خفيف I

خفيف I: سومرا راڄ جو پهريون بادشاھہ خفيف هو، جنهن سنڌ تي عربن جي تسلط کانپوءِ مقامي گهراڻي جي حڪومت جو بنياد وڌو. خفيف ان وقت منصوره جي حاڪم سعد جي ڌيءَ سان شادي ڪئي. سعد جي مرڻ کان پوءِ منصوره وارن يڪراءِ سعد جي ناٺي خفيف کي بادشاھہ چونڊيو. لفظ ’خفيف‘ پهريون ڀيرو فرخيءَ جي قصيدي ۾ ڏسڻ اچي ٿو. 401ھہ/ 11-1010ع ۾ خفيف سومري جي گاديءَ جو هنڌ منصوره هو. سندس دور ۾ محمود غزنويءَ ملتان تي حملو ڪري ڪيترن بيڏوهي مسلمانن جو قتل عام ڪرايو. ملتان جي ماڻهن اچي منصوره ۾ پناھہ ورتي.
سومناٿ کان موٽندي محمود غزنويءَ منصوره تي حملو ڪيو، پر سندس پهچڻ کان اڳ اتان جو حاڪم خفيف ٻيلن ڏانهن هليو ويو، محمود غزنوي منصوره جو سڄو شھر تباھہ ڪيو ۽ اتي جي ماڻهن جو بيڏوھہ قتل عام ڪرائي، واپس غزني هليو ويو. راھہ ويندي محمود غزنويءَ جتن/ جاٽن جو وڏي تعداد ۾ قتل عام ڪرايو. محمود غزنوي ۽ سندس لشڪر ڪنوارين ڇوڪرين جي عزتن ۾ هٿ وڌا. خفيف جي موت بابت فرخي لکي ٿو تہ خفيف هڪ بحري جنگ ۾ (جنهن ۾ جتن سندس بدلي وٺڻ لاءِ ساٿ ڏنو) درياھہ ۾ ٻڏي مري ويو، ٿي سگهي ٿو سندس موت انهيءَ جنگ دوران ٻڏڻ سبب ٿيو هجي، پر فرخي جو بيان مشڪوڪ ٿو لڳي، ڇاڪاڻ تہ خفيف انهيءَ وقت تائين پندرهن سال وڏي ڪاميابيءَ سان ملڪ هلائي چڪو هو ۽ جتن جي مدد لاءِ پنھنجي سر محمود غزنويءَ سان وڙهڻ بجاءِ هو پنهنجو فوجون موڪلي ٿي سگهيو. گهڻو گمان آهي تہ خفيف
(27-1026ع ۾) منصوره ۾ ٿيل بيدرديءَ سان قتل عام کان ستت پوءِ گذاري چڪو هو، ڇاڪاڻ تہ سنڌ جي سومرن جو هڪ اجتماع 1026ع ۾ ٺري (تعلقي ماتليءَ) ۾ ٿيو هو، جتي سومار سنڌ جو آزاد بادشاھہ نامزد ڪيو ويو هو ۽ منصوره جو شھر ميسارجڻ سبب ’ٺري‘ کي گاديءَ جو درجو ڏنو ويو هو. سومرا راڄ گهراڻي جو باني خفيف پنھنجي پويان ڀونگر نالي ننڍڙو پٽ ڇڏيو، خفيف مضبوط ۽ رحمدل حاڪم هو، سخت حالتن جي باوجود هن تخت سنڀاليو ۽ عوام جي ڀلائيءَ لاءِ رات ڏينهن ڪم ڪيو. وڏي ڪاميابيءَ سان هن پندرهن سال حڪومت ڪئي.“ سنڌ ۾ بهادري جي علامت سمجهيو ويندڙ دودو سومرو هن ئي خاندان مان سنڌ جو حڪمران ٿي گذريو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو