خديجـﺔ الڪبريٰ (امُ المومنين): اُمُ المومنين بيبي خديجة الڪبريٰ جي ولادت 555ع ڌاري مڪي شريف جي معزز قريش خاندان ۾ ٿي. بيبي خديجة الڪبريٰ وڏي ذهين ۽ دولتمند خاتون هئي ۽ پنهنجي پيءُ جو سمورو ڪاروبار پاڻ سنڀاليندي هئي.
بيبي خديجه بنت خويلد بن اسد بن عبدالعزيٰ بن قصٰي، مڪي جي قريش قبيلي جي ممتاز خاتون هئي. سندس والد خويلد، دين ابراهيميءَ جو پيروڪار هو. جڏهن يمن جي بادشاهه ’تبع‘ڪعبة الله مان حجر اسود اکيڙي کڻائي وڃڻ جو ارادو ڪيو، تڏهن خويلد، حجر اسود جي تحفظ لاءِ اٿي کڙو ٿيو. نتيجي طور ’تبع‘ کي پنهنجي ناپاڪ ارادي تان هٿ کڻڻو پيو. تاريخون لکن ٿيون ته جڏهن حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي ڄمار 25 سال هئي، تڏهن اباڻو پيشو تجارت اختيار ڪيائون.
حضور صلي الله عليه وسلم جي حسن اخلاق، ديانت، امانت ۽ صداقت کان مڪي وارا بخوبي واقف هئا، ان ڪري هر سرمائيڪار پنهنجو تجارتي مال کين سپرد ڪرڻ جو خواهشمند هو، انهن سرمائيڪارن ۾ بيبي خديجه بنت خويلد به شامل هئي. هيءَ خاتون مڪي جي مالدار ترين تاجر هئي. سندس نيڪ ڪردار ۽ بلند اخلاق سبب کيس عذرا، طاهره، سيده ۽ ملڪة العرب جي نالن سان سڏيو ويندو هو. وٽس بار بردار اٺن جو وڏو تعداد هو. حضرت ابو طالب عليه السلام، بيبي خديجه سان واپار ۽ معاوضي جو طئي ڪري حضور ؐ جن کي بيبي صاحبه جي غلام ميسره سان گڏ تجارتي مال سان شام روانو ڪيو. تجارتي سفر دوران ميسره ڪيترن عجيب واقعن جو مشاهدو ڪيو. حضور ؐ جن جي حسن تدبر سبب تجارت ۾ کين وڏو مـنافعو ٿيو. جڏهن قافلو تجارت کان فارغ ٿي مڪي پهتو ته ميسره، بيبي خديجة الڪبريٰ سان سفر جو سڄو احوال ڪيو. ان بعد حضور ؐ جن ڪافي وقت بيبي خديجه جي تجارتي قافلن سان ويندا رهيا ۽ تجارت ۾ تمام گهڻي ڪاميابي ماڻيائون. بيبي خديجه سندن ايمانداري، سچائي ۽ ڪردار کان گهڻو متاثر ٿي ۽ کين شاديءَ جو پيغام اماڻيائين. جيڪو پاڻ قبول فرمايائون.
تاريخدانن جي اڪثريت ان ڳالهه تي متفق آهي ته حضور صلي الله عليه وسلم سان شاديءَ وقت بيبي خديجه جي ڄمار 40 سال هئي. شاديءَ وقت بيبي خديجه جو مهر 12 اونس سون ۽ 25 اٺ مقرر ڪيو ويو، جيڪو ان ئي وقت حضور صه جن جي چاچي حضرت ابو طالب ادا ڪيو ۽ نڪاح جو خطبو به پڙهيو.
علامه زرقاني شرح مواهب لدنيه ۾ لکي ٿو ته حضرت ابو طالب جي خطبي کان پوءِ ورقه بن نوفل خطاب ڪندي چيو ته اي اشراف قريش، اوهان ان جا گواهه رهجو ته مون خديجه بنت خويلد کي محمد بن عبدالله سان چار سئو دينار حق مهر تي نڪاح ۾ ڏنو، جيئن ته بيبي خديجه جو والد خويلد بن اسد وفات ڪري چڪو هو، ان ڪري هي نڪاح سندس چاچي عمرو بن اسد جي سرپرستيءَ ۾ ٿيو ۽ نڪاح کانپوءِ حضور ؐ جن جي پاران وليمي جي دعوت ڏني وئي.
حضور جن بيبي خديجه سان بي پناهه محبت ڪندا هئا ۽ بيبي خديجه به سندن ڀرپور احترام ڪندي هئي.
