قديم تصويري خط

قديم تصويري خط

قيم سميري خط (2600 ق.م)

قيم سميري خط (2600 ق.م)

اُرڪ مان مليل قديمي لکت

اُرڪ مان مليل قديمي لکت

سنڌوءَ جي لکت جو نمونو

سنڌوءَ جي لکت جو نمونو

برهمي خط

برهمي خط

ميخي خط جو نمونو

ميخي خط جو نمونو

مصري، هيرو غلفي جو نمونو

مصري، هيرو غلفي جو نمونو

ايلمائتي خط جو نمونو

ايلمائتي خط جو نمونو

قديم چيني خط جو نمونو

قديم چيني خط جو نمونو

تصوير نويسي

تصوير نويسي

انوماني خط جو نمونو

انوماني خط جو نمونو

هيروگرافي خط

هيروگرافي خط

فونيقي خط جو نمونو

فونيقي خط جو نمونو

ڪوفي خط

ڪوفي خط

خط ريحان

خط ريحان

خط رقاع

خط رقاع

خط2

خط (Script): اصل ۾ خط جي معنيٰ آهي اهڙي لڪير جيڪا زمين تي ڪڍي وڃي يا اهڙي لڪير جيڪا واريءَ تي ڪنهن ڪاٺيءَ سان يا آڱر سان ليڪي وڃي. اڳتي هلي خط لڪير يا سٽَ جي معنيٰ سان مشتعل ٿيو ۽ ڪتابت لاءِ ڪتب اچڻ لڳو، هاڻي خط مان مراد آهي لکت، لکائي ۽ لکت جو نمونو وغيره. اهڙي نموني، تحرير يا لکڻ جي نموني کي خط چيو وڃي ٿو. عالمن جي چوڻ موجب دنيا ۾ 8500 جي لڳ ڀڳ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جن مان ڪيتريون ٻوليون هوريا هوريان ختم ٿي رهيون آهن. جڏهن ته انهن ٻولين جي لکڻ لاءِ 1500 جي قريب خط استعمال ڪيا وڃن ٿا. دنيا جون مختلف ٻوليون مختلف خطن ۾ لکيون وينديون آهن. جيئن برهمي، ديوناگري، فارسي، تامل، انگريزي، چيني اٽالين، فرينچ، عربي وغيره.
ابتدائي دور وارن خطن جي روپ کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو (1) اڻ پختو روپ (2) تربيتي روپ ۽ (3) پختيون ابجدي لکتون.
(1) اڻ پختو روپ:
تصوير ڪشي (Iconography): هن سان طلسمات، جذبات ۽ رسمون وابسته هيون.
• منقش يا چٽيل علامتون (Signary): هن جو مثال ازيليا جا رنگدار چٽن وارا پٿر آهن.
• نقش سنگ (Petoglyphs).
• رنگا رنگي مورتون (Painted Pictures).
• رازڪا نشان (Mason Marks).
• چٽاني يا اوٿ چترڪاري (Rock Paintings).
• نقابت يا خط نداني نشان (Hearaldry): مثلاً بانئٽي وغيره، تمغا.
• چوپاين/مويشين تي داغ، ڏنڀ، ماڻهن جي ڪلهن تي مهرون (Wusums).
• تروکڙيون يا ڏينڀوڙيون (Tattooing).
• خابرو يا خبروار چٺي يا سنيهو (Aroko).
• اهم يا ڳجها پيغام (Nodangas of Bolongor): گهڻو ڪري ڪيلن جي پنن يا ٻين پنن تي.
• علامتي ثبوت يا نشاني (Token or Code) خفيه لکت جيڪا گهڻو ڪري مذهبي آهي.
• گهر پتو/سڃاڻپ (Boemarken): گهرن تي مختلف سڃاڻپ جا نشان، خاص ڪري Foehr ٻيٽ جي ماڻهن جون انهن وٿن، وسيلن ۽ چالن کانسواءِ به ٻيون به ڪيتريون ٽلون ۽ اُپاءَ رهيا آهن.
(2) ترتيبي روپ:
هنن جا مکيه چار قسم آهن ۽ انهن کانسواءِ نيم پدي ۽ نيم ابجدي به آهن.
• تصويري خط Pictographic
• تصوري خط ۽ انوماني خط Ideographic
• صوتي خط Phonetic
• پدي خط Syllabic
• نيم پدي Quasi Syallabic
• نيم ابجدي Quasi-Alphabetic
(3) پختيون ابجدي لکتون:
