خشتي حويلي: ٺٽي جي تاريخي ماڳن مان خشتي حويلي بہ هڪ آهي. ڪتاب ’ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ ۾ پير حسام الدين راشديءَ لکيو آهي تہ: ”ٺٽي ۾ غله بازار (اناج بازار) جي ويجهو خشتي حويلي پنھنجي حسن ۽ خوبيءَ سبب گهڻو مشھور هوندي هئي. خشتي حويلي غالباً انهيءَ ڪري سڏجڻ ۾ آئي، جو اها سڄي پڪسري هئي. انهيءَ حويليءَ جي ڪنڊ ۾ سيد ابراهيم شھيد جي مزار هئي. 1190ھہ بمطابق 1776ع تائين انهيءَ حويليءَ جا آثار موجود هئا، ڪنهن جي هئي ۽ ڪهڙي دور ۾ ٺهي، اها اڃا تحقيق طلب ڳالھہ آهي“.