خرقو/ چوغو: ڊگهين ٻانهن واري پيرن تائين ڊگهي چولي کي خرقو سڏيو ويندو آهي. خرقو اڪثر سياري ۾ پائبو آهي. خرقي جو هڪ قسم لبادو به سڏبو آهي. جيڪو اونهاري ۾ پائبو آهي. خرقي جو ٻيو قسم چوغو آهي، جيڪو ٻنهي مندن ۾ پائبو آهي.
خرقو يا خرقه، اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو اصطلاح آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڪپڙي جو ڦاٽل ٽڪرو‘. خرقو اوني ڪپڙي جو جامو ٿيندو آهي، جيڪو فقيراڻو لباس آهي ۽ اڳڙين ٿڳڙين ۽ چتين مان ٺاهيو ويندو آهي. هن کي درويشي لباس به چوندا آهن، هيءُ فقر ۽ قناعت جي علامت سمجهيو ويندو آهي. صوفين جو خاص اوني لباس ۽ ٻن قسمن جو خرقو ٿيندو آهي: هڪڙو ارادت يا عقيدتمنديءَ جو ۽ ٻيو برڪت جو خرقو، جنهن کي فروبرڪ چيو ويندو آهي. ’خرقي اوڍائڻ‘ جو اصطلاح ڪنهن مرشد پاران عقيدتمند کي خليفو مقرر ڪرڻ يا مريد ڪرڻ وقت ڪتب ايندو آهي.