هن وقت ڪافي تعداد ۾ هن خط جون لکتون موجود ۽ مروج آهن. ابجدي لکت جي ابتدا بابت اڄ به مختلف رايا آهن، پر هڪ راءِ جنهن تي گهڻا عالم متفق نظر اچن ٿا، سا آهي ته ”ڀونچ سمنڊ جي اوڀر واري علائقي مان ڪنهن هنڌ ان جي ابتدا ٿي هوندي. موجوده معلومات موجب لکت جا موجد ’سُميري‘ چيا وڃن ٿا. سميريا دجلا ۽ فرات جي ڇوڙ وارو علائقو آهي، جو ايران جي اولهه ڏکڻ ۽ عراق جي ڏکڻ- اوڀر ۾ ايراني نار تي آهي. عالمن جي راءِ آهي ته سُميري انهيءَ هنڌ تي اصل ڪنهن ٻئي هنڌان آيل ڀاسن ٿا، انڪري اهو سمجهڻ ته اهي ڀونچ سمنڊ واري خطي کان آيا هجن، تنهن کان وڌيڪ مناسب سمجهجي ٿو ته اهي ايراني نار جي ڀروارن علائقن مان ڪنهن هڪ هنڌان لڏي اتي پهتا هوندا. هڪ خيال اهو به آهي ته انهن مان ڪي سنڌو ماٿريءَ مان اوڏاهن ويا ۽ پاڻ سان لکڻ جو نمونو به کڻي آيا. مسلمان عالمن جو، انبال (1032 يا 1030) جي راءِ موجب اوڀر ۽ اولهه وارن ملڪن ۾ جيڪي مختلف قسمن جون لکتون مروج آهن، انهن۾ يارنهن خاص آهن: (1) Hebrew (منبراني)
(2) Berberic (بربري) (3) Andalusican (ادالوسي) (4) Coptic (ڪاپٽڪي) (5) Chinese (چيني) (6) Nabatan (نباتني) (7) Greek (يوناني) (8) Syriac(سريائي) (9) Hymyaritic (همايارٽڪي)
(10) Talmudic(تلمودي) (11) Lapidary (لپيداري).
سڀ کان وڌيڪ پراڻي لکت جو نمونو ساڍا پنج هزار ق. م سال اڳ سمير جي شهر اُرڪ (Uruk) جي هڪ عبادت خاني مان مليو آهي، جيڪو ان وقت عراق جو سڀ کان ترقي يافته ۽ خوشحال شهر هو.
ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته لکڻ جي ابتدا 13000 ق.م ۾ مصر واسين ڪئي، جن پنهنجن خيالن، تصورن ۽ جذبن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪي علامتون مقرر ڪيون. 1922ع ۾ جرمن ماهرن طرفان ’ورقه‘ نالي ماڳ جي کوٽائيءَ دوران هڪ تختي ملي هئي، جنهن تي تصويري اکر(Pictographic) لکيل هئا. ساڳئي دور ۾ جان مارشل کي به موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران اهڙيون سوين تختيون مليون، جن تي اهڙي تصويري لکت موجود هئي. ورقه مان مليل تختيءَ تي ڍڳي جي منڍي ۽ ڪيترن ئي قسمن جي ٻڪرين ۽ رڍن جي مٿن جون تصويرون نڪتل مليون آهن، اها انسان جي قديم ترين تحرير چئي وڃي ٿي، جنهن جي عمر 3000 ق.م ليکي وئي آهي. (وڌيڪ ڏسو: تحرير جو فن جلد ٻيو) اهڙي نموني ٺڪر جي ٿانون تي به ڪي تحريرون چٽيل ۽ جهيريل ملن ٿيون، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته خط يا تحرير، پنهنجي وسيع معنيٰ ۾ مخصوص خيالن کي ليڪي، چٽن اشارن ۾ بيان ڪرڻ جو نالو آهي.
ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. اڳتي هلي هن اشاري ۽ تصوير کي خيال ۽ معنيٰ ملي. مثال طور سج لاءِ مقرر نشاني سج جهڙي تصوير ٿي سگهي ٿي پر ان مان انومان ڏينهن جو به ٿئي ٿو. عالمن جو چوڻ آهي ته قديم خط جا پنج نمونا هئا، مصري، سميري، حتي، چيني ۽ سنڌو يا هڙپائي. اڳ ۾ هر لفظ کي الڳ مفهوم هو. مثال طور: ڍڳيءَ جي تصوير جو مطلب ڍڳي جي قرباني، پوک جي مند وغيره ورتو ويندو هو، پوءِ انهن نشانين، اکرن جي صورت اختيار ڪئي، ان ۾ ڪافي وقت لڳو. انهيءَ تصويري لکت کي ’هيرو غلفي‘ (Hieroglyphic) به چوندا آهن. ان لاءِ به عالمن وٽ مختلف نظريا آهن. مذهبي روايتن موجب