خراسان

خراسان

خراسان

خراسان (Khorasan): خراسان هڪ قديم تاريخي خطو آهي، جنهن ۾ موجودہ ايران جا اتر ۽ اوڀر وارا حصا ۽ اتر افغانستان، ترڪمانستان ۽ ازبڪستان جا ڏکڻ وارا علائقا شامل آهن. خراسان، پارسيءَ جي ’خور‘ لفظ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ’سِجُ‘، ۽ ’سان‘ جي معنيٰ آهي: ’اچڻ/ اڀرڻ‘، تنهنڪري ان لفظ جي معنيٰ ’سج اڀرڻ جي سرزمين‘ ٿيندي.
خراسان اصل ۾ ڪجهہ اهم شهرن تي مشتمل هو، جن ۾ نيشاپور، تَس (اڄوڪي ايران جو شھر)، بلخ ۽ هرات (افغانستان)، مَرووُ (ترڪمانستان) ۽ سمرقند، بخارا (ازبڪستان) اچي وڃن ٿا. ماضيءَ ۾ خراسان جو خطو تمام وسيع هو، جنهن جي اتر ۾ ٽرئنسوڪيسنا، اتر اولھہ ۾ ڪئسپين سمنڊ، ڏکڻ ۾ ’سِتان‘ ۽ ’هندوڪش جبلن جي قطار ۽ اوڀر ۾ افغانستان شامل هو. عرب جاگرافيدانن مطابق خراسان جون سرحدون قديم هندستان توڙي سنڌو ماٿريءَ تائين پکڙيل هيون. قنڌار جي 14 کان 16 صديءَ جي رپورٽ موجب غزني ۽ ڪابل جا شھر خراسان ۽ هندستان جي وچ ۾ سرحد ٺاهيندا هئا. اسلامي دور حڪومت ۾ پرشن عراق ۽ خراسان عظيم ايـران جــون ٻہ اهـم ريـاسـتـون هـيـون. غـزنـويـن، سـلـجوقين (Seljuqs) ۽ تموردين (Timurids) پنھنجي شهنشاهت کي خراساني ۽ عراقي علائقن ۾ ورهايو. ابتدا ۾ ساساني شهنشاهت جي خراسان صوبي ۾ نيشاپور، هرات، مرَورو، فرياب، تالوقان، بلخ، بخارا، گرجستان ۽ تَس شھر شامل هئا. اسوين ۽ عباسي خليفن جي دور حڪومت ۾ خراسان کي چئن وڏن حصن ۾ ورهايو ويو، جنهن جي چئني پاسي هڪ هڪ وڏو شھر شامل هو. اهي چار وڏا شھر نيشاپور، هيرو، هرات ۽ بلخ هئا. افغاستان جون موجودہ رياستون ’خراسان‘ جو گهڻو حصو ٺاهينديون هيون، قديم خراسان جي چئن اهم گاديءَ جي هنڌن مان ٻہ اڄوڪي افغانستان ۾ آهن.
غلام محمد گوبر پنھنجي ڪتاب ۾ خراسان کي ٻن قسمن ۾ ورهايو آهي: ’خاص خراسان‘ (Proper Khorasan)، ۽ ’عام خراسان‘ (Improper Khorasan). خاص خراسان جي اوڀر ۾ ’بلخ‘، اتر ۾ مَروو‘، ڏکڻ ۾ ’سيستان‘، اولھہ ۾ ’نيشاپور‘ ۽ ’هرات‘ شامل آهن، جڏهن تہ عام خراسان جون سرحدون اوڀر ۾ ڪابل کان غزني، ڏکڻ ۾ سيستان ۽ زبلستان، اتر ۾ ٽرئنسوڪسنا (Transoxiana) ۽ خوارزم اولھہ ۾ دامگن ۽ گورجن شامل آهن.
330 ق. م ۾ سڪندراعظم جي خراسان کي فتح ڪرڻ کان پهرين خراسان ’اڪامينن شهنشاهت‘ جو حصو هو ۽ ان کان بہ اڳ ان تي ميدن
(Meads) جو قبضو هو. ان وقت خراسان کي ’آريانا‘ چيو ويندو هو، جيڪو علائقو عظيم ايران (Great Iran) ٺاهيندو هو. اتي جا اڪثر ماڻهو زردشت جا پوئلڳ هئا. ’آريانا‘ جو ڏکڻ اوڀر وارو حصو پهرين صدي ق. م ۾ ’خُشن‘ شهنشاهيت جي قبضي هيٺ اچي ويو. خُشن حڪمرانن، هندوڪش ۽ ويجهن علائقن (جيڪو هن وقت افغانستان آهي) ۾ ٻڌ ڌرم متعارف ڪرايو، ٻڌ ڌرم جا ڪيترا مندر شھر افغانستان مان دريافت ٿيا آهن. آهستي آهستي خطي جون سرحدون تبديل ٿيڻ لڳيون، ايستائين جو ’ڪشن‘ ۽ ’ساساني‘ علائقا گڏجي ’ڪشن ساساني تھذيب‘ سڏجڻ لڳا.
