خفيف II-: هن نالي سان سنڌ جي سومرن جي خاندان ۾ ٽي حڪمران رهي چڪا آهن، خفيف ٻيو ايم. ايڇ. پنهور جي تحقيق مطابق 7/1106ع کان 42/1141ع تائين حڪمران رهيو. هو همون ٻائيءَ جو وڏو ڀاءُ هو. جيڪا پنھنجي مڙس سنگهار جي مري وڃڻ کان پوءِ حڪمران ٿي هئي ۽ پنھنجي سلطنت کي ٻن حصن ۾ ورهائي پنھنجي ڀائرن کي حڪمران بنايو هئائين، انهن مان هڪ رياست تي وڏو ڀاءُ خفيف سومرو حاڪم مقرر ٿيو.
خفيف سومرو امن پسند حاڪم هو. جڏهن سلطان شھاب الدين محمد غوري ننڍي کنڊ تي حملو ڪري اڳتي وڌي رهيو هو تہ سڄي ننڍي کنڊ جي رياستن ۾ سخت نفسياتي ۽ اقتصادي دٻاءُ پيو. نتيجي طور سنڌ اندر بہ سخت بيچيني پيدا ٿي. اچ جي فتح کان پوءِ سلطان جيئن ئي واپس وريو تہ انهيءَ سياسي، سماجي ۽ اقتصادي بيچيني ۽ دٻاءَ مان فائدو وٺندي وڳھہ جي دودي نالي هڪ سومرا گهراڻي جي سردار بغاوت ڪري، خفيف کي قتل ڪري پاڻ حڪومت تي قبضو ڪيو.