خلائي تحقيق
خلائي تحقيق (Space Exploration): زمين جي ٻاهرئين گولي کي، فلڪيات ۽ خلائي حرفت وسيلي جاچڻ کي خلائي تحقيق چئجي ٿو. خلا جا ڄاڻو راڪيٽن تي چڙهي خلائي تحقيق ڪندا آهن، ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته زمين کان مٿي فضا ۾ ڪهڙا تارا ۽ سيارا ڪهڙي حالت ۾ آهن. اتان جي آبهوا، گرمي پد ۽ ٻيون ماحولياتي سرگرميون ڪهڙيون آهن يا ٿي سگهن ٿيون. اهڙي تحقيق جي شروعات 20 هين صدي عيسويءَ کان شروع ٿي. آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ دوران، خلائي ڊوڙ جو عمل ٿيو. جنهن ۾ روس ۽ آمريڪا هڪٻئي تي اڳرائي حاصل ڪرڻ لاءِ خلا ۾ پنهنجا راڪيٽ موڪلڻ شروع ڪيا. سڀ کان پهرين روس پنهنجو هڪ خلائي راڪيٽ، اسپوتنڪ I نالي 4 آڪٽوبر 1957ع تي خلا ۾ موڪليو. جڏهن ته آمريڪا 20 جولاءِ 1969ع تي اپولو- II نالي خلائي شٽل خلا ۾ موڪليو. جنهن جو ڪم هو ته اهو خلائي جهاز/ شٽل چنڊ بابت معلومات گڏ ڪري. ان کان ترت پوءِ سڀ کان اول خلا ۾ ويندڙ انسان يُوري گاگرين (Yuri Gagarin) هو، جنهن 1961ع ۾ خلا جو سفر ڪيو. سڀ کان اول خلا ۾ پير رکندڙ روسي خلائي ماهر اليڪسي ليونوف هو، جنهن 1965ع ۾ خلا ۾ قدم رکيو. سڀ کان پهريون خودڪار راڪيٽ جيڪو چنڊ جي سطح تي لٿو. ان جو نالو سائليوٽ-I هو، جيڪو 1971ع ۾ موڪليو ويو هو.
پهرين سيٽلائيٽ، اسپوتنڪ I هئي، جيڪا 1957ع ۾ خلا ۾ موڪلي وئي، ان جو وزن 393 ڪلوگرام هو. اهو خلائي راڪيٽ زمين کان 250 ڪلوميٽر زمين کان مٿي اڏاڻو ۽ خلا بابت تحقيق ڪيائين. هن ۾ اهڙو انتظام رکيو ويو هو، جنهن سان هٿ ايندڙ معلومات ريڊيائي لهرن ذريعي هيٺ زمين تي گڏ ڪئي پئي وئي. 4 آڪٽوبر 1957ع تي سويت يونين طرفان پهريون مصنوعي سيارو اسپوٽنڪ (Sptunki) ۽ آمريڪا جي خلائي راڪيٽ اپولو- II جو 20 جولاءِ 1969ع تي چنڊ تي لهڻ به انهيءَ خلائي ڊوڙ (Space race) جو حصو هئا. روس جي خلائي پروگرام شروع ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون ماڻيون، جنهن ۾ 1961ع ۾ يُوري گاگرين (Yuri Gagarin) به خلا ۾ قدم رکيو، جنهن کانپوءِ خلا ۾ سفر ڪرڻ راز نه رهيو. يورپي يونين، جپان ۽ هندستان پڻ انساني خلائي سفر جي ڪوشش ۾ رڌل رهيا آهن. 1990ع کان خانگي مفادن پڻ خلائي تحقيق کي فروغ وٺرائڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ چنڊ جي خلائي تحقيق به شامل آهي. 2000ع ۾ چين به ڪاميابيءَ سان خلائي پرواز جو سفر پورو ڪيو. سڀ کان پهرين انسان جا ٺاهيل پرزا (Objects) خلا ۾ موڪلڻ جو اعزاز جرمنيءَ جي سائنسدانن ڏانهن وڃي ٿو، جن پهريون انساني عنصر (V2 نالي) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران 3 آڪٽوبر 1942ع ڌاري خلا ۾ موڪليو. انهيءَ جنگ کانپوءِ آمريڪا به جرمنيءَ جي سائنسدانن کي پنهنجي فوجي ۽ شهري مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. ان کانپوءِ آهستي آهستي خلائي تحقيق ۾ تمام گهڻي ترقي ٿي ۽آخرڪار روس جي پهرين عورت ويلنٽينا ٽريشڪووا (Valentina Tereshkova)، 16 جون 1963ع ۾ خلا جو سفر ڪيو.
سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته خلائي ڊوڙ پٺيان سڀ کان وڏو سبب هٿيارن جي صنعت کي وڏي پئماني پهچائڻ هو. آهستي آهستي سائنس ۾ گهڻي تحقيق سان ’انٽرڪانٽينينٽل بئلسٽڪ ميزائل‘ (ICBMS) جهڙن هٿيارن جو ايجاد ٿيڻ ممڪن ٿيو. آمريڪا ۽ روس خلائي ڊوڙ جي حوالي سان هڪ ٻئي سان چٽاڀيٽيءَ ۾ رهيا آهن. اهڙي نموني ٻنهي ملڪن
خلائي تحقيق ۾ ڀرپور حصو ورتو. نتيجي طور ڪيتريون پراسرار خلائي کوجنائون ٿيون ۽ آهستي آهستي انسان مصنوعي سيارن ذريعي ڪيترن اهم گرهن ۽ اپگرهن کي فتح ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو ڪڏهن خواب سمجهيو ويندو هو. آمريڪي خلائي سائنسدانن وڏي ۾ وڏو ڪارنامو، 20 جولاءِ 1969ع تي سرانجام ڏنو ۽ نيل آرمسٽرانگ چنڊ تي قدم رکيو. اهڙيءَ ريت انسان جي مسلسل جدوجهد ذريعي ٻيون به ڪيتريون ئي خلائي ڪاميابيون مليون. سائنسدانن جي خلائي تحقيق سان سِج، عطارد، زهره، زمين، چنڊ، مريخ، مُشتري، زحل، نيپچون گرهن وغيره بابت معلومات حاصل ٿي ۽ ڪيترين خلائي حقيقتن جي ڄاڻ ملي. اڄ 21 صديءَ جي جديد دور ۾ خلائي تحقيق تمام وڏي اهميت رکي ٿي ۽ جيڪي ملڪ ان ۾ سڀ کان اڳرا آهن، تن کي دنيا ۾ ترقي يافته ۽ طاقتور سمجهيو وڃي ٿو.
1957.10.04 عيسوي
سڀ کان پهرين روس پنهنجو هڪ خلائي راڪيٽ، اسپوتنڪ I نالي 4 آڪٽوبر 1957ع تي خلا ۾ موڪليو.
1969.07.20 عيسوي
جڏهن ته آمريڪا 20 جولاءِ 1969ع تي اپولو- II نالي خلائي شٽل خلا ۾ موڪليو
1942.10.03 عيسوي
سڀ کان پهرين انسان جا ٺاهيل پرزا (Objects) خلا ۾ موڪلڻ جو اعزاز جرمنيءَ جي سائنسدانن ڏانهن وڃي ٿو، جن پهريون انساني عنصر (V2 نالي) ٻي مهاڀاري لڙائيءَ دوران 3 آڪٽوبر 1942ع ڌاري خلا ۾ موڪليو.