حضرت آدمعه کي الله تعاليٰ سمورن اسمن (نالن) جو فن سيکاريو، جنهن مختلف ٻولين جي ابجد کي الڳ الڳ مٽيءَ جي تختين تي پنهنجي اولاد لاءِ لکي رکيو ۽ حضرت نوح واري تاريخي طوفان ۾ اهي تختيون لڙهي ويون. حضرت اسماعيل کي وحيءَ ذريعي انهن گم ٿيل تختين بابت علم ڏنو ويو، جنهن عربي لکت جي شروعات ڪئي. ان لاءِ عربيءَ جون پهريون ڪاتب حضرت آدم کان پوءِ حضرت اسماعيل عه کي مڃيو وڃي ٿو. اهڙيءَ ريت عربيءَ جا ڪافي رسم الخط آهن، جن ۾ حميري، سرياني، ڪوفي مشهور آهي.
سڀ قديم لکتون شروعات ۾ اهڙا تصويري يا علامتي سلسلا آهن، جن مان ڪهاڻيون ائين گهڙبيون هيون، جيئن هاڻي جملن مان ڪهاڻيون جڙن ٿيون. قديم لکتون، پني، پٿر، ڌاتو، ڪاٺ، چمڙي، ڪپڙي، مٽي، ٺڪر، وڻ جي ڇوڏن وغيره تي ملن ٿيون. خود لکت کي ابتدائي يا پيدائشي حالتن کان موجوده صورتن ۾ اچڻ تائين اٽڪل 35000 سالن جو سفر ڪرڻو پيو آهي. آرگينشي (Aurignician) ثقافت جي Abripalaud غار ۾ ٺهيل نقشن جي عمر جو ڪاٿو 31000 ق. م تائين لڳايو ويو آهي. اهڙيءَ طرح ساهوارن جون تصويرون ڄڻ ته لکت جي گماني يا انوماني عمر سمجهيون وڃن ٿيون. خيال آهي ته اهي تصويرون طلسماتي، جذباتي، حسرت انگيزي يا ڪن رسمن جي بجاآوريءَ طور غارن جي پاسن سان ٺاهيل آهن. نه رڳو تصويرون، پر ماڻهوءَ پنهنجو مطلب يا ماجرا پهچائڻ لاءِ ٻيا به انيڪ طريقا ۽ ذريعا استعمال ڪيا آهن، جن ۾ نقش، رنگ، نشانيون ۽ علامتون، مهندسي يا جاميٽري واريون شڪليون، ساهوارن ۽ انهن جي جسم جا ڪي حصا ۽ ڇايا- چتر جوڙي پنهنجو حساب ڪتاب، يادگيريون ۽ مُنجهه ظاهر يا محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ۽ ڪري پيو.
دنيا ۾ قديم خط، لکت جا ڪيترائي نمونا رائج رهيا آهن، جهڙوڪ:
سنڌوءَ جي لکت: (شروعات اٽڪل 7400 ق. م پڇاڙي 400 ق. م). سنڌو
(Indus) لکت بابت موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي کوٽائي مان مهرن تي لکت ملي ٿي ته، جنهن جو زمانو 3300 ق. م ۽ 2600 ق. م اوج وارو زمانو معلوم ٿئي ٿو. موجوده دور ۾اڪثر عالمن جو خيال آهي ته هيءَ جداگانه لکت آهي ۽ ڪنهن به ٻي ٻوليءَ تان ورتل ڪا نه آهي. (وڌيڪ ڏسندا: ”سنڌو لکت“)
برهمي خط: هيءُ خط 5000 ق. م اڳ جو آهي. جيڪو هينئر رواج هيٺ ڪونهي. عالمن جي خيال ۾ هن جو واسطو سنڌو تهذيب جي هڙاپا دور سان آهي جيڪا ان دور جي ٻولي جي سڌريل صورت هئي. ڏکڻ ايشيا جي ٻولين ۽ لپين جي ڊائريڪٽر جي ليکڪن موجب: بنگالي، ديو ناگري، گجراتي، گرمکي، ڪنڙ، کمر، ملايالم، اوريائي، سنهالي، تامل، تيلگو ۽ تبتي لپيون هن خط مان جڙيون. جاپان ۾ هن جي ڪيليگرافي وارو نمونو آرٽ جو درجو رکي ٿو. هن ۾ 19 حرف علت ۽ 33 وينجن آهن.ايڊورڊ ٿامس موجب هي خط دراوڙن ايجاد ڪيو. هن خط کي تصويري لکت جي ترقي يافته صورت قرار ڏنو وڃي ٿو.هن کي ڪجهه لسانيات ماهر سامي لپي، يوناني لپيءَ ۽ فونيشي خط جي صورت ڪوٺين ٿا. پر جديد دؤر جي لسانياتي ماهرن موجب هي خط قديم مقامي لپين جي سڌريل صورت آهي. ٻڌي عباتگاهن مان پهرين صدي عيسويءَ جي دؤر جون برهمي لکتون دستياب ٿيون آهن.جيڪي خاص طور ٽامي جي ٿالهين تي اڪريل آهن.
ميخي خط (Cuniform): 30 صدي قبل مسيح ڌاري هيءُ خط رائج ٿيو. هن خط ۾ اڪادي (Akkadian) ايلمائتي (Elamite) هتي (Hitite) سُميري (Sumerian) يورارشين (Urartian) وغيره ٻوليون لکيون وينديون هيون، جيڪي سڀ جون سڀ هن وقت لکت ۾ ڪونه آهن يا انهن ٻولين جي لکت گهڻي سڌري وئي آهي. هن خط جا ابتدائي آثار چار هزار ق-م جي قديم ماڳ ’ارڪ‘ جي چوٿين تهه مان مليا آهن. هيءَ تصويري قسم جي لکت هئي، جنهن جا شروعات ۾ هڪ هزار اکر هئا، جيڪي اوائلي ڌاتوئي دور دوران استعمال هيٺ ايندا رهيا، جيڪي ڪنجهي جي دور ۾ گهٽجي 400 تي وڃي بيٺا. هن خط ۾ سميرين جا گهڻا ڪتبا ۽ لکتون مليون آهن. هيءُ خط 30 صدي ق-م کان پهرين صدي عيسوي تائين رائج رهيو. هن خط مان اڳتي هلي رومن خط نڪتو، جيڪو مختلف شڪليون وٺندو اڄ اڌ دنيا تي ڇانيل آهي. ان ۾ انگريزي، فرينچ، اطالوي ۽ ٻيون يورپ جون ڪيتريون ئي ٻوليون لکيو وڃن ٿيون. هيءُ دنيا جو قديم خط ڪري ليکيو وڃي ٿو. هيءُ تصويري خط ۽ ٻڌي خط ڪري ليکيو وڃي ٿو.
مصري، هيرو غلفي (Egyptian Hieroglyphs): هيءُ به تصويري خط جو ئي نمونو آهي. هن جي هر هڪ اکر کي يوناني ٻوليءَ ۾ Za hieroglyphic a
Grammata ڪري سڏين ٿا، جنهن جي معنى آهي ”قربانيءَ جا اڪريل اکر“. هيءُ خط مصرين چار هزار ق-م ڌاري استعمال ڪيو. هن خط جا نمونا مصر جي ماڳ ’ڪام الاحمر‘ (Kawm al- Ahmar) جي کوٽائيءَ دوران سال 1860ع ڌاري مليا. هيءَ قديم لکت 3200 ق-م جي آهي. هيءُ تصويري ابجدي خط آهي. هيءُ به ميخي خط جو نمونو آهي، جيڪو وچين ڪنجهي واري دؤر (Middle Brone) ۾ مصرين ايجاد ڪيو ۽ 400 عيسوي تائين رائج رهيو. هن خط مان بوءِ گريڪو- رومن ٻولين (Graeco-Roman) جا خط ٺهيا (وڌيڪ ڏسو: مصري خط).
ايلمائتي خط (Elamite Script): هيءُ خط ايران جي ڏکڻ-اولهه ۾ هڪ ماڳ سوسا Susa جي کوٽائي دوران مليو، جيڪو اٽڪل 3100 ق. م جو معلوم ٿيو آهي. انهيءَ دور واري خط ۾ 1000 تصويري نشانيون ملن ٿيون، جنهنڪري انهيءَ دور واري ايلمائتي خط کي بنيادي ”ايلمائتي خط“ چيو وڃي ٿو. قديم ايلمائتي خط پدي خط آهي، جيڪو بنيادي ايلمائتي خط مان نڪتل آهي ۽ 2220 ق. م جي وچ ڌاري فارس (اڄوڪي ايران) جي ڏکڻ-اولهه واري ايراضيءَ ۾ استعمال هيٺ رهيو. هيءُ خط 2800 ق. م کان 550 ق. م تائين باقاعده استعمال هيٺ رهيو. فارس تي سڪندر يوناني جي ڪاهه وارو زمانو هن خط جو آخري دور چيو وڃي ٿو. هيءُ خط ايران جي مقبرن تي لکيل مليو آهي. هيءُ خط اڪادي قوم استعمال ڪندي هئي. اڪادين وٽ هن جي لکڻ لاءِ 130 تصويري اکر هئا. ايلمائتي خط جا سن وار هيٺيان دور چئي سگهجن ٿا:
(1) قديم (1500 – 2600 ق.م) (2) وچون (1000 – 1500 ق.م)
(3) نيو-ايلمائتي (550 – 1000 ق.م) (4) آرڪينز (320 – 550 ق.م)
چيني خط: چيني خط ۾ ٻين ٻولين وانگر پد يا اکر الڳ ڪو نه ٿين، اهي اکري نشانيون آهن، جيڪي آوازن لاءِ استعمال ٿين ٿيون. يعني اکر يا پد تصوير جي صورت ۾ ٿئي ٿو. اهي تصويرون، اکر يا پد پنهنجو پاڻ ۾ سڄي جو سڄو يا اڌ طور ڪنهن اسم، فعل، ضمير يا صفت سان سلهاڙيل ٿين ٿا. ڪي صورتون شدن مدن طور به ڪم اچن ٿيون. موجوده چيني خط جا ڪي اکر شانگ (Shang) خاندان واري دور (1050ع کان 1200ع) وارين لکتن ۾ به نظر اچن ٿا، پر خيال اهو ڪيو وڃي ٿو ته چيني لکت جو نمونو انهيءَ دور کان اڳ جو آهي ۽ چن خاندان
