خريف جي موسم: خريف يا ڪَتيءَ جي موسم 15 اپريل کان پوءِ شروع ٿئي ٿي ۽ 30 جولاءِ تائين هلي ٿي. هن مند جو فصل پوکيءَ کان پنجن يا ڇھن مهينن اندر تيار ٿي ويندو آهي ۽ خريف جي فصل جو لابارو سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهيني ۾ ٿيندو آهي. خريف جي فصلن ۾ ڪپھہ، چانور، مڪئي، جوئر، ٻاجهري، مُڱ، ماش، گوار، سويابين، بوهي مُڱ، ديسي سڻي، جنتر، توري، ڀينڊي، ڪريلو، گدرا ۽ هنداڻا (ڇانهين) وغيرہ شامل آهن.