خلجي رڪن الدين ابراهيم ’قدر خان‘: خلجي گهراڻي جي پهرئين حاڪم جلال الدين فيروز شاھہ جو آخري ننڍو پٽ رڪن الدين ابراهيم هو، جنهن کي سلطنت طرفان ’قدر خان‘ جي خطاب سان نوازيو ويو. جڏهن سيدي مولا سان گڏ سلطان جو وڏو پٽ خان خانان قتل ٿي ويو، تڏهن خان خانان جون سڀ جاگيرون ابراهيم کي ڏنيون ويون. جلال الدين خلجي پنھنجي زندگيءَ ۾ ئي پنھنجي پٽ ارڪلي خان کي ملتان جو گورنر مقرر ڪيو ۽ ابراهيم کي پاڻ سان گڏ دارالسلطنت دهليءَ ۾ رهايائين. جڏهن علاءُالدين پنھنجي چاچي ۽ سهري جلال الدين کي قتل ڪري حڪومت جون واڳون سنڀاليون، تڏهن دهليءَ ۾ جلال الدين جي بيوه پنھنجي ننڍي پٽ سلطان رڪن الدين ابراهيم کي ’قدر خان‘ جي لقب سان بادشاھہ بنايو ۽ ٻئي ماءُ پُٽ گڏجي حڪومت ڪرڻ لڳا.
ملتان ۾ ارڪلي خان کي جڏهن پنھنجي ماءُ جي ناانصافيءَ جي خبر پئي تہ کيس ڏاڍو ڏک پهتو، پر ماٺ رهيو. علاءُ الدين اها خبر ٻڌندي ئي دهليءَ تي حملو ڪري ڏنو ۽ ترت دهلي فتح ڪري ورتائين. سلطان ابراهيم پنھنجي ماءُ ۽ لشڪر سميت اچي پنھنجي ڀاءُ ارڪلي خان وٽ ملتان پهتو. ارڪلي خان کي علاءُالدين جي حملي جو خطرو هو. علاءُالدين دارالسلطنت دهليءَ ۾ جشن ڪرڻ بدران جلد هڪ وڏو لشڪر ملتان فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو. خلجي گهراڻي جي ٻن سڳن سئوٽن جي جنگ ۾ علاءُالدين کي فتح حاصل ٿي ۽ ارڪلي خان، ابراهيم، ملڪ احمد چپ ۽ الخ بيگ گرفتار ٿيا. علاءُالدين جي حڪم سان انهن سڀني کي انڌو ڪيو ويو ۽ ارڪلي خان ۽ رڪن الدين ابراهيم کي هانسيءَ جي ڪوٽوال جي حوالي ڪيو ويو. جنهن ٻنهي شهزادن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. خلجي گهراڻي جي پهرئين حاڪم جلال الدين فيروز جي ٽن پٽن: خان خانان، ارڪلي خان ۽ ابراهيم قدر خان مان صرف ننڍو پٽ ابراهيم قدر خان ٿوري عرصي لاءِ بادشاھہ ٿيو هو ۽ خلجي گهراڻي، بلبن گهراڻي کان حڪومت کسي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي.