خطاطي جو نمونو
خطاطي جو نمونو
خطاطي جو نمونو
خطاطي (Calligraphy): خوبصورت لکائيءَ جي فن کي ’ڪيليگرافي‘ يا ’خطاطي‘ سڏيو وڃي ٿو، جيڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي رسم الخط ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. ڪيليگرافي، يوناني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مرڪب آهي: ’ڪالوس‘ معنيٰ ’خوش شڪل‘ ۽ ’گرافوس‘ معنيٰ ’لکائي‘ يعني ’خوبصورت لکائيءَ جو فن‘. خطاطي ۽ تحرير جي فن ۾ ڪافي فرق آهي، خطاطي عام تحرير کان مختلف آهي، خطاطي ڪن خاص قاعدن ۽ قانونن سان لکڻ واري نموني کي چئجي ٿو، جيڪا عام حساب ڪتاب ۽ خط پٽ واري لکت کان مختلف ٿيندي آهي.
خطاطي، خط مان نڪتل آهي. ان ڪري خطاطيءَ کي خط جي مصوري چئي سگهجي ٿو. ڪتابت هڪ عام ڪاروباري عمل آهي ۽ خطاطي ان جو جمالياتي نمونو آهي، جنهن ۾ مسلمانن ڪمال حاصل ڪيو ۽ ان کي هڪ اعليٰ فني درجي تي کڻي ويا. خطاطيءَ جو سڀ کان بهترين استعمال
قرآن مجيد جي ڪتابت ۾ ٿيو، جنهن ۾ مسلمان خوشنويسن پنهنجون اعليٰ صلاحيتون ڪتب آنديون. ڪجهه ٻين قومن وانگر مسلمانن ۾ به جمالياتي فن گهڻو ڪري ديني جذبي ۽ عقيدت جي اثر هيٺ رهيو آهي، ان ڪري قرآن مجيد جي خوشنويسيءَ ۽ وشنمائيءَ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويا. هي فن شعر و شاعريءَ، افسانن ۽ ٻين عام ڪتابن ۾ به استعمال ٿيو. خطاطيءَ جو استعمال مسجدن ۽ قلعن جي مهاڙين، اندرين ديوارن، روضن ۽ مقبرن جي ديوارن، قالينن، فراسين وغيره تي به ٿئي ٿو. مسلمانن ۾ ٻارن جي ابتدائي تدريس ۽ تعليم ۾ خوش خطيءَ کي هڪ اهم مضمون جو درجو ڏنو وڃي ٿو. ويهين صديءَ تائين مسلمان ملڪن ۾ خوشخطيءَ تي زور ڏنو پئي ويو، پر هاڻي ڪمپيوٽر ۽ پرنٽنگ پريس جي ترقيءَ کان پوءِ ۽ ڪن ٻين سببن جي ڪري خوشخطيءَ جي فن جو زوال اچڻ شروع ٿيو آهي. اسلامي خطاطيءَ ۾ مختلف خط استعمال هيٺ آيا آهن. مشهور خطاط ۽ مصنف محمد بن حسن بن محمد بن احمد بن عمر الطيبي شافعيءَ پنهنجي رسالي ’جامع محاسن ڪتابة الڪتاب و نزهة اولي البصائر والالباب‘ ۾ خطاطيءَ جي 16 مختلف قسمن جو ذڪر ڪيو آهي. ابوالفضل خطاطيءَ جي مختلف قسمن بيان ڪرڻ کان پوءِ لکيو آهي ته رائج الوقت خَطن مان اٺ خط، ابن مقله، محقلي ۽ ڪوفيءَ کان حاصل ڪيا آهن: (1) ثلث، (2) توقع، (3) محقق، (4) نسخ، (5) ريحان،
(6) ورقاع، (7) تعليق، (8) نستعليق- جن ۾ خوشخطي ٿئي ٿي.
مجنون بن محمود الرفيقيءَ، محقلي، ڪوفي، ثلث، محقق، توقيق، نسخ، ريحان، رقاع، تعليق ۽ نستعليق مروج ۽ معروف خط ڄاڻايا آهن. شيخ محمد اڪرام پنهنجي ڪتاب ۾ هندستان جي ايجاد ڪيل چند خطن جي قسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جن ۾: (1) خط گلزار، (2) خط غبار،
(3) خط ريحان، (4) خط ناخن شامل آهن، جن ۾ عام طور خطاطي ٿئي ٿي.
غلام محمد راقم دهلويءَ (1239هه) ’تذڪره خوش نويسان‘ ۾ به خط نويسيءَ جي مختلف قسمن جو ذڪر ڪيو آهي.
خطاطيءَ جي شڪلي خصوصيتن جو ذڪر ڪندي، صاحب ’مراة العالم‘ لکيو آهي ته سلف جي ڏينهن ۾ عربن ۾ خط معقلي رائج هو، ان بعد خط معقليءَ مان خط ڪوفيءَ جو بنياد پيو ۽ هي خط عرب ۽ غير عرب ملڪن ۾ متعارف ٿيو. خط ڪوفيءَ تقريباً 500 سالن تائين خوش نويسيءَ ۽ قرآن نويسيءَ ۾ استعمال ٿيو. خط ڪوفيءَ ۾ مختلف علائقن جي نسبت سان ڪيتريون ئي شڪليون پيدا ٿيون، جنهنڪري خطاطيءَ جا گهڻا نمونا هن خط ۾ نظر ايندا.
سنڌ ۾ خطاطي (ڪيليگرافي) جي فن ۾ گل محمد کتري، عبدالمجيد پروين ’رقم‘ ۽ علي اڪبر سومري وڏي شهرت حاصل ڪئي آهي. هنن مان گل محمد کتري ۽ علي اڪبر سومري شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ جي خطاطي ۽ منظر ڪشي ڪئي آهي. جڏهن ته ملڪي سطح تي پروين ’رقم‘ علامه اقبال شعري مجموعن جي خطاطيءَ کان پوءِ وڏي شهرت حاصل ڪئي. ڪجهه خطاط صرف قرآن پاڪ جي خطاطيءَ جي ڪري به مشهور ٿيا، جن ۾ مولانا قاسم لڌيانوي ۽ مولانا محمد عبدالله وارثي اچي وڃن ٿا. قيام پاڪستان کان پوءِ جن مصورن ۽ خطاطن مصوريءَ ۽ خطاطيءَ کي ملائي قرآني آيتن کي تمام حسين ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪيو آهي، تن ۾ صادقين، محمد حنيف راهمي ۽ اسلم ڪمال قابل ذڪر آهن.
سنڌي خطاطيءَ ۾ گل محمد کتري کانسواءِ ظفر ڪاظمي،
اڪبر سومري، ع. ق شيخ، فتاح هاليپوٽو، محمد علي ڀٽي، راز ناٿن شاهي، خدا بخش ابڙي، چندر لال اداسي، منور ابڙي، هرجي لال، فيض محمد پتافي سڪندري، ڪپتان ابڙي، سعيد احمد ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، عبدالرئوف، محمد حسن ’حسن قلم‘، سعيد ميرٺي، غلام رسول عباسي ۽ ٻين خوبصورت فن پيش ڪيو. امان الله مهيسر ۽ فيض محمد پتافي سڪندري سنڌ ۾ اُهي نالا آهن جن موجوده دؤر ۾ سنڌي ڪئليگرافي سان گڏ مزارن ۽ مسجدن ۾ عربي آيتن، حديثن ۽ فاري شعرن جي خطاطيءَ جا جوهر ڏيکاريا. جڏهن ته سنڌ اندر ڪن پراڻن مقبرن ۽ مسجدن ۾ به خطاطيءَ جا نادر نمونا مليا آهن. پراڻي وقت ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ ۾ خطاطن جو وڏو تعداد رهندو هو. جيڪي مسجدن ۽ مقبرن ۾ هٿ سان خطاطي ڪندا هئا