خلافت: لفظ خلافت ’خلف‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي نائب، نبيءَ يا وليءَ جي جاءِ نشينيءَ طور ساڳئي فڪر کي اڳتي هلائڻ وارو اسلامي نقطئه نظر سان خلافت معنيٰ ﷲ تعاليٰ پاران اختيارن جو نظام مقرر ضابطن سان هلائڻ آهي. لفظ خلافت ۽ خليفي جو پسمنظر ڏسجي ٿو تہ خليفو لفظ پهريون ڀيرو قرآن پاڪ ۾ حضرت آدم عليھ السلام لاءِ ڪتب آندو ويو. خلافت ﷲ کي مالڪ سمجهي شريعت مطابق حڪومت ڪرڻ ۽ ان معنيٰ ۾ هڪ قوم جي مٿان حڪومت قائم ڪرڻ آهي. قرآن پاڪ مطابق ﷲ تعاليٰ حضرت آدمعه کي زمين تي پنهنجو خليفو مقرر ڪيو (سوره بقرہ آيت 30) انکانپوءِ خليفي جو لفظ حضرت دائودعه لاءِ استعمال ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلامي تعليم مطابق آدمعه جي تخليق سان گڏ خلافت جي بہ شروعات ٿي، جيڪا زماني جي تبديليءَ سان گڏ پنهنجو روپ مٽائيندي رهي. ان ڳالھہ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ هن ريت آهي تہ: جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا ۽ نيڪ ڪم ڪن ٿا، انهن سان ﷲ تعاليٰ جو وعدو آهي تہ انهن کي عارضي خلافت عطا ڪندو، جيئن هن کان اڳ جي ماڻهن تي خلافت عنايت ڪيائين (النور:55)، اهڙي طرح قرآن پاڪ ۾ مختلف جڳهين تي خلافت جو ذڪر آيو آهي.
ان کان پوءِ اسلام جي مختلف فرقن جي عالمن خلافت جون مختلف تشريحون ڪيون آهن جھڙوڪ: (1) امام ابن تيميه ڪتاب سياست شرقيه ۾ لکي ٿو تہ: ”خلافت جي لائق اهو ماڻهو آهي، جيڪو ماڻهن کي صحيح سلامت امانتون پهچائي ۽ ﷲ تعاليٰ، رسول ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي حڪمن تي عمل ڪري.“ (2) شيعا، خلافت جي جڳھہ تي لفظ امامت کي استعمال ڪندا آهن ۽ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي برقعي مٽائڻ کانپوءِ حضرت علي عليہ السلام کي جاءِ نشين سمجهندا آهن.