ساساني دؤر ۾ فارسي شهنشاهت چئن حصن ۾ ورهائي وئي. اولھہ ۾ خواروار، اتر ۾ بختار، ڏکڻ ۾ نيمروز ۽ اوڀر ۾ خراسان، جنهن جي ويجهو سنڌ ۽ هند هئا. پرسيا جي آخري ساساني شهنشاھہ ’يزد گرد III‘ شهنشاهيت جي اولھہ وارن علائقن ۾ عربن جي حملي کان پوءِ پنهنجو تخت گاھہ خراسان ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو. هن جي قتل کان پوءِ خراسان کي 746 ق.م ۾ مسلمانن فتح ڪيو ۽ ٻين صوبن وانگر اهو بہ اميه گهراڻي جي صوبن جو حصو ٿي ويو. عربن جي حملي خلاف پهرين تحريڪ جي اڳواڻي 747ع کان 750ع تائين ابو مسلم خراسانيءَ ڪئي. هن عباسين کي طاقت وٺرائڻ ۾ مدد ڪئي. خراسان ۾ پهرين آزاد بادشاهت 821ع ۾ طاهر قوشنجيءَ قائم ڪئي، پر ان ۾ گهڻا سياسي ۽ علائقائي مفاد شامل هئا.
خراسان جي ٻين اهم آزاد گهراڻن ۾ سفاردي (1003-861)، سماني (999-875)، غزنوي (1167-963)، سيلڪدي (1194-1037)، خوارزمي (1231-1077)، غوري (1212-1149) ۽ تمري (1506-1370) شامل آهن. انهن مان گهڻا گهراڻا فارسي نہ هئا، ان هوندي بہ هو فارسي ٻوليءَ جا حامي هئا. خراسان جي تاريخ ۾ غزنوين ۽ ترمدين جا دور بھترين سمجهيا وڃن ٿا. انهن دورن ۾ ثقافتي حوالي سان وڏي سجاڳي آئي. ڪيترا نامور فارسي شاعر، سائنسدان ۽ عالم هن دور سان تعلق رکندا هئا. نيشاپور، هرات، غزني ۽ مَروو ان تهذيبي ۽ ثقافتي ترقيءَ جا مرڪز هئا. 16 کان 18هين صديءَ تائين خراسان تي صفوي شيعا گهراڻي حڪومت ڪئي، جڏهن تہ اوڀر ۽ اولھہ ۾ سني مغل شهنشاهت جي حڪومت هئي. 1747ع ۾ نادر شاھہ افشار جي قتل کان پوءِ خراسان کي دراني شهنشاهت سان ملايو ويو، جيڪو اڄ جو افغانستان آهي. اوڻويهين صديءَ جي شروع ۾ خراسان جا اولھہ وارا علائقا پرسيا جي ’قجر‘ علائقي جي قبضي ۾ اچي ويا، جيڪي اڄ بہ جديد ايران جا حصا آهن.
خراسان جو خطو تھذيب ۽ ثقافت جي حوالي سان عظيم ايران ۾ وڏي اهميت وارو هو. نئين پارسي ادب کي خراسان ۽ ٽرئنسوڪنا ۾ وڏو فروغ مليو. اوائلي فارسي شاعر رودڪي، شاهد بلکي، ابوالعباس مروازي، ابو حفس سعدي خراسان جا شاعر هئا، ان کانسواءِ ’شاهنامه‘ جو عظيم ليکڪ فردوسي بہ خراسان جو هو. 13هين صديءَ ۾ هنگولن جي تباھہ ڪندڙ حملن تائين خراسان فارس جو ثقافتي دارالحڪومت رهيو. ابو علي سينا، البيروني، عمر خيام، الخوارزمي وغيرہ جھڙا عظيم مسلم سائنسدان بہ خراسان سان تعلق رکندا هئا. ان کان سواءِ اسلامي محدث ۽ عالم جھڙوڪ: امام مسلم، امام بخاري، ابو حنيفه، احمد بن حنبل، ابو دائود وغيرہ جو بہ خراسان سان تعلق هو.


لفظ خراسانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو