خلجي، علاؤالدين

خلجي، علاؤالدين

خلجي علاؤالدين

خلجي، علاؤالدين: 17 رمضان 695ھہ/ 20 جولاءِ 1296ع تي علاؤ الدين خلجي پنھنجي چاچي جلال الدين فيروز خلجيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي خود دهلي سلطنت جو تخت نشين ٿيو. تاريخي تذڪرن ۾ اچي ٿو تہ جڏهن هاٿين تي ويٺل امير، علاؤ الدين جي تخت نشينيءَ جو اعلان ڪري رهيا هئا، تڏهن جلال الدين جي سسيءَ کي نيزي ۾ ٽنبي، اُڀو ڪري، ڪڙھہ ۽ مانڪپور ۾ گشت ڪرايو پئي ويو. علاؤ الدين بادشاھہ ٿيڻ کان پوءِ دهليءَ تي نظر رکي. سلطنت جي گاديءَ جو هنڌ اڃا جلال الدين جي پٽن جي قبضي ۾ هو، انهيءَ ڪري هن دهليءَ تي قبضي ڪرڻ لاءِ لشڪر تيار ڪري دهليءَ تي حملو ڪيو، جنهن ۾ کيس سوڀ ٿي. جلال الدين جي زال ۽ پٽ دهليءَ مان نڪري اچي ملتان رسيا، جتي اڳ ئي سندن ڀاءُ ارڪلي خان گورنر هو.
دهليءَ کي فتح ڪرڻ کان پوءِ علاؤ الدين ملتان کي فتح ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ۽ هڪ وڏو لشڪر تيار ڪري ملتان تي اچي ڪڙڪيو. علاؤ الدين جي لشڪر ملتان کي گهيري ۾ آندو، ارڪلي خان لشڪر سميت وڃي قلعي بند ٿيو. ٻن مهينن تائين گهيرو هليو ۽ نيٺ ارڪلي خان جي ڪوٽوال غداري ڪري قلعي جا دروازا کولي ڇڏيا، جنهن کان پوءِ ارڪلي خان پنھنجي سڄي خاندان سميت گرفتار ٿيو. جڏهن اهي سڀ علاؤ الدين جي درٻار ۾ پيش ٿيا، تہ علاؤ الدين ارڪلي خان، ابراهيم، ملڪ احمد چپ ۽ جلال الدين جي ناٺي الخ بيگ کي وڏيءَ بيرحميءَ سان انڌي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو. جلال الدين جي پٽن ارڪلي ۽ ابراهيم کي انڌو ڪرائي هانسيءَ جي ڪوٽوال جي حوالي ڪيو ويو، جنهن ٻنهي شهزادن کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ملڪہ جهان، ملڪ احمد چپ ۽ الخ بيگ کي نصرت خان دهليءَ ۾ پنھنجي محل ۾ قيد رکيو.
1297ع ۽ 1299ع جي وچ ڌاري منگولن هندستان تي ٻہ حملا ڪيا، جن ۾ علاؤ الدين فاتح رهيو. ان کان پوءِ آهستي آهستي هي ظالم ۽ سنگدل ٿيندو ويو. هن هڪدم گجرات تي حملو ڪيو ۽ اتي لکين انسانن جو قتل عام ڪيو. ان کان سواءِ گجرات شھر لُٽي ڦُري، تھس نهس ڪيو ويو. اتي تشدد پسند فوج جو جٿو مقرر ڪري علاؤ الدين دهليءَ واپس آيو. مال غنيمت ۾ راءِ ڪرن جي راڻي ڪملا ديوي، هزارين حسين ڇوڪريون، سوين مڻ سون ۽ ٻيون قيمتي شيون شامل هيون، ان کان سواءِ بہ هر سپاهيءَ کي ڦرلٽ مان ايترو مال هٿ لڳو هو، جو سندن ٻار سون سان رانديون کيڏڻ لڳا. علاؤ الدين ڪملا ديويءَ کي هڪدم حر مسراء ۾ داخل ڪيو. ملڪ ڪافور کي علاؤ الدين پنھنجي فوج جو سپھہ سالار مقرر ڪري ڇڏيو.
گجرات جي فتح کانپوءِ 1301ع ۾ علاؤ الدين رنٿمبور جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو. رنٿمبور ۾ ان وقت چوهاڻ بادشاھہ همير ديو جي حڪومت هئي، جيڪو پرٿوي راج جو جانشين هو. علاؤ الدين رنٿمبور تي حملو ڪيو، پر ڪامياب نہ ٿي سگهيو. آخرڪار پاڻ وڌيڪ لشڪر وٺي حملي لاءِ وڌيو. واٽ تي علاؤالدين تي علاؤالدين جي ڀائٽي کيس قتل ڪري تخت حاصل ڪرڻ چاهيو، پر ڪامياب نہ ٿيو ۽ گرفتار ٿي پيو.
علاؤ الدين کيس وڏيءَ بيدرديءَ سان اذيتون ڏئي قتل ڪرايو. ان بعد وڏي ڪوشش کان پوءِ رنٿمبور قلعو فتح ڪيائين. ان فتح کان پوءِ 8 جمادي الثاني 702ھہ/ 28 جنوري 1303ع تي علاؤ الدين چتوڙ تي ڪاھہ ڪئي. هن چتوڙ جي راجا رتن سنگهہ جي زال (پدمات) جي حسن جي تعريف ٻُڌي هئي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويو. روايت آهي تہ هنديءَ جي اُستاد شاعر ملڪ محمد جائسيءَ سلطان علاو الدين جي آڏو چتوڙ جي
راجا رتن سنگهہ جي زال پدمڻي جي حسن جو بيان، پنھنجي مشھور نظم ”پدماوت“ ۾، راگهو پنڊت جي زباني ڪيو هو، جنهن ۾ شاعرپدماوت“ (پدمڻي راڻي) جي سورهن سهڻن عضون جي تعريف ڪئي آهي ۽ انهن کي سينگار سڏيو آهي، ”سورهن سينگار“ جو اصلاح پدماوت جي فطري حسن سان تعلق رکي ٿو،آخرڪار چتوڙ جي قلعي کي فتح ڪري راڻي رتن سنگهہ کي گرفتار ڪرايو. راڻي پدمڻي ڪجهہ لشڪر ساڻ ڪري قلعي مان نڪري ڀڄي وئي. علاؤالدين کي جڏهن اها خبر پئي تہ ڏاڍو پشيمان ٿيو. ڪرنل ٽاڊ لکي ٿو تہ: ”قلعي جي فتح کان ٿورو اڳ راجپوت عورتن هڪ وڏي کاهيءَ ۾ باھہ ٻارائي پاڻ کي باھہ جي حوالي ڪري ڇڏيو. انهن بھادر راجپوت عورتن جي سرواڻ راڻي پدمڻي هئي، جنهن سڀ کان پهرين پاڻ کي باھہ جي حوالي ڪيو. راڻي پدمڻيءَ اهو چئي سر ڏنو تہ بدڪردار، عياش ۽ وحشي علاؤ الدين ۽ سندس ساٿين جي هوس جو شڪار ٿيڻ کان آءٌ باھہ ۾ سڙڻ کي ترجيح ڏينديس ۽ عزت سان مرڻ قبول ڪنديس، پر هن ظالم ۽ عياش علاؤ الدين جي حوالي پاڻ کي ڪڏهن بہ نہ ڪنديس.“
علاؤالدين 1303ع ۾ چتوڙ تي حملو ڪيو ۽ اَٺن مهينن جي سخت جنگ کان پوءِ چتوڙ جي قلعي تي قبضو ڪري سگهيو.
علاؤالدين چتوڙ جي فتح کان پوءِ مالوه، سوانا، جالور کي بہ فتح ڪيو. ان کانپوءِ منگول جالنڌر شھر پهتا، جنهن کي علاؤ الدين جي وزير ظفر خان شڪست ڏئي ڀڄايو. ان هوندي بہ منگولن علاؤ الدين جي رياست تي ڇھہ زبردست حملا ڪيا، پر اهي ڪامياب نہ ٿي سگهيا. ڪيترا منگول
علاؤ الدين وٽ پيش پيا، پر علاؤالدين جيئن تہ بدڪردار هو، ان ڪري کيس ڊپ ٿيو تہ متان منگول کيس قتل ڪن. ان ڪري هن صرف دهليءَ ۾ چاليھہ هزار منگول بيگناھہ قتل ڪرائي ڇڏيا. انهن نون مسلمان ٿيندڙ منگولن جو هڪ ٻار بہ جيئرو نہ ڇڏيو ويو. سندن عورتن کي غلام بڻائي ڪجهہ پاڻ وٽ رکيائين ۽ باقي عورتن کي وڪڻي ڇڏيائين. ان کان پوءِ دکن، ديوگيري، اورنگل ۽ دوارسمدر کي پڻ فتح ڪيائين. منگولن جي بيگناھہ قتل کانپوءِ هن جي حڪومت ڪمزور ٿي وئي. اوچتو 1313ع ۾ سخت بيمار ٿي پيو، جنهنڪري ملڪ جو سڄو نظام نائب حاڪم ملڪ ڪافور جي هٿ ۾ اچي ويو. ملڪ ڪافور ۽ علاؤ الدين جي زال
ڪملا ديوي پاڻ ۾ ٺھي ويا ۽ ملڪ ڪافور سلطان جي نالي تي ملڪ جو سڄو