خدا ڏنو شاھہ

خدا ڏنو شاھہ: ميان خدا ڏنو شاھہ، نصرپور جي شاھہ پوٽا ڪٽنب جي مشھور دوريش سيد غلام حسين شاھہ عرف گل پير جو ٽيون نمبر سجادہ نـشـيـن هـو. سندس اصل نالو بندہ حسين شاھہ هو، پر بعد ۾ خدا ڏني شاھہ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس والد جو نالو امام بخش شاھہ ۽ ڏاڏي جو نالو محمد علـي شـاھہ هـو. هـن نـصرپور ۾، 20 جون 1875ع تي جنم ورتو. خـدا ڏنـو شـاھہ اڃـا سـتـن سـالـن جـو هو تہ سندس والد 1882ع ڌاري وفات ڪـئـي، جـنـهـنـڪـري کـيـس درگـاھہ جـي مـسـنـد تي ويهاريو ويو، هن پير صـاحـب جـي دور ۾ سـنـڌ جـي اڪثر درگاهن جي سجادہ نشينن کان ذڪر اذڪـار ۽ سـلـسـله طـريقـت ڇـڏائي ويـل هو. اڪـثـر پـيـر صـاحـبن جي حيثيت، ملڪيت، مريدن سان لاڳاپي ۽ سندن دنيوي طاقت تي مدار رکندي هئي. ان ڪري ٻين پيرن وانگر هن بہ ان وقت جي دستور مطابق راڳ، ملاکڙن، شڪار، خاندانن سان لڳ لاڳاپن، مهمان نوازيءَ ۽ حـڪـومـت سـان سٺا تعلقات قائم ڪرڻ تي توجھہ ڏنو. راڳ ۾ خاص دلچسپي ورتائين، راڳ جي پوري ڄاڻ رکندو ۽ ڳائيندو بہ هو. وڄت ۽ راڳ ۾ اهڙو ماهر ٿي ويو، جو سندس مجلس ۾ وڏن ڳائڻن کي خيال سان ڳائڻو پوندو هو. هن وٽ پري پري کان راڳي ايندا هئا. ڪي تہ وٽس گهڻو وقت رهيا پيا هوندا هئا. هن ساري عمر راڳ جي سرپرستيءَ ۾ گذاري ڇڏي. خانصاحب فتح علي خان، علي بخش خان ۽ زھرہ ٻائي بہ وٽس راڳ ڳائي ايندا هئا. ان وقت جي مشھور ڳائيندڙ گوهر جان جڏهن سنڌ ۾ آئي، تہ پير صاحب جي راڳ کان مـتـاثـر ٿي، سـنـدس آستاني تـي آئـي. خانصاحب امـيد عـلـي خان جو والد اسـتـاد پـيـارو خان، مبارڪ علي خان ، بيبو خان ۽ خانصاحب منظور علي خان جو والد جمال خان بہ اڪثر وٽس ايندڙ هئا. سيد خدا ڏني شاھہ خود بہ شعر چيا آهن.
هو نصرپور جي مختلف انجمنن جھڙوڪ: ’مسلم جماعت‘ ۽ ’انجمن فيض حسيني‘ جو صدر رهيو. اثنا عشري فرقي سان تعلق رکندو هو. پنجهٺ سالن جي عمر ۾، اٺونجاھہ سال سجادہ نشين رهي، 1357ھہ/ 1938ع
۾ وفات ڪيائين.


لفظ خدا ڏنو شاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو