خضر عليہ السلام: هڪ مشھور بزرگ. حضرت خضر عليہ السلام جي شخصيت ۽ زندگي بابت اختلافي روايتون ملن ٿيون جن موجب ڪن جو خيال آهي تہ حضرت خضرعه نبي هو تہ ڪي ان کي ولي قرار ڏين ٿا. حضرت خضر جي نبي هجڻ جي ثبوت ۾ عام طور سورة ’الڪهف‘ جون چار آيتون دليل طور پيش ڪيون وڃن ٿيون:
(1) اٰتَيْنٰهُ رَحْمَةً مِّنْ عِنْدِنَا (سورة الڪهف آيت: 65): (اسان هن (خضر) کي پنھنجي طرفان رحمت عطا ڪئي). هتي رحمت مان مراد نبوت ورتي وڃي ٿي.
(2) وَعَلَّـمْنٰـهُ مِنْ لَّدُنَّا عِلْمَاً (سورة الڪهف آيت: 65): (اسان کيس پنھنجي طرفان لُدني علم سيکاريو.) هي علم بہ نبوت جي شان تي دلالت ڪري ٿو.
(3) حضرت موسيٰ عليہ السلام، حضرت خضر کي چيو: هَلْ اَتَّبِعُكَ عَلىٰۤ اَنْ تُعَلِّمَنِ مِمَّا عُلِّمْتَ رُشْدًا (سورة الڪهف آيت: 66): (ڇا آءٌ اوهان سان گڏ هلان ان شرط تي تہ توهان مون کي پنھنجي هدايت واري (باطني) علم مان ڪجهہ سيکاريو).
(4) وَمَا فَعَلْتُه عَنْ اَمْرِىْ (سورة الڪهف آيت: 82) (حضرت خضر عليہ السلام وراڻيو تہ مون هيءُ سڀ ڪجهہ پنھنجي حڪم سان نہ ڪيو آهي.) [حوالو: تفسير مواهب الرحمٰن، ص 16-10]
ڪن روايتن ۽ عقيدن موجب حضرت خضر عليہ السلام اڃا تائين زندہ آهي ۽ خدا تعاليٰ کيس درياهن ۽ سمونڊن تي وَسُ عطا ڪيو آهي ۽ هو صُور ڦوڪجڻ تائين زندہ رهندو. امام بخاريءَ جي روايت موجب حضرت موسيٰ عليہ السلام هڪ ڏينهن بني اسرائيل جي اجتماع کي خطاب ڪري رهيو هو تہ هڪ ماڻهوءَ سوال ڪيو تہ ”ماڻهن ۾ سڀ کان وڏو عالم ڪير آهي؟“ حضرت موسيٰ عليہ السلام جواب ڏنو تہ آئون. ان تي ﷲ تعاليٰ، حضرت موسيٰ عليہ السلام تي ناراض ٿيو ۽ کيس وحيءَ ذريعي پيغام موڪليائين تہ هو ’مجمع البحرين‘ جي مقام تي هڪ شخص سان وڃي ملي، جيڪو هن کان وڏو عالم آهي ۽ گڏوگڏ کيس اهو بہ حڪم مليو تہ ڳوٿريءَ ۾ هڪ مڇي کڻي وڃي، جتي مڇي گم ٿي وڃي. اُتي سندس اُن شخص (حضرت خضر عليہ السلام) سان ملاقات ٿيندي.
حضرت موسيٰ عليہ السلام پنھنجي خادم سان گڏ سفر تي روانو ٿيو. جنهن جي منزل مجمع البحرين هئي. اتي کيس حضرت خضر عليہ السلام مليو. حضرت موسيٰ عليہ السلام هن سان گڏ هلڻ جي اجازت طلب ڪئي تہ جيئن هو سندس باطني علم مان فائدو حاصل ڪري سگهي، ان تي حضرت خضر عه، حضرت موسيٰ عليہ السلام کي تاڪيد ڪئي تہ هو ان کان ڪنهن بہ ڳالھہ جي تشريح طلب نہ ڪندو ۽ اهو بہ چيائين تہ ٿي سگهي ٿو تہ تون منهنجو ساٿ ڏئي نہ سگهين. بهرحال سفر دوران حضرت خضر عليہ السلام هڪ ٻيڙيءَ ۾ سوراخ ڪيو، هڪ ڇوڪري کي قتل ڪيو ۽ هڪ ڪِرندڙ ڀت جي تعمير ڪئي، جنهن تي حضرت موسيٰ عليہ السلام صبر ڪري نہ سگهيو ۽ نيٺ انهن عملن جي وضاحت پُڇي ويٺو. جنهن تي حضرت خضر عليہ السلام فرمايو تہ: ”مون اڳيئي چيو هو تہ تون صبر نہ ڪري سگهندين“. نيٺ حضرت خضر عه، حضرت موسيٰ عه جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ ويندي وقت پنهنجن عملن جي تشريح ڪندي کيس ٻڌايو تہ: ”جنهن ٻيڙيءَ ۾ مون سوراخ ڪيو، اها ڪن غريبن جي هئي ۽ ان وقت اتي هڪ ظالم بادشاھہ پڄڻ وارو هو، جيڪو اتي پڄي سڀني جون ٻيڙيون کڻائي وڃي ها، پر هن سوراخ واري ٻيڙي ڏسي ڇڏي ڏني. ٻيو تہ جنهن ڇوڪر کي قتل ڪيو ويو، ان جا والدين مؤمن هئا، هيءُ ڇوڪرو وڏو ٿي، مشرڪ بڻجي، والدين جو نافرمان ٿئي ها، پر هاڻي ان جي بدران خدا کين اهڙو پٽ عطا ڪندو، جيڪو نيڪ هوندو. ڳوٺ ۾ ڪِرندڙ ڀِت کي ان ڪري مضبوط ڪيم، جو ان ڀت هيٺان ٻن يتيم ڇوڪرن جو خزانو پوريل هو، جيڪڏهن اها ڀت ڪِري ها تہ ڳوٺاڻا سندن خزانو کڻي وڃن ها.“
’مجمع البحرين‘ جي باري ۾ بہ عالمن جو اختلاف آهي.
ڪي مفسر چون ٿا تہ حضرت موسيٰعه جڏهن ان هنڌ بابت سوال ڪيو تہ کيس فرمايو ويو تہ هڪ درياھہ. آزربائيجان کان ۽ ٻيو يمن ۽ عدن کان اچي، جنهن هنڌ ملي، بحر قلزم ۾ پوندا آهن، ان هنڌ کي مجمع البحرين چون ٿا. ڪن مؤرخن موجب اها جاءِ باب المندب آهي، جتي هندي سمنڊ ۽ ڳاڙهو سمنڊ اچي ملندا آهن. ڪن اهو مقام طنجه (مراڪش) جي ويجهو ڄاڻايو آهي، جتي بحيرہ روم ۽ بحر اوقيانوس ملن ٿا، تہ وري ڪن جي خيال ۾ اهو بحر قلزم ۽ بحر اردن جي ميلاپ وارو هنڌ آهي.
(ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا/ تاريخ اسلام: سيد نجم الدين ڪراروي)