خضر عليه السلام: هڪ مشهور بزرگ. حضرت خضر عليه السلام جي شخصيت ۽ زندگي بابت اختلافي روايتون ملن ٿيون جن موجب ڪن جو خيال آهي ته حضرت خضرعه نبي هو ته ڪي ان کي ولي قرار ڏين ٿا. حضرت خضر جي نبي هجڻ جي ثبوت ۾ عام طور سورة ’الڪهف‘ جون چار آيتون دليل طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:
(1) اٰتَيْنٰهُ رَحْمَةً مِّنْ عِنْدِنَا (سورة الڪهف آيت: 65): (اسان هن (خضر) کي پنهنجي طرفان رحمت عطا ڪئي). هتي رحمت مان مراد نبوت ورتي وڃي ٿي.
(2) وَعَلَّـمْنٰـهُ مِنْ لَّدُنَّا عِلْمَاً (سورة الڪهف آيت: 65): (اسان کيس پنهنجي طرفان لُدني علم سيکاريو.) هي علم به نبوت جي شان تي دلالت ڪري ٿو.
(3) حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت خضر کي چيو: هَلْ اَتَّبِعُكَ عَلىٰۤ اَنْ تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا (سورة الڪهف آيت: 66): (ڇا آءٌ اوهان سان گڏ هلان ان شرط تي ته توهان مون کي پنهنجي هدايت واري (باطني) علم مان ڪجهه سيکاريو).
(4) وَمَا فَعَلْتُه عَنْ اَمْرِىْ (سورة الڪهف آيت: 82) (حضرت خضر عليه السلام وراڻيو ته مون هيءُ سڀ ڪجهه پنهنجي حڪم سان نه ڪيو آهي.) [حوالو: تفسير مواهب الرحمٰن، ص 16-10]
ڪن روايتن ۽ عقيدن موجب حضرت خضر عليه السلام اڃا تائين زنده آهي ۽ خدا تعاليٰ کيس درياهن ۽ سمونڊن تي وَسُ عطا ڪيو آهي ۽ هو صُور ڦوڪجڻ تائين زنده رهندو. امام بخاريءَ جي روايت موجب حضرت موسيٰ عليه السلام هڪ ڏينهن بني اسرائيل جي اجتماع کي خطاب ڪري رهيو هو ته هڪ ماڻهوءَ سوال ڪيو ته ”ماڻهن ۾ سڀ کان وڏو عالم ڪير آهي؟“ حضرت موسيٰ عليه السلام جواب ڏنو ته آئون. ان تي الله تعاليٰ، حضرت موسيٰ عليه السلام تي ناراض ٿيو ۽ کيس وحيءَ ذريعي پيغام موڪليائين ته هو ’مجمع البحرين‘ جي مقام تي هڪ شخص سان وڃي ملي، جيڪو هن کان وڏو عالم آهي ۽ گڏوگڏ کيس اهو به حڪم مليو ته ڳوٿريءَ ۾ هڪ مڇي کڻي وڃي، جتي مڇي گم ٿي وڃي. اُتي سندس اُن شخص (حضرت خضر عليه السلام) سان ملاقات ٿيندي.
حضرت موسيٰ عليه السلام پنهنجي خادم سان گڏ سفر تي روانو ٿيو. جنهن جي منزل مجمع البحرين هئي. اتي کيس حضرت خضر عليه السلام مليو. حضرت موسيٰ عليه السلام هن سان گڏ هلڻ جي اجازت طلب ڪئي ته جيئن هو سندس باطني علم مان فائدو حاصل ڪري سگھي، ان تي حضرت خضر عه، حضرت موسيٰ عليه السلام کي تاڪيد ڪئي ته هو ان کان ڪنهن به ڳالهه جي تشريح طلب نه ڪندو ۽ اهو به چيائين ته ٿي سگهي ٿو ته تون منهنجو ساٿ ڏئي نه سگھين. بهرحال سفر دوران حضرت خضر عليه السلام هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو، هڪ ڇوڪري کي قتل ڪيو ۽ هڪ ڪِرندڙ ڀت جي تعمير ڪئي، جنهن تي حضرت موسيٰ عليه السلام صبر ڪري نه سگھيو ۽ نيٺ انهن عملن جي وضاحت پُڇي ويٺو. جنهن تي حضرت خضر عليه السلام فرمايو ته: ”مون اڳيئي چيو هو ته تون صبر نه ڪري سگھندين“. نيٺ حضرت خضر عه، حضرت موسيٰ عه جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ ويندي وقت پنهنجن عملن جي تشريح ڪندي کيس ٻڌايو ته: ”جنهن ٻيڙيءَ ۾ مون سوراخ ڪيو، اها ڪن غريبن جي هئي ۽ ان وقت اتي هڪ ظالم بادشاهه پڄڻ وارو هو، جيڪو اتي پڄي سڀني جون ٻيڙيون کڻائي وڃي ها، پر هن سوراخ واري ٻيڙي ڏسي ڇڏي ڏني. ٻيو ته جنهن ڇوڪر کي قتل ڪيو ويو، ان جا والدين مؤمن هئا، هيءُ ڇوڪرو وڏو ٿي، مشرڪ بڻجي، والدين جو نافرمان ٿئي ها، پر هاڻي ان جي بدران خدا کين اهڙو پٽ عطا ڪندو، جيڪو نيڪ هوندو. ڳوٺ ۾ ڪِرندڙ ڀِت کي ان ڪري مضبوط ڪيم، جو ان ڀت هيٺان ٻن يتيم ڇوڪرن جو خزانو پوريل هو، جيڪڏهن اها ڀت ڪِري ها ته ڳوٺاڻا سندن خزانو کڻي وڃن ها.“
’مجمع البحرين‘ جي باري ۾ به عالمن جو اختلاف آهي.
ڪي مفسر چون ٿا ته حضرت موسيٰعه جڏهن ان هنڌ بابت سوال ڪيو ته کيس فرمايو ويو ته هڪ درياهه. آزربائيجان کان ۽ ٻيو يمن ۽ عدن کان اچي، جنهن هنڌ ملي، بحر قلزم ۾ پوندا آهن، ان هنڌ کي مجمع البحرين چون ٿا. ڪن مؤرخن موجب اها جاءِ باب المندب آهي، جتي هندي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ اچي ملندا آهن. ڪن اهو مقام طنجه (مراڪش) جي ويجھو ڄاڻايو آهي، جتي بحيره روم ۽ بحر اوقيانوس ملن ٿا، ته وري ڪن جي خيال ۾ اهو بحر قلزم ۽ بحر اردن جي ميلاپ وارو هنڌ آهي.
(ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا/ تاريخ اسلام: سيد نجم الدين ڪراروي)