(206 – 221 ق.م) جي دور ۾ رواج هيٺ آيو. چيني خط ۾ هن وقت جاپاني، تائيواني ۽ ڪوريائي وغيره ٻوليون لکيون وڃن ٿيون. هن خط ۾ اٽڪل 4000 تصويري اکر موجود آهن. هي تصويري اکر چونڪڙيءَ ۾ لکيا ويندا آهن. هن زبان ۾ زيرن زبرن لاءِ هيٺان مٿان سڌيون ليڪون، عمودي ليڪون ۽ ڦڏيون ليڪون ڏيئي تصويري اکر جي معنيٰ، مفهوم ۽ اچار کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. انهن ليڪن ڏيڻ جا الڳ قاعدا ۽ قانون آهن. چونڪڙيون هڪٻئي کان الڳ الڳ هونديون آهن. هي خط اڀي ڪالم ۾ مٿان کان هيٺ، ساڄي پاسي کان لکيو ويندو آهي. هيٺ پني جي پوري ٿيڻ تي ٻي سٽ هيٺان کان مٿي ۽ ٽين مٿان کان هيٺ لکي ويندي آهي. چيني لکت جو شمار به پراڻين لکتن ۾ ٿئي ٿو. هن خط جو نمونو جيهو
(Jaihu) نالي حنان پرڳڻي جي هڪ ماڳ مان مليو آهي. جيهو ماڳ 6600 ق.م جو چيو وڃي ٿو، پر ان لکت بابت ماهرن جو چوڻ آهي ته اها چار هزار ق. م جي آهي. شانگ سلطنت جي دور جون ڪجهه لکتون مختلف ماڳن تان هڏن ۽ خاص طور ڪميءَ جي پٺيءَ جي هڏي تي لکيل مليون آهن. ان قسم جي خط کي ’جيگو وين‘ (Jiagu wen) يا ’سنگ / هڏن جي لکت‘ چيو وڃي ٿو. ان قسم جي لکت 1000 ق.م جي چئي وڃي ٿي، جيڪا گهڻو ڪري قديم قبرن مان مردن سان گڏ پوريل سامان مان ملي آهي.
تصوير نويسي (Pictography): هيءُ فن مصري هيرو غليفيءَ جي ابتدائي صورت آهي.
انوماني خط (Ideography): هيءَ به تصويري خط جي هڪ صورت آهي، جنهن ۾ خيالن کي اشارن ۽ صورتن جي شڪل ۾ پيش ڪيو ويندو هو. اهڙي خط کي انوماني (Ideography) چيو ويو جنهن ۾ موجود شڪلين مان ڪو خيال يا انومان پڌرو ٿيندو هجي.
هيرو گرافي (Hierography): هيءَ تصويري خط جي آخري صورت آهي، جڏهن آواز جي نشان مقرر ڪرڻ واري راز کان انسان آگاهه ٿيو ۽ هر آواز
جي مناسبت ۽ مشابهت سان صورت ٺاهي وئي، اها ئي صورت اڳتي هلي ’حرف‘ جي شڪل بڻي. مثال طور: مصري زبان ۾ ڍڳي کي ڪجهه به چوندا هجن ۽ ان جي آوازي صورت ڪهڙي به هجي، پر ان تي نالو ’الفا‘ پيو. ان ڪري جڏهن به ’الف‘ جي آواز کي لکڻو پيو ته ڍڳي جي شڪل، سڱن سوڌي ڪڍبي هئي، اها تصويري صورت رومن اکر ’A‘ ۾ اڃا به قائم آهي. ڪوفي خط ۾ ڍڳي جو صرف هڪ سڱ رهيو، جيڪو کاٻي طرف مڙيل رهي ٿو. ائين خط نسخ ۾ الف جو قد هڪ سڱ جي يادگار طور رهجي ويو. اهڙي نموني مختلف شڪلين مان مقرر اکر يا حرف ٺاهيا ويا. صورت نويسي هاڻي مخصوص مذهبي طبقي جو خط وڃي رهيو آهي.
هيراتيقي خط: هي به تصويري خط مان نڪتل آهي، توڙي ان سان گهڻي مشابهت نه ٿو رکي، پر هي خط مذهبي ڪتابن لکڻ جي ڪم اچي ٿو.
خط ماني: 215ع ڌاري ايران ۾ ماني مذهب جو بنياد پيو، ماني فلسفي، الاهيات جو ماهر ۽ مصور هو. مانيءَ جا ست صحيفا هئا، جن مان ڇهه سرياني خط ۾ ۽ هڪ پهلوي خط ۾ هو. عالمن جو چوڻ آهي ته خط ماني ڪا نئين ايجاد نه آهي، پر آرامي خط مان نڪتل آهي ۽ ان جي شڪل پاميري خط سان ملي ٿي.
فونيقي خط (Phoenition): 539ع ۾ ايراني شهنشاهه سائرس، بابل کي فتح ڪيو ته ميخي خط جي لکڻ جو رواج گهٽيو ۽ فونيقي خط رواج هيٺ آيو. هن خط ۾ ڪل 22 اکر آهن. هي خط لکڻ ۾ آسان آهي، فونيقيءَ جي آرامي شڪل پنجين صدي ق. م ۾رائج ٿي. هي خط بابل ۽ آشوريه ۾ به رواج هيٺ رهيو. اهڙي نموني ٻيا به خط آهن، مثلاً: نطبي خط، آرامي خط، پهلوي خط، يوناني خط، لاطيني خط، عبراني خط، پالميري خط، شامي خط، سرياني خط، ڪوفي خط وغيره، جن مان ڪوفي خط، ديو ناگري خط، وغيره ڪافي اهم آهن.
ڪوفي خط: ڪوفي خط اسلامي دور ۾ وڌيو ۽ ويجهيو. هي عربي خط جو نمونو آهي، جيڪو چوٿين صدي عيسويءَ ۾ نبطي خط ۾ سيريائي خط کي گڏائي جوڙيو ويو. حجاز ۽ ڪوفي ۾ هي خط لکيو ويندو هو، حرب بن اميه ڪوفي مان هي خط سکي آيو، جنهنڪري هي ڪوفي خط سڏجي ٿو، پر اسلام کان اڳ هن خط کي عربي خط سڏيو ويندو هو. عالم انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته ڪوفي خط جون پاڙون ماضيءَ ۾ پري پري تائين پکڙيل آهن. هيءُ واحد خط هو، جنهن ۾ نه صرف قرآن پاڪ جي ڪتابت ٿي، پر ابتدائي دور ۾ سڀ فرمان، خط ۽ مراسلا ڪوفي خط ۾ لکيا ويندا هئا. (وڌيڪ ڏسو: عربي ٻولي) اسلام جي ابتدائي دور ۾ حجاز ۽ عرب ۾ حميري، عبراني، سرياني، نبطي ۽ ڪوفي خط رائج هئا. پهريان ڪوفي خط ۾ ٽٻڪا ۽ زيرون زبرون ڪو نه هيون، پر 40 هه ۾ ابوالاسود دوئيليءَ هن خط کي ٽٻڪا، زيرون زبرون ۽ اعرابون ڏنيون، پوءِ به اهي ٽٻڪا هڪ ته گول هئا، ٻيو ته ان وقت ب ت ث کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٽٻڪا نه هئا، جنهنڪري هي خط پڙهڻ ۾ ڏکيو خط هو. جڏهن اسلام دنيا ۾ پکڙيو ۽ قرآن شريف ۽ ٻيون عبارتون پڙهڻ ۾ ڏکيائي پيش اچڻ لڳي ته بني عباس جي وقت ۾، خليفي بن مروان'>عبدالملڪ بن مروان، حجاج بن يوسف ذريعي نصربن عاصم کان هن خط کي مڪمل ڪرائي، ان تي نقطا ۽ اعرابون ڏياريون .
روايت موجب هن خط جو اصل موجد حضرت اسماعيل عه هو ۽ ڪوفي خط کي سنوارڻ ۾ قير ابن سيزر گهڻو ڪم ڪيو هو. ڪوفي خط جي اوسر آهستي ٿي. ابو الاسود (69 هه) حضرت علي عليه السّلام جو پوئلڳ هو، سندن چوڻ تي هن قرآن ڪريم جي خطاطيءَ کي ترقي ڏني، هن نقطا، زيرون، زبرون ۽ اعرابون ڏنيون. اهو خط، جيڪو رسول پاڪصه، مقوقس بادشاهه کي ستين هجريءَ ۾ لکيو هو، سو اسلامي دور جي قديم لکت ’ڪوفي خط‘ سمجهي وڃي ٿي، ليڪن اها لکت خط ڪوفيءَ کان شڪل صورت ۽ بيهڪ جي لحاظ کان مختلف هئي.
ڪوفي خط وارن حميري خط ۾ ڪجهه سڌارا آڻي ان کي ڪوفي خط ۾ شامل ڪيو. حضرت عثمانرضه جي وقت ۾ به قرآن پاڪ جا ڪجهه نسخا مرتب ڪيا ويا، ان ريت مختلف اسلامي دورن ۾ ڪوفيءَ خط ۾ تبديليون اينديون رهيون ۽ ان مان ٻيا به ڪيترا خط ٺهيا، جن مان ڪن جو مختصر احوال هيٺ ڏجي ٿو:
خطِ محقق: هي خط ستين صديءَ هجري (يارهين صدي عيسويءَ تائين وڏي تختيءَ وارن ڪتابن جي صفحن جي پهرين ۽ آخري سٽ ۾ استعمال ٿيندو هو. هن خط جي بنيادي سڃاڻپ هيءَ آهي ته ان جا اکر ’ت پ ب ي و ن م ل ک ق ف ض ص ش س ﮋز ر ذ د ث‘ ساڄي کان ڪي قدر مڙيل آهن ۽ ا ل ط ظ ک جهڙا اکر، مڙيل اکرن جي وچ ۾ اچي وڃن ٿا. ستين هجريءَ ۾ هن خط جي جاءِ ’خطِ ثلث‘ ورتي.
