خلافت

خلافت: لفظ خلافت ’خلف‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نائب، نبيءَ يا وليءَ جي جاءِ نشينيءَ طور ساڳئي فڪر کي اڳتي هلائڻ وارو اسلامي نقطئه نظر سان خلافت معنيٰ الله تعاليٰ پاران اختيارن جو نظام مقرر ضابطن سان هلائڻ آهي. لفظ خلافت ۽ خليفي جو پسمنظر ڏسجي ٿو ته خليفو لفظ پهريون ڀيرو قرآن پاڪ ۾ حضرت آدم عليھ السلام لاءِ ڪتب آندو ويو. خلافت الله کي مالڪ سمجهي شريعت مطابق حڪومت ڪرڻ ۽ ان معنيٰ ۾ هڪ قوم جي مٿان حڪومت قائم ڪرڻ آهي. قرآن پاڪ مطابق الله تعاليٰ حضرت آدمعه کي زمين تي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو (سوره بقره آيت 30) انکانپوءِ خليفي جو لفظ حضرت دائودعه لاءِ استعمال ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلامي تعليم مطابق آدمعه جي تخليق سان گڏ خلافت جي به شروعات ٿي، جيڪا زماني جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو روپ مٽائيندي رهي. ان ڳالهه جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ هن ريت آهي ته: جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ ڪم ڪن ٿا، انهن سان الله تعاليٰ جو وعدو آهي ته انهن کي عارضي خلافت عطا ڪندو، جيئن هن کان اڳ جي ماڻهن تي خلافت عنايت ڪيائين (النور:55)، اهڙي طرح قرآن پاڪ ۾ مختلف جڳهين تي خلافت جو ذڪر آيو آهي.
ان کان پوءِ اسلام جي مختلف فرقن جي عالمن خلافت جون مختلف تشريحون ڪيون آهن جهڙوڪ: (1) امام ابن تيميه ڪتاب سياست شرقيه ۾ لکي ٿو ته: ”خلافت جي لائق اهو ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن کي صحيح سلامت امانتون پهچائي ۽ الله تعاليٰ، رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حڪمن تي عمل ڪري.“ (2) شيعا، خلافت جي جڳهه تي لفظ امامت کي استعمال ڪندا آهن ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ حضرت علي عليه السلام کي جاءِ نشين سمجهندا آهن.


لفظ خلافتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو