌار ڌار رسم الخط/لپيون رائج هونديون هيون. اُنهن جا نالا هي آهن: براهمي رسم الخط، ديوناگري رسم الخط، ارد ناگري رسم الخط، کروشتي رسم الخط، خدا وادي/ خدا آبادي رسم الخط، شڪارپوري رسم الخط، ساکرو رسم الخط، ٺٽائي رسم الخط، (ٺٽي ۾ لوهاڻن جو پنهنجو ٺٺائي رسم الخط هو ته ڀاٽين وٽ وري پنهنجو ٺٽائي رسم الخط رائج هو)، لوهاڻڪو رسم الخط، لاڙائي رسم الخط، ونگائي رسم الخط، راجائي رسم الخط، سيوهاڻي رسم الخط، ڏاکڻو الهندا رسم الخط (جنهن کي لُنڊا يا موڏ اکر به چوندا هئا). اڳتي هلي ميمڻ جماعت پنهنجو رسم الخط ٺاهيو ته وري خواجه جماعت لاءِ پير صدر الدين، لوهاڻڪي رسم الخط کي نئين سر ترتيب ڏيئي خواجڪو رسم الخط ٺاهيو.
خدا وادي خط، واڻڪي، هٽڪي يا هٽائي خط جي نالن سان به سڃاتو ويندو آهي. هي خط، ارڌناگري، ديوناگري ۽ براهمي خط وسيلي موهن جي دڙي جي لپيءَ سان واسطو رکي ٿو. هيءَ لپي اصل ۾ خدا آباد جي هندو واپارين ٺاهي ۽ 1750ع ڌاري عام ڪئي وئي. انهيءَ ڪري هن لپيءَ کي ’خدا وادي‘ نالو ڏنو ويو، جيئن ٻين شهرن جي نالن پٺيان ڪي لپيون اڳ ۾ ئي چالو هيون.
1853ع ڌاري جڏهن انگريزن جي حڪومت سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪنهن مشترڪ لپيءَ کي جاري ڪرڻ لاءِ ويچار ڪيو، تڏهن اُن جا ڪيترا وقت هندو واپاري پنهنجي وهين ۽ بندين لاءِ هيءُ خط (خدا وادي خط) استعمال ڪندا هئا پر لوهاڻا، ڀاٽيا ۽ ڪي ٻيا هندو جاتيءَ جا واپاري ۽ مسلمانن مان خواجه ۽ ميمڻ پنهنجون ڌار ڌار لپيون، وڻج واپار لاءِ ڪم آڻيندا هئا. ان ڪري مشترڪه لپيءَ مقرر ڪرڻ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي اجازت سان، سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سر بارٽل فريئر، ان وقت ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر بي. ايڇ. ايلس جي سربراهيءَ ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي ان ڪميٽيءَ ۾ جيڪي ٻيا ميمبر مقرر ڪيا ويا، تن جا نالا هي هئا: راءِ بهادر نارائڻ جگنناٿ (جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ ۾ N.J.V اسڪول قائم آهي)، خان بهادر مرزا صادق علي بيگ، ديوان پرڀداس انند رام رامچنداڻي، ديوان اڌارام ٿانور داس مير چنداڻي، ديوان ننديرام سيوهاڻي، ميان
محمد حيدرآبادي، قاضي غلام علي ٺٽي وارو، ميان غلام حسين ٺٽي وارو، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ ۽ ڪئپٽن آر. ايف برٽن.
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڀارتي سنڌي ماهر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جي والد ڪشچند ٽوپڻ لال جيٽلي، هن خط جي اهميت بابت ٻه ڪتاب لکيا آهن، جن جو ذڪر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنهنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جون لپيون‘ ۾ ڪيو آهي. ڪشنچند جيٽلي ’هٽ واڻڪا لپي‘ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته: ”جنهن کي اسان هٽ واڻڪا اکر (خدا واديءَ خط) چئون ٿا، اهو حقيقي معنيٰ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اصل خط آهي. جڏهن عربي لپيءَ تي جهيڙو هلي رهيو هو ته ضروري هو ته هن قديم ۽ اصل لپيءَ کي اختيار ڪرڻ گهرجي ها، ڇا ڪاڻ ته اُن جون گهڻي قدر نشانيون (سَت) براهمي، کروشٽي ۽ موهن جي دڙي واريءَ لپيءَ سان ملن ٿيون. اهي نشانيون (Symbols) پنج سؤ سالن کان وڌيڪ قديم آهن. ان ڪري هيءَ لپي سنڌي ثقافت جو هڪ حصو آهي. اُن ۾ سنڌي آوازن ۽ صوتين کي اُچارڻ جو مڪمل طريقيڪار موجود آهي. هن خط کي ’خدا وادي‘ خط اُن ڪري سڏيو ويو جو ’واد‘ معنيٰ آواز آهي. ان حوالي سان ڄڻ ته هي خط ’خدا جو آواز‘ سڏيو ويو.“
ڊاڪٽر هدايت ’ پريم‘ خدا آبادي لپيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته:
”خدا آبادي لپي، جيڪا خدا آباد ڏانهن منسوب آهي، سا خدا آباد جا عالم، اڪابر ۽ واپاري استعمال ڪندا هئا. خدا آباد جيئن ته سنڌ جو تخت گاهه هو، تنهنڪري چئي سگهجي ٿو ته هي رسم الخط، سنڌي ٻوليءَ جي اُن زماني جي معياري لهجي جي تحرير ڪرڻ ۾ ڪم ايندو هجي. هن لپيءَ کي ’هَٽَ واڻڪا اکر‘ به سڏيو ويو.
خدا آبادي خط جو ذڪر سنڌ ۾ ان وقت تعليم کاتي جي انچارج
بي. ايڇ. ايلس پنهنجي ’سنڌ ۾ تعليم بابت رپورٽ‘ ۾ به ڪيو آهي.
مسٽر ايلس واري ڪميٽيءَ جي هڪ ميمبر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پڻ سنڌ لاءِ مشترڪ لپيءَ لاءِ هن خط جي وڪالت ڪئي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو