خُشڪ (ذات): خشڪ ذات جو پسمنظر هن ريت بيان ڪيو وڃي ٿو ته بلوچستان ۾ بليدا ماٿريءَ ۾ ڇهن ڳوٺن مان هڪڙي ڳوٺ جو نالو ’خشڪ‘ هو، ان خشڪ ڳوٺ جي رهائشي نسبت سان اتي رهندڙ ذات جا ماڻهو ’خشڪ‘ سڏيا ويا. ايس. صادق ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ خشڪن کي رندن جي پاڙي مان ڏيکاريو آهي. ڪن محققن کين جتوئي ذات جي نکن ۾ شامل ڪيو آهي. انگريز سرڪار 1911ع ۽ 1931ع جي آدمشماري پڌرنامي ۾ توڙي رچرڊ برٽن، خشڪن کي ’سماٽي جت‘ ڄاڻايو آهي. خشڪ سرائيڪي ۽ جتڪي زبان ڳالهائين ٿا، جنهنڪري ’سرائي‘ به سڏجن ٿا. خشڪ ذات جا ماڻهو سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جهڙوڪ نوابشاهه، ٺٽي، دادو ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۽ ٻين هنڌن تي رهن ٿا.