خطِ ريحان: ريحان جي معنيٰ آهي اهو گلدستو، جنهن ۾ گل مهڪي رهيا هجن. هن خط ۾ مڙيل (زاويه دار) حرف يعني ي ن ل ق ض ص ش س گول ۽ محقق خط جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سوڙها ٿين ٿا ۽ ا ل ط ظ ک جهڙا اکر، جيڪي خط محقق ۾ وچ ۾ آيا ٿي، اهي الڳ الڳ ڪري لکجن ٿا. هن خط ۾ اکرن جي بيهڪ گلدستي وانگر بيهي ٿي. هي خط قرآني خفي ڪتابت لاءِ يارهين صدي هجريءَ تائين رواج هيٺ رهيو، بعد ۾ هن خط جي جاءِ خط نسخ ورتي. هي خط وچ ايشيا ۾ گهڻو استعمال ٿيو.
خطِ ثلث: اَبن مقله کان پوءِ ابن البواب اسلامي خط ۾ سٺا ۽ وڻندڙ اضافا ڪيا. پر ياقوت المستعصميءَ ڪلڪ جي قط کي وچان جهير ڏئي لکت کي اڃا گهڻو جاذب نظر بڻائي ڇڏيو. اڄ تائين ڪلڪ يا قلم ۾ وچان جهير ڏئي لکڻ جي روايت هلندي ٿي اچي. هن خط ۾ اکر جو 3/1 حصو جهڪيل ۽ ڦهليل هجي ٿو. هي خط گهڻو ڪري ڪوفي خط جي آميزش سان پندرهين صدي عيسويءَ جي عمارتي خطاطي ۽ اسلامي ملڪن ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي سر ورقن ۾ گهڻو ڪم آيو آهي.
خطِ طغرا: طغرا ترڪي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نشان يا علامت، ترڪ هن خط کي انفراديت طور استعمال ڪندا هئا. دراصل هي هٿ سان لکيل اکرن جو نمونو آهي. جنهن کي بعد ۾ خصوصي حيثيت ملي. هي خط ثلث جو ئي نمونو آهي، پر هن ۾ اکرن جو نمونو پٽڪي وانگر مٿي اڀريل آهي. هي خط ترڪ حڪمرانن گهڻو استعمال ڪرايو ۽ ان ۾ بي پناهه اضافا ٿيا. هن خط جا حرف مٿي ويندي گولڙا پائيندا ٻئي لفظ سان الجهندا اٽڪندا، پيچ درپيچ اڳتي وڌندا ويندا آهن. هن خط کي مغلن به گهڻو استعمال ڪرايو.
خطِ نسخ: 310 هه/ 922ع ۾ نبطي خط جي مدد سان خليفي المقتدر باالله جي زماني ۾، ابن مقله خط نسخ ايجاد ڪيو. پنجين صديءَ کان يارهين صديءَ تائين ڪوفي خطَ ۾ قرآني آيتون لکڻ جو رواج گهٽجي ويو ۽ ان جي جاءِ خط نسخ والاري. هن خط ۾ قرآن ڪريم ۽ ٻيون عبارتون لکيون وڃن ٿيون. خط نسخ ٻارهين صديءَ جي پهرئين اڌ ۾ فاطمين جي حڪمرانيءَ واري آخري دور ۾ پنهنجي ارتقائي عروج تي پهتو. هن مان حروه ۽ غباري خط به نڪتا آهن.
منگولن جي ڪاهن سبب هن خط کي وقتي طور زوال آيو، پر تيمور جي دور ۾ هن خط کي وري اهميت ملي. ليڪن ارڙهين ۽ اوڻيهين صديءَ ۾ هن خط ۾ اها جاذبيت نه رهي. جڏهن ته ايراني خط نسخ ۾ خط ريحان جو گهڻو عنصر هو. ارڙهين صديءَ ۾ هن خط ۾ احمد نيريزيءَ ڪجهه تبديليون ڪيون، جنهنڪري هن خط ۾ خط نستعليق جا ڪجهه عنصر نمايان نظر اچن ٿا. برصغير ۽ ايران جا خطاطَ اڄڪلهه احمد نيريزيءَ جي خط ۾ ئي ڪتابت ڪن ٿا. سنڌي ٻولي به هن خط ۾ لکبي آهي.
خطِ توقيع: هي خطِ ثلث جو ئي قسم آهي. هن خط جا حرف ڪجهه دٻيل هوندا آهن. ان کانسواءِ ڪجهه حرف و ل ﮋد ز ۽ ا پنهنجي پويان ايندڙ اکرن سان ڳنڍيل هوندا آهن. ڪن هنڌن تي هن خط جا اهڙا نمونا به مليا آهن، جن ۾ سڀ لفظ ڳنڍيل ملن ٿا. ڪن حالتن ۾ ڪنهن لفظ جو آخري حرف پنهنجي پويان ايندڙ لفظ جي پهرين حرف کان جدا هوندو آهي. ايران ۾ هن خط جو استعمال ڪتاب جي آخري صفحي تائين محدود هو.
