خضدار: خضدار بلوچستان صوبي ۾ قلات ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ شھر آهي. خضدار جي اتر ۾ ضلعو قلات، ڏکڻ ۾ ضلعو لسٻيلو ۽ ضلعو گوادر واقع آهن. خصدار جي اوڀر ۾ دادو، اولھہ ۾ ضلعو قلات، ضلعو خاران، ضلعو پنجگور ۽ ضلعو تربت آهن. هيءُ ضلعو گهڻي ڀاڱي جابلو علائقو آهي. ضلعي جي اوڀر ۾ کيرٿر ۽ پٻ جبلن جا سلسلا آهن. هن ضلعي جون مشھور نئيون ڪولاچي، پورالي، نالِي ۽ بينگوال آهن. هتي جا ماڻهو نهايت جفاڪش ۽ محنتي آهن. جانور پالڻ، ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ ننڍو وڏو ڪاروبار سندن گذرسفر جا اهم ذريعا آهن. ربيع (چيٽ) جي موسم ۾ ڪڻڪ، بصر، مٽر، ٿوم ۽ خريف (ڪتيءَ) جي موسم ۾ چانور، کجور، مڱ، جوئر ۽ ماش پوکيندا آهن. لذيذ ميوا، انگور، بادام، صوف، ڇانهيون، ناسپاتيون ۽ ڏاڙهون هتي جام ٿيندا آهن. هيءُ علائقو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. هتي بيرائيٽ، مينگنا سائيٽ، ڪرومائيٽ ۽ ٻين ڪيترين معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. هتي خشڪ موسم جي ڪري، آبپاشيءَ جي لاءِ ٽيوب ويلن ۽ ڪاريزن تي گهڻو انحصار ڪيو وڃي ٿو. خضدار جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حوالي سان وڏي اهميت آهي. خضدار بلوچستان صوبي جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو ۽ شھر آهي، ان کان سواءِ قلات ڊويزن جو هيڊڪوارٽر بہ آهي. خضدار، ملڪ جي آر. سي. ڊي قومي شاهراھہ تي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي وچ تي آباد آهي. خضدار چار سو سال قبل مسيح ۾ آباد ٿيو. هن جو اصل نالو توران آهي، جنهن جي معنيٰ ’ڪپھہ پيدا ڪرڻ وارو شھر‘ آهي. خضدار ڪپھہ پيدا ڪرڻ ۾ مشھور آهي. خضدار ۾ ٻن اصحابه ڪرام جون مزارون چيون وڃن ٿيون. خضدار جهالاوان جي نالي سان بہ مشھور آهي، جنهن جي معنيٰ مهمان نوازي آهي. خضدار جي آبادي نو لک جي لڳ ڀڳ آهي ۽ پنجن تعلقن: خضدار، وڍ، نال، زهري ۽ ڪرخ تي مشتمل آهي. خضدار سردين ۾ سرد ۽ گرمين ۾ گرم آهي. خضدار ۾ اڪثر ماڻهو براهوي زبان ڳالهائين ٿا، پر هتان جي مادري ٻولي بلوچي آهي. سنڌ ويجهو هئڻ سبب هتان جي ماڻهن جي سنڌ سان وابستگي ۽ اچڻ وڃڻ رهي ٿو. خضدار ۽ دادوءَ جي بارڊر گڏيل آهن. رقبي جي لحاظ کان خضدار ملڪ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي. بلوچستان جا اڪثر وڏا سردار هتي رهن ٿا، جن ۾: سردار عطاءُ ﷲ مينگل، سردار نصر ﷲ ساسولي، سردار اسلم بزنجو ۽ ٻيا شامل آهن. سياسي حوالي کان پونم جي اڳوڻي سربراھہ سردار عطاءُ ﷲ مينگل، مير غوث بخش بزنجي، سردار ثناءُ ﷲ زهريءَ، مير حاصل بزنجي، مير اسرار زهريءَ ۽ سردار اختر جان مينگل جو تعلق خضدار سان آهي.
خضدار جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، مھر ڳڙھہ جا قديم آثار ٻڌائين ٿا تہ خضدار پٿر ۽ ٽامي واري دور ۾ بہ آباد هو. سنڌو تھذيب جا ڪيترائي ماڳ هتي ملن ٿا، جن جو تفصيلي ذڪر ’بلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ڪتاب ۾ موجود آهي.
24ھہ/ 644ع ۾ حضرت عمررضه جي دؤر ۾ بلوچن اسلام قبول ڪيو. ان کان سواءِ هيءُ علائقو امير معاويه، ناصر الدين، التمش، قباچه، سبڪتگين ۽ خليفي منصور جي ماتحت بہ رهيو آهي. قديم فارسي ادب ۾ خضدار جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو. فارسيءَ جي مشھور شاعرہ رابعا خضدار جا شعر بہ خضدار جي تذڪرن ۾ موجود آهن، جنهن جي مزار خضدار شھر جي هڪ ننڍي پهاڙيءَ تي آهي. شھر ۾ موجود ’خضدار قلعو‘ بہ ماضيءَ جو اهم يادگار آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ۾ سر ڪوهياريءَ تي بحث ڪندي لکيو آهي تہ رسالي ۾ سسئيءَ جو ’سُر ڪوهياري‘، خضدار (ڪوهستان) واري ايراضيءَ جي مقامي ۽ آڳاٽي موسيقيءَ جو يادگار آهي. هن جي خيال ۾ ڪوهيار لفظ خضدار مان ورتو ويو آهي. خضدار شهر، ڪراچيءَ کان 240 ميلن ۽ ڪوئيٽا کان 200 ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. شھر جي ڪل ايراضي 20 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ سرڪاري دفترن جو علائقو سول لائينز جي نالي سان مشھور آهي. هتي ريڊيو اسٽيشن، ايئرپورٽ، ٽيليفون ايڪسچينج، وائرليس ۽ ٽيلي پرنٽر جون سهولتون موجود آهن. هتي موسميات کاتي جو دفتر پڻ آهي. ان کان سواءِ دبئي حڪومت جي تعاون سان تعمير ٿيل خوبصورت جامع مسجد بہ آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ ڪاليج، هاءِ اسڪول، ماڊل پبلڪ اسڪول ۽ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج پڻ آهي. هتي براهوي زبان ۾ هڪ هفتيوار ’ايلم‘ نالي رسالو بہ نڪري ٿو.