ٿيٻو خطائي

ٿيٻو خطائي

خطائي ٿيٻو

خطائي ٿيٻو : ”خطائي“ جو اصل نالو جاڙو خان ولد سالار ٿيٻو آهي. هن 8 آڪٽوبر 1975ع تي ساماري روڊ شهر ۾ جنم ورتو. نئين ٽهيءَ جو سٺو شاعر ۽ ليکڪ آهي. ايم. اي ۽ ايل. ايل بي ڪيل اٿس. هي سنڌي ادبي سنگت ساماري روڊ جو باني ڪارڪن رهيو آهي، سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪيترا ادبي پروگرام ڪرائي چڪو آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت عمرڪوٽ جو رابطه سيڪريٽري رهيو آهي. هن جي شاعري مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهندي آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ”ٻڌايو ڪجي ڇا؟“ (1997ع) بزم ادب صوفي فقير پاران ۽ ”سانجهه جي هنج ۾“ شاهه لطيف اڪيڊمي، عمرڪوٽ طرفان 2007ع ۾ شايع ٿيو آهي. تازو 21-20 فيبروري 2010ع تي ڊي سي او عمرڪوٽ پاران ٿيل ”عمرڪوٽ سيمينار“ جي موقعي تي پڌري ڪيل ٽن مان ٻن ڪتابن ”ڪوي عمرڪوٽ جا“ ۽ ”عمرڪوٽ ايامن کان“ ۾ سهڪاري رهيو آهي. هن کي بهترين غزل گو شاعر جو سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن مرڪز پاران 2001ع ۾ ايوارڊ ملي چڪو آهي. عمرڪوٽ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ ڪلرڪ آهي ۽ ڳوٺ ولي محمد ٿيٻي تعلقي عمرڪوٽ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.10.08  عيسوي

خطائي ٿيٻو 8 آڪٽوبر 1975ع تي ساماري روڊ شهر ۾ جنم ورتو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله شرر
خوشحال خان خٽڪ
راهي رسول بخش
بلند فقير سولنگي
اسلم خيال
مراد علي ڪاظم شيخ
تنها سيف بخاري
اظهر ريلائي
مشتاق بخاري
علي بخش ڪمتر
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون