خشڪسالي، سوڪهڙو
خشڪسالي، سوڪهڙو
خشڪسالي (سوڪهڙو/Drought): دنيا جي ڪنهن به حصي ۾ سالن جا سال برسات نه پوي ۽ اتي پاڻيءَ جي اڻ هوند ٿئي ته اهو خطو خشڪساليءَ جو شڪار بڻجي وڃي ٿو. عام طور خشڪ سالي معمول کان گهٽ برسات پوڻ جي ڪري ٿيندي آهي، جنهنڪري فصل تمام گهڻو متاثر ٿيندا آهن ۽ ٻي جيوَت تي پڻ خراب اثر پوندا آهن. سنڌ اندر خشڪ ساليءَ جو گهڻو شڪار اڪثر ٿرپارڪر وارو خطو ٿيندو رهيو آهي، جتي پاڻيءَ جي کوٽ ۽ برساتن نه پوڻ سبب ڪيترائي ڀيرا وڏا ڏڪار پيا آهن. ان ڏس ۾ ’ڇپنو ڏڪار‘ (سنبت 1956 مطابق 1899ع) هن ڏڪار ۾ هزارين سوين ماڻهو ۽ جانور جانور اجل جو شڪار ٿي ويا هئا. ٿر ۾ مسلسل خشڪ سالين سبب فصلن ۽ پوکن جي نه ٿيڻ ڪري، هاري ۽ مالوند ماڻهن ۾ لڏ پلاڻ پڻ شروع ٿي ويندي آهي.
خشڪ ساليءَ وارو آبهوا جو هي عمل قديم آهي. خشڪ ساليءَ جي واقعن جو ذڪر سمورن قديم مذهبي ڪتابن ۾ به ملي ٿو. انجيل ۾ به خشڪ ساليءَ جو ذڪر، حضرت يوسف جي مصر ۾ اچڻ ۽ بني اسرائيل قوم جو لڏڻ، اهڙن موسمي واقعن ڏانهن اشارو ڪن ٿا. خود سنڌو تهذيب جي برباد ٿيڻ جو سبب جتي زلزلا ٻڌايا وڃن ٿا، اتي سنڌو درياهه جو رخ بدلائڻ ۽ برساتن جو نه پوڻ به هڪ اهم سبب رهيو آهي. انسان جي ارتقا ڪن عالمن جي نظر ۾ آفريڪا ۾ ڄاڻائي وئي آهي، پر انسان جي اتان نڪري دنيا جي ٻين خِطن ۾ پکڙجڻ جو ڪارڻ پڻ خشڪ سالي هو. اها 13500 سال اڳ جي تاريخ آهي.
موسميات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ زماني ۾ ماحولياتي ۽ موسمي اثرن سبب هماليه سلسلي جي ندين جي ڪناري آباد گهٽ ۾ گهٽ 2.4 بلين ماڻهو، جن ۾ ڀارت، چين، پاڪستان، نيپال ۽ برما وغيره اچي وڃن ٿا. خشڪساليءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. هندستان ۽ پاڪستان ۾ خشڪ ساليءَ اچڻ سان گنگا ۽ سنڌو نديءَ تي وڏا اثر پوندا. ڇاڪاڻ ته انهن ندين جي خشڪ ٿيڻ سان هڪ ملين ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي. 2006ع جي هڪ سروي رپورٽ موجب ٿوري عرصي ۾ ٻيلا ختم ٿي ويندا، جيڪا ماحولياتي بگاڙ جي بد ترين صورتحال ثابت ٿيندي. ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت بابت ڪم ڪندڙ اداري W.W.F جي هڪ رپورٽ موجب ٻيلن ۾ وڻن جي سڪڻ سبب نه صرف خشڪ ساليءَ ۾ اضافو ٿيندو، پر سڪل وڻن جي گاٺ، باهه جو سبب ڪارڻ بڻبي، خشڪ ساليءَ سبب آفريڪا کنڊ به صحرا ۾ تبديل ٿي رهيو آهي.