
خديجه خانم دائود پوٽو
خديجہ خانم دائود پوٽو: سنڌ جي نامور ليکڪا ۽ صحافي بيگم خديجہ خانم دائود پوٽي جو پورو نالو خديجہ خانم بنت ڊاڪٽر شمس الدين شيخ هو، سندن والد حيدرآباد جي مشھور علمي گهراڻي جو فرد هو، جن مان ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ هڪ ناميارو شخص ٿي گذريو آهي.
خديجہ خانم دائود پوٽو 1918ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس هڪ ڀيڻ عائشہ شيخ سنڌ جي مشھور تعليمي ماهر رهي آهي. خديجہ خانم سنڌ جي نامور عالم، اديب ۽ تعليمدان شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي جي گهر واري هئي. نامور تعليم دان عيسيٰ دائود پوٽو سندس فرزند آهي. خديجہ خانم دائود پوٽي، شمس العلماءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي سوانح عمري ’منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي‘ ترتيب ڏئي ڇپائي. ان کان سواءِ سندس ترتيب ڏنل ڪتاب ’شاعرن جو سرتاج‘ (شاه عبداللطيف ڀٽائي) پڻ قابل ذڪر ڪتاب آهي.
ڊاڪٽر خديجہ خانم دائود پوٽو عورتن جي رسالي ’اديون‘ جي باني سرپرست ۽ ايڊيٽر رهي چڪي آهي. هن رسالي سنڌي عورتن ۾ تمام وڏي علمي، سماجي ۽ ادبي سجاڳي آندي ۽ ڪيتريون ئي ليکڪائون هن رسالي ۾ لکي، وڏيون اديبائون بڻيون. خديجہ خانم دائود پوٽو جي وفات 21 جولاءِ 2001ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.
2001.07.21 عيسوي
خديجه خانم دائود پوٽو جي وفات 21 جولاءِ 2001ع تي اسلام آباد ۾ ٿي.