خطِ رقاع: خط رقاع، خط توقيع جي ٻي صورت آهي. هن خط ۾ جنگ ناما، خط ۽ ڪهاڻيون لکيون ويون هيون. عثماني سلطنت جي خطاطن هن کي اجازه (Idjaza) جو نالو ڏنو.
خطِ غبار: هي خط نهايت سنهن اکرن ۾ لکيو ويندو هو. قرآن جا مڪمل نسخا هن خط ۾ لکيا ويا، هن خط ۾ خط نسخ ۽ خط نستعليق جون خصوصيتون موجود آهن. هن خط جي حرفن جون ڪنڊون نسخ ۽ دامن نستعليق وانگر آهن. ڊگهي سطح وارن ڪن حرفن جي آخري حصي تي ڪنڊ جي بجاءِ گولائي ڏني ويندي آهي. حرف ساڄي کان کاٻي طرف جهڪيل نظر ايندا آهن. حرف سنهي يا خفي قلم سان لکيا ويندا آهن. انسائيڪلوپيڊيا آف اسلام موجب هن خط جو مؤجد ابو العالي هو، جڏهن ته ڪن عالمن جو خيال آهي ته 700هه/ 1300ع ڌاري هي خط حسن حسني بن علي فارسيءَ ايجاد ڪيو.
خط ناخن: هي خط نَنهن جي مدد سان لکيو ويندو آهي، جنهن ۾ اکر اڀريل نظر ايندا آهن.
خط تعليق: تعليق جي معنيٰ آهي لڙڪائڻ. جيئن ته هن خط ۾ حرف هڪ ٻئي سان ڳنڍيل/ مليل هوندا آهن، ان ڪري هن خط کي تعليق جو نالو ڏنو ويو. هي خط نسخ جي هڪ شاخ آهي ۽ خط رقاع ۽ خط نسخ جي ميلاپ مان جڙيو آهي، پر خط نسخ جي مڙني پابندين کان آزاد آهي.
خط شقيه: خط شقيه کي خط سياڪ به چوندا آهن. هي خط اموي دور ۽ ان کان پوءِ استعمال هيٺ رهيو. هن خط جون ڪي به فني خصوصيتون نه آهن. هي مالي معاملن جي ڪتابت لاءِ استعمال ٿيندو هو. عالمن جو خيال آهي ته هي ساساني دور ۾ گهڻو ڪتب ايندو هو.
خط شڪسته: حرف جي هڪڙي ڪنڊ ٽٽڻ سبب هن خط جو نالو ’شڪسته‘ رکيو ويو. هن خط کي اڌ اکري به چوندا آهن. هي خط تعليق ۽ نستعليق کي ملائي ٺاهيو ويو آهي. هن خط جو موجد مرزا نور حسين ابن مرزا شڪر الله چيو وڃي ٿو، جيڪو صفوي خاندان مان هو، پر ڪن اميرن جي اڻبڻت سبب همايون جي دور ۾ هندستان آيو ۽ اڪبر بادشاهه جي اميرن ۾ اچي شامل ٿيو. انهيءَ زماني ۾ شڪسته خط لاءِ ڪي به اصول مقرر نه هئا، نه وري ڪو خاص اسلوب هو. مرزا نور حسين هن خط جا قاعدا قانون ٺاهيا ۽ کيس عروج تي پهچايو. هي خط ايران ۽ ٻين ملڪن کان سواءِ شاهجهاني دور ۾ پنهنجي عروج تي هو.
خط نستعليق: هي خط نسخ ۽ تعليق جي ميلاپ مان ٺهيو آهي. هي ايرانين جي ايجاد آهي، عام طور مير علي تبريزيءَ کي هن خط جو موجد چون ٿا. روايتن موجب مير علي تبريزيءَ کان اڳ به هي خط موجود هو ۽ ممڪن آهي ته علي تبريزيءَ ان کي موجوده صورت ڏني هجي، هن کي اڳتي هلي سلطان علي مشهديءَ بهتر صورت ڏني، جيڪا اڄڪلهه رائج آهي. اردو به هن خط ۾ لکي ويندي آهي.
ديو ناگري خط: هي خط هندستان جي اهم لکتن مان آهي. هن ۾ هندستان جون گهڻيون ٻوليون : سنسڪرت، هندي، مراٺي، سنڌي، بهاري، مارواڙي، ڪوڪني، ڀوڄپري سميت گجرات، راجپوتانا، ڏکڻ دکن جون ٻوليون لکيون وڃن ٿيون. لسانياتي ماهر تاريخي طور هن خط جو واسطو سنسڪرت سان ڄاڻائين ٿا. هن لکت جو هندستان ۾ محمود غزنوي جي حملن کان اڳ عروج هو جيڪو 12هين صدي عيسوي جي پڇاڙيءَ ۾ پارسيءَ جي واهپي سبب گهٽيو. هي سنسڪرت جي نموني لفظن کي گڏي 11 لکيو وڃي ٿو. موجوده وقت ۾ گپتا، برَهمي ۽ سڌام لپيون هن جون صورتون آهن. هي خط کاٻي کان ساڄي طرف لکيو وڃي ٿو.



هن صفحي کي شيئر ڪريو