خلجي، جلال الدين فيروز: جلال الدين فيروز خلجيءَ دهليءَ جي سلطنت تي ويهڻ کان ترت پوءِ ’ڪيلوڀري‘ (ڪيلوگهڙي) شهر کي تختگاهه بڻايو. ڪيلو ڀري کي شهر نو (نئون شهر) پڻ سڏيو ويندو هو، جنهن جو بنياد رکندڙ معزالدين ڪيقباد هو، هي شهر دهليءَ کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي هو. دهلي شهر ۾ ترڪ اميرن ۽ عام رعيت جو زور هو، انهن جلال الدين جي سخت مخالفت ڪئي، اتان جي اميرن هن کي افغان سڏيو. ترڪ هوندي به ترڪن کين پنهنجي برابر نه سمجهيو. اڳتي هلي فيروز خلجيءَ جي رعيت پروريءَ سبب اهو تاثر ختم ٿي ويو. هن لالچي اميرن کي زمينون ۽ جاگيرون ڏئي پنهنجو ڪيو. هڪ سال کان پوءِ جڏهن دهليءَ ويو، ان وقت سندس عمر 70 سال هئي. فيروز خان خلجيءَ کي هڪ دفعي درٻار جي وزير ملڪ احمد چپ کلم کلا چيو ته: ’هڪ بادشاهه کي حڪومت ڪجهه سختيءَ سان ڪرڻ گهرجي نه ته اهو بهتر ٿيندو ته هو تخت ڇڏي ڏي‘. فيروز کيس جواب ڏنو ته: ”جيڪڏهن حڪومت جي معنيٰ ظلم و تشدد آهي ته پوءِ اهڙي بادشاهي مون کي نه گهرجي“.
بلبن جي خاندان جو آخري فرد ملڪ ڇجو، الهه آباد جو گورنر هو، جڏهن ملڪ ڇجو ڪشل خان شعبان 689هه/ سيپٽمبر 1290ع ۾فيروز خلجيءَ خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو، تڏهن آسپاس جا ڪيترا امير هن سان اچي گڏيا، آخر ملڪ ڇجو پنهنجي لشڪر سميت دهليءَ ڏانهن وڌيو. اها خبر جڏهن فيروز خلجيءَ کي پئي تڏهن پاڻ لشڪر سميت، دهلي ڇڏي اڳتي وڌيو. بدايون شهر جي ويجهو ٻنهي لشڪرن جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ملڪ ڇجو چند گهڙين ۾ جنگ هارائي ويو ۽ پنهنجن اميرن سميت گرفتار ٿي اچي فيروز خلجيءَ وٽ پيش ٿيو. فيروز خلجي، سڀني قيدين کي زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏسي پريشان ٿي ويو. هن حڪم ڏنو ته باغين کي زنجيرن مان آزاد ڪري ساڻن مهمانن جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي. ملڪ ڇجوءَ کي ملتان موڪليو ويو، جتي کيس هر آرائش ۽ سهولت مهيا ڪري ڏني وئي. الهه آباد (ڪڙهه) جي گورنري فيروز خلجيءَ پنهنجي ڀائٽيي ۽ ناٺي علاؤ الدين خلجيءَ جي حوالي ڪئي ۽ خود محرم 690هه/ فيبروري 1291ع ڪيلوڀري (ڪيلوگهڙي) موٽي آيو. صوفي درويش سيدي مولا، جيڪو ايران جي بلبن جي دور ۾ دهليءَ آيو هو ۽ ڪجهه عرصو خواجه فريد الدين شڪر گنج جي صحبت ۾ رهيو هو. ان بزرگ جي خانقاهه تي روزانو امير توڙي غريب اچي ماني کائي ڍؤ ڪندا هئا.
فيروز خلجي کان اهو برداشت نه ٿيو ۽ هن سيدي مولا تي بغاوت جو الزام هڻي کيس چند مريدن سميت زنجيرن ۾ جڪڙي سندن سر قلم ڪيا. ان کان پوءِ ڏهه گز ڊگهي ۽ 3 گز ويڪري خندق کوٽي ان ۾ ڪاٺيون رکي باهه ڏني وئي ۽ جڏهن باهه ۾ سڀ ڪاٺيون ٻرڻ لڳيون تڏهن فيروز خلجيءَ جي حڪم سان سيدي مولا جي لاش کي ان باهه ۾ اڇلايو ويو.
سيدي مولا جي شهادت کان پوءِ راجپوتن جا حوصلا وڌي ويا. انهن بغاوت ڪئي. فيروز خلجي 1291ع ۾ لشڪر وٺي راجپوتانا ۽ مالوا جا علائقا فتح ڪيا، جتان ڪافي مال دولت ڦريائين، ان کان پوءِ رنٿمبور جي قلعي کي گهيرو ڪيائين. سندس فوج ڪافي عرصي تائين رنٿمبور جي قلعي کي گهيريو ويٺي رهي، آخرڪار فيروز خلجي بنا فتح جي دهليءَ واپس موٽي ويو. ان شرمناڪ ناڪاميءَ کان پوءِ هڪ ٻي مصيبت نازل ٿي. 692هه/ 1293ع ۾ هلاڪو خان جو پوٽو عبدالله ڏيڍ لک منگولن تي مشتمل فوج سان گڏ حملي آور ٿيو. فيروز خلجي منگولن جي حملي جي خبر ٻڌندي ئي مقابلي لاءِ تيار ٿيو، ٻئي لشڪر سنام جي علائقي ۾ اچي گڏيا. ان هنڌ تي ٻنهي فوجن کي الڳ ڪري رکيو هو. آخرڪار ٻنهي جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ فيروز خلجي حرفت سان جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ان دوران هن صلح جي آڇ به ڪئي. ٻنهي بادشاهن جي وچ ۾ صلح ٿيو ۽ عبدالله لشڪر سميت وطن واپس هليو ويو، پر الخ بيگ دهليءَ ۾ ئي رهي پيو. فيروز خلجي پنهنجي ٻي ڌيءَ جي شادي الخ بيگ سان ڪرائي. ان کان پوءِ الخ بيگ پنهنجي چئن هزار ساٿين سان ملڪ ۾ وڏي عهدي تي سرفراز ٿيو. هنن غياثپور، اندرپت، ڪيلوگهڙي ۽ تلوڪا (مغلپوره) ۾ رهائش اختيار ڪئي. فيروز خلجي پنهنجي ڀائٽيي کي سڀ اختيار ڏئي ڇڏيا هئا. هڪ ڏينهن فيروز خلجيءَ جو ناٺي علاؤ الدين پنهنجي محل ۾ پنهنجي ٻيءَ زال سان عيش عشرت ۾ مشغول هو ته فيروز جي ڌيءَ علاؤ الدين جي زال کيس پادرن سان اچي ڪُٽيو. علاؤ الدين پنهنجي زال (فيروز جي ڌيءَ) کي تلوار سان زخمي ڪري ڇڏيو. اها خبر جڏهن فيروز خلجيءَ کي پهتي ته هن بنا غور ڪرڻ جي چيو ته اهو زال مڙس جو معاملو آهي، پر کيس اها خبر نه هئي ته علاءُ الدين سندس قتل جون تياريون ڪري رهيو هو. فيروز خلجي جڏهن ڪڙهه ۾ پنهنجي ڀائٽي سان ملڻ لاءِ پهتو ته جيئن ئي ٻيڙي مان لهي پنهنجي ڀائٽيي ڏي وڌيو ته علاؤالدين جي مقرر ڪيل ماڻهن فيروز خلجيءَ جو سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ فيروز جي وفادار اميرن کي به قتل ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 17 رمضان 695هه/ 20 جولاءِ 1296ع تي جمعي جي ڏينهن پيش آيو. ان کانپوءِ حڪومت جون واڳون علاؤ الدين خلجيءَ جي هٿ ۾ آيون.
1296.07.20 عيسوي
فيروز خلجي جڏهن ڪڙهه ۾ پنهنجي ڀائٽي سان ملڻ لاءِ پهتو ته جيئن ئي ٻيڙي مان لهي پنهنجي ڀائٽيي ڏي وڌيو ته علاؤالدين جي مقرر ڪيل ماڻهن فيروز خلجيءَ جو سر ڌڙ کان جدا ڪري ڇڏيو. ان سان گڏوگڏ فيروز جي وفادار اميرن کي به قتل ڪري ڇڏيو. اهو واقعو 17 رمضان 695هه/ 20 جولاءِ 1296ع تي جمعي جي ڏينهن پيش آيو. ان کانپوءِ حڪومت جون واڳون علاؤ الدين خلجيءَ جي هٿ ۾ آيون.