خضري مسجد

خضري مسجد (ماڳ): هيءَ مسجد شاهي بازار ٺٽي ۾ موجود آهي، جيڪا سرن جي اڏيل ۽ ڪاشيءَ جي سرن سان سينگاريل آهي. محراب تي موجود لکت موجب هيءَ مسجد نواب عبدالرزاق مظفر خان 1022هه/ 1613ع ۾ گورنر ٿيڻ کان اڳ ۾ تعمير ڪرائي هئي. مسجد پنهنجي سٽاءَ ۾ هم چورس آهي ۽ ان جي هر پاسي جي ماپ 53 فوٽ آهي. چوڌاري اوچي ڀت جي چؤديواريءَ اٿس. آڏو واري اڱڻ جي اوڀر-ڏکڻ واري ڪنڊ کان ونگ تي ننڍو قبي جهڙو لنگهه (domed-entrance) آهي، جيڪو بازار ڏانهن کلي ٿو، مکيه ٿنڀي کان اولهه پاسي تي ونگن سان ٻاريون آهن، جن کي ڪاشيءَ سان سينگاريو ويو آهي، آرائش ۾ ٽي رنگ ڪتب آندا ويا آهن، گهاٽو نيرو، هلڪو نيرو ۽ سفيد. ڪنارين تي پن ول جو گڏوچڙ چٽ آهي ۽ نيري ڏوريءَ کي لڙهيءَ وانگر استعمال ڪيو ويو آهي. مرڪز ۾ اڀين قطارن جي صورت ۾ مانڌاڻي نموني جو چٽ ڪتب آندو ويو آهي. اندر واريون مانڌاڻيون سفيد، هلڪي نيري ۽ گهاٽي نيري رنگ جون آهن.
مسجد کي اوڀر طرف اتاهين مهاڙي (Facade) آهي، وچيون حصو پاسن کان وڌيڪ مٿي وڌيل آهي ۽ ان ڪري حجري تي اڏيل ٽي قبا ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن. مٿي اتاهين مهاڙيءَ هيٺان ونگن سان ٽي ٿنڀا آهن، وچيون ٿنڀو، پاسن وارن ٿنڀن کان وڏو آهي ۽ هر هڪ ونگ مستطيل اڏاوت جي هيٺان آهي. ونگن جي هيٺئين پاسي تي ڦڪي پٿر جا وٿين تي ڇهه ٿنڀا آهن. وچين ونگ جي نُڪرن تي ڪاشيءَ جي آرائش ٿيل آهي ۽ هيٺان وٿيءَ تي ٻه ٿنڀا لڳل آهن. نُڪرن جي سنجٽ خاص سنڌي نموني جي آهي. هلڪي نيري رنگ جي تَرَ تي، سفيد رنگ ۾ گل ٻوٽي جي طرز جي چٽسالي ڪئي وئي آهي، جيڪا اکڙي چٽ جي چوڌاري ڦري ٿي اچي. جڏهن ته خاڪو سفيد رنگ ۾ ۽ ڀرائي نيري رنگ جي آهي.
نماز واري جڳهه کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. وچ وارو ڀاڱو وڏو آهي. پاسن وارا ننڍا ڪمرا هم چورس آهن، جن مٿان ننڍا قبا ٺهيل آهن. وچئين هم چورس ڪمري کي ڪنڊن تي ڇڪون ۽ لڏڪڻا هڻي اٺ ڪنڊو بنايو ويو آهي. وڌيڪ ڇڪون هڻي ان کي اڃا به گول دائري جي شڪل ۾ آندو ويو آهي ته جيئن قبي جي اڏاوت لاءِ بنياد بڻجي سگهي. اهڙيءَ ريت اٺ ڪنڊي ڏيڍيءَ جي مٿئين پاسي تي گنبذ تعمير ڪيو ويو آهي. وچ وارو محراب اڌ اٺ-ڪنڊو آهي، ان جي ڇت وٽ ماکيءَ جي ماناري جهڙي چٽسالي آهي. ان جي خاص خوبي اها آهي ته درين ۾ هوا اچڻ واسطي ٽي منگهه جوڙيا ويا آهن. ساڳيءَ ريت پاسن وارن حجرن ۾ ٺاهيل محرابن ۾ هڪ هڪ هوائي منگهه لڳل آهي. نماز واري حجري ۾ ونگن جي هيٺئين پاسي تي وٿيون رکي ٿنڀا هنيا ويا آهن. بنيادن تي ڪيل ڪاشيءَ جو سنجٽ ختم ٿي چڪو آهي، البت مٿئين پاسي تي ڪاشيءَ جي چٽساليءَ جا ڪجهه نمونا بچيل آهن. هيءَ مسجد مغل دور جي هڪ اهم ۽ خاص اڏاوت آهي.


لفظ خضري مسجدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو