خديجﺔ الڪبريٰ

خديجـﺔ الڪبريٰ (امُ المومنين): اُمُ المومنين بيبي خديجة الڪبريٰ جي ولادت 555ع ڌاري مڪي شريف جي معزز قريش خاندان ۾ ٿي. بيبي خديجة الڪبريٰ وڏي ذهين ۽ دولتمند خاتون هئي ۽ پنھنجي پيءُ جو سمورو ڪاروبار پاڻ سنڀاليندي هئي.
بيبي خديجہ بنت خويلد بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصٰي، مڪي جي قريش قبيلي جي ممتاز خاتون هئي. سندس والد خويلد، دين ابراهيميءَ جو پيروڪار هو. جڏهن يمن جي بادشاھہ ’تبع‘ڪعبة مان حجر اسود اکيڙي کڻائي وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن خويلد، حجر اسود جي تحفظ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. نتيجي طور ’تبع‘ کي پنھنجي ناپاڪ ارادي تان هٿ کڻڻو پيو. تاريخون لکن ٿيون تہ جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صلي عليہ وسلم جي ڄمار 25 سال هئي، تڏهن اباڻو پيشو تجارت اختيار ڪيائون.
حضور صلي عليہ وسلم جي حسن اخلاق، ديانت، امانت ۽ صداقت کان مڪي وارا بخوبي واقف هئا، ان ڪري هر سرمائيڪار پنهنجو تجارتي مال کين سپرد ڪرڻ جو خواهشمند هو، انهن سرمائيڪارن ۾ بيبي خديجہ بنت خويلد بہ شامل هئي. هيءَ خاتون مڪي جي مالدار ترين تاجر هئي. سندس نيڪ ڪردار ۽ بلند اخلاق سبب کيس عذرا، طاهره، سيده ۽ ملڪة العرب جي نالن سان سڏيو ويندو هو. وٽس بار بردار اٺن جو وڏو تعداد هو. حضرت ابو طالب عليہ السلام، بيبي خديجہ سان واپار ۽ معاوضي جو طئي ڪري حضور ؐ جن کي بيبي صاحبہ جي غلام ميسره سان گڏ تجارتي مال سان شام روانو ڪيو. تجارتي سفر دوران ميسره ڪيترن عجيب واقعن جو مشاهدو ڪيو. حضور ؐ جن جي حسن تدبر سبب تجارت ۾ کين وڏو مـنافعو ٿيو. جڏهن قافلو تجارت کان فارغ ٿي مڪي پهتو تہ ميسره، بيبي خديجة الڪبريٰ سان سفر جو سڄو احوال ڪيو. ان بعد حضور ؐ جن ڪافي وقت بيبي خديجہ جي تجارتي قافلن سان ويندا رهيا ۽ تجارت ۾ تمام گهڻي ڪاميابي ماڻيائون. بيبي خديجہ سندن ايمانداري، سچائي ۽ ڪردار کان گهڻو متاثر ٿي ۽ کين شاديءَ جو پيغام اماڻيائين. جيڪو پاڻ قبول فرمايائون.
تاريخدانن جي اڪثريت ان ڳالھہ تي متفق آهي تہ حضور صلي عليہ وسلم سان شاديءَ وقت بيبي خديجہ جي ڄمار 40 سال هئي. شاديءَ وقت بيبي خديجہ جو مھر 12 اونس سون ۽ 25 اٺ مقرر ڪيو ويو، جيڪو ان ئي وقت حضور صہ جن جي چاچي حضرت ابو طالب ادا ڪيو ۽ نڪاح جو خطبو بہ پڙهيو.
علامہ زرقاني شرح مواهب لدنيه ۾ لکي ٿو تہ حضرت ابو طالب جي خطبي کان پوءِ ورقه بن نوفل خطاب ڪندي چيو تہ اي اشراف قريش، اوهان ان جا گواھہ رهجو تہ مون خديجہ بنت خويلد کي محمد بن عبدالله سان چار سئو دينار حق مھر تي نڪاح ۾ ڏنو، جيئن تہ بيبي خديجہ جو والد خويلد بن اسد وفات ڪري چڪو هو، ان ڪري هي نڪاح سندس چاچي عمرو بن اسد جي سرپرستيءَ ۾ ٿيو ۽ نڪاح کانپوءِ حضور ؐ جن جي پاران وليمي جي دعوت ڏني وئي.
حضور جن بيبي خديجہ سان بي پناھہ محبت ڪندا هئا ۽ بيبي خديجہ بہ سندن ڀرپور احترام ڪندي هئي.