بيبي خديجه نيڪ ۽ روشن فڪر خاتون هئي، جيڪا حضور جن لاءِ سدائين سٺي صلاحڪار ثابت ٿي، ان ڪري ئي حضور ؐ جن سندس باري ۾ فرمايو ته ’خديجه هن امت جي عورتن مان سڀني کان بهترين عورت آهي‘. بيبي خديجة الڪبريٰ تاريخ اسلام جي پهرين خاتون آهي، جنهن سڀ کان اڳ اسلام جي دعوت قبول ڪئي ۽ سندن نبوت جي تصديق ڪئي. پنهنجي بي حساب ملڪيت بنا شرط جي حضور جن جي اختيار ۾ ڏئي ڇڏي. حضور صلي الله عليه وسلم جيئن ئي حق جي تبليغ شروع ڪئي تيئن مڪي جي ڪافرن کين طرحين طرحين جون تڪليفون ڏيڻ شروع ڪيون. طرح طرح جون اذيتون برداشت ڪرڻ کان پوءِ جڏهن گهر تشريف فرما ٿيندا هئا ته بيبي خديجه سندن خدمت ۾ لڳي ويندي هئي. سندس پيار، خدمت ۽ ايثار جي جذبي کي ڏسي کين نئون حوصلو ملندو هو. هوءَ کين هر مصيبت جي وقت تسلي ڏيندي هئي.
بيبي خديجه کي ٻه شهزادا عبدالله ۽ قاسم عطا ٿيا، پر اهي
صغير سنيءَ ۾ وفات ڪري ويا. حضرت امام جعفر صادق عليه السلام جن فرمائين ٿا ته جڏهن کان بيبي خديجه حضور صلي الله عليه وسلم جن سان شادي ڪئي هئي، تڏهن کان مڪي جي عورتن ساڻس قطع تعلقات ڪري ڇڏيا هئا. سي نه بيبي خديجه وٽ اينديون هيون ۽ نه ئي کيس پاڻ وٽ سڏائينديون هيون. ان قطع تعلقات سبب بيبي خديجه اداس رهندي هئي ۽ تنهائيءَ جي عادي بڻجي وئي، جڏهن ٻار سندن شڪم مبارڪ ۾ آيو، تڏهن بيبي خديجه کي تنهائيءَ کان نجات ملي. هڪ ڏينهن
حضرت جبرائيل، حضور صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته ”يا رسول الله! جيڪو ٻار بيبي خديجه جي شڪم مبارڪ ۾ آهي، اها باعظمت نياڻي آهي، جنهن سان اوهان جو نسل هلندو.“
حضور جن الله تعاليٰ جي بشارت جڏهن بيبي خديجه سان بيان ڪئي ته هوءَ تمام گهڻي خوش ٿي. شڪراني جو سجدو ادا ڪيائين. اڳتي هلي بيبي سيده فاطمة الزهرهرضه پيدا ٿي. هي اهو دؤر هو، جڏهن عرب جا ماڻهو نياڻين کي پيدا ٿيندي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙي دور ۾ قدرت دنيا وارن کي عورت جي اهميت ۽ عظمت کان آگاهه ڪرڻ گهريو ۽ دنيا ڏٺو ته اڳتي هلي نبي پاڪ جي آل جو سلسلو سيده فاطمة الزهره رضه جي نسل مان ئي وجود ۾ آيو. حضور جن ۽ بيبي خديجه پنهنجي نياڻيءَ جي پرورش تي ڀرپور ڌيان ڏنو. حضور صلي الله عليه وسلم جن 40 ورهين جي ڄمار ۾ رسالت تي مبعوث ٿيا. ڪجهه سالن تائين رسول پاڪ دعوت تبليغ کي خفيه رکيو ۽ وڏين تڪليفن ۽ مخالفتن کي منهن ڏنو. جڏهن کين دين جي کليل نموني دعوت ڏيڻ جو حڪم خداوندي مليو ته پاڻ کلم کلا دين جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون. دين جي مخالفن جي ظلمن ۽ رسول پاڪ جي قتل جي منصوبي ظاهر ٿيڻ بعد حضرت ابوطالب ڪٽنب سميت ’شعب ابي طالب‘ ۾ منتقل ٿي ويا. بيبي خديجه به اهو وقت ’شعب ابي طالب‘ ۾ گذاريو ۽ سيده فاطمة الزهره رضه جي ننڍپڻ جو ڳچ عرصو اتي ئي گذريو.
بيبي فاطمة رضه 5 ورهين جي ٿي، تڏهن ڪافرن طرفان ’شعب ابي طالب‘ جو محاصرو ٽُٽو ۽ هو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس موٽيا. نبوت جي ڏهين سال حضرت ابو طالب رضه جي وفات ٿي۽ گڏوگڏ بيبي خديجة الڪبريٰ رضه رحلت فرمائي. بيبي خديجة الڪبريٰ رضه کي مڪي ۾ ’حجون‘ جبل تي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. انهن ٻن عظيم همدردن ۽ مددگارن جي رحلت حضور صلي الله عليه وسلم جن کي سخت مغموم ڪيو ۽ ان ئي سبب جي ڪري ان سال کي ’عام الحزن‘ قرار ڏنو ويو.