
خـالـي هـنج جـو ڏک
خـالـي هـنج جـو ڏک (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ڪهاڻيڪاره شبنم گل جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ليکڪہ پنھنجي ڌيءَ عرين انصاريءَ جي نالي ڪئي آهي. پبلشر نوٽ قربان منگي ۽ مهاڳ نامور ڪهاڻيڪار ۽ اديب شوڪت شوري لکيو آهي، جڏهن تہ ڪتاب بابت ‘سهڻن رنگن جو خوبصورت امتزاج’ جي عنوان سان تنوير جوڻيجو ۽ ‘ڪهاڻي پرچي پوي تہ’ جي عنوان سان ‘پنھنجي پاران’ شبنم گل لکيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 21 ڪهاڻيون آهن. هن ڪتاب جون ڪهاڻيون سماجي اڻبرابري ۽ عورتن سان ٿيندڙ ناانصافيءَ جي عڪاسي ڪندڙ آهن.
ڊيمي سائيز ۾ رنگين ٽائيٽل ۽ پڪي جلد سان هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2013ع ۾ ڇپيو. 288 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.