بيبي خديجہ نيڪ ۽ روشن فڪر خاتون هئي، جيڪا حضور جن لاءِ سدائين سٺي صلاحڪار ثابت ٿي، ان ڪري ئي حضور ؐ جن سندس باري ۾ فرمايو تہ ’خديجہ هن امت جي عورتن مان سڀني کان بھترين عورت آهي‘. بيبي خديجة الڪبريٰ تاريخ اسلام جي پهرين خاتون آهي، جنهن سڀ کان اڳ اسلام جي دعوت قبول ڪئي ۽ سندن نبوت جي تصديق ڪئي. پنھنجي بي حساب ملڪيت بنا شرط جي حضور جن جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏي. حضور صلي عليہ وسلم جيئن ئي حق جي تبليغ شروع ڪئي تيئن مڪي جي ڪافرن کين طرحين طرحين جون تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. طرح طرح جون اذيتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گهر تشريف فرما ٿيندا هئا تہ بيبي خديجہ سندن خدمت ۾ لڳي ويندي هئي. سندس پيار، خدمت ۽ ايثار جي جذبي کي ڏسي کين نئون حوصلو ملندو هو. هوءَ کين هر مصيبت جي وقت تسلي ڏيندي هئي.
بيبي خديجہ کي ٻہ شھزادا عبدالله ۽ قاسم عطا ٿيا، پر اهي
صغير سنيءَ ۾ وفات ڪري ويا. حضرت امام جعفر صادق عليہ السلام جن فرمائين ٿا تہ جڏهن کان بيبي خديجہ حضور صلي عليہ وسلم جن سان شادي ڪئي هئي، تڏهن کان مڪي جي عورتن ساڻس قطع تعلقات ڪري ڇڏيا هئا. سي نہ بيبي خديجہ وٽ اينديون هيون ۽ نہ ئي کيس پاڻ وٽ سڏائينديون هيون. ان قطع تعلقات سبب بيبي خديجہ اداس رهندي هئي ۽ تنهائيءَ جي عادي بڻجي وئي، جڏهن ٻار سندن شڪم مبارڪ ۾ آيو، تڏهن بيبي خديجہ کي تنهائيءَ کان نجات ملي. هڪ ڏينهن
حضرت جبرائيل، حضور صلي عليہ وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين تہ ”يا رسول ﷲ! جيڪو ٻار بيبي خديجہ جي شڪم مبارڪ ۾ آهي، اها باعظمت نياڻي آهي، جنهن سان اوهان جو نسل هلندو.“
حضور جن تعاليٰ جي بشارت جڏهن بيبي خديجہ سان بيان ڪئي تہ هوءَ تمام گهڻي خوش ٿي. شڪراني جو سجدو ادا ڪيائين. اڳتي هلي بيبي سيده فاطمة الزهرهرضه پيدا ٿي. هي اهو دؤر هو، جڏهن عرب جا ماڻهو نياڻين کي پيدا ٿيندي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙي دور ۾ قدرت دنيا وارن کي عورت جي اهميت ۽ عظمت کان آگاھہ ڪرڻ گهريو ۽ دنيا ڏٺو تہ اڳتي هلي نبي پاڪ جي آل جو سلسلو سيده فاطمة الزهره رضہ جي نسل مان ئي وجود ۾ آيو. حضور جن ۽ بيبي خديجہ پنھنجي نياڻيءَ جي پرورش تي ڀرپور ڌيان ڏنو. حضور صلي عليہ وسلم جن 40 ورهين جي ڄمار ۾ رسالت تي مبعوث ٿيا. ڪجهہ سالن تائين رسول پاڪ دعوت تبليغ کي خفيہ رکيو ۽ وڏين تڪليفن ۽ مخالفتن کي منهن ڏنو. جڏهن کين دين جي کليل نموني دعوت ڏيڻ جو حڪم خداوندي مليو تہ پاڻ کلم کلا دين جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون. دين جي مخالفن جي ظلمن ۽ رسول پاڪ جي قتل جي منصوبي ظاهر ٿيڻ بعد حضرت ابوطالب ڪٽنب سميت ’شعب ابي طالب‘ ۾ منتقل ٿي ويا. بيبي خديجہ بہ اهو وقت ’شعب ابي طالب‘ ۾ گذاريو ۽ سيده فاطمة الزهره رضہ جي ننڍپڻ جو ڳچ عرصو اتي ئي گذريو.
بيبي فاطمة رضہ 5 ورهين جي ٿي، تڏهن ڪافرن طرفان ’شعب ابي طالب‘ جو محاصرو ٽُٽو ۽ هو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽيا. نبوت جي ڏهين سال حضرت ابو طالب رضہ جي وفات ٿي۽ گڏوگڏ بيبي خديجة الڪبريٰ رضہ رحلت فرمائي. بيبي خديجة الڪبريٰ رضہ کي مڪي ۾ ’حجون‘ جبل تي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. انهن ٻن عظيم همدردن ۽ مددگارن جي رحلت حضور صلي عليہ وسلم جن کي سخت مغموم ڪيو ۽ ان ئي سبب جي ڪري ان سال کي ’عام الحزن‘ قرار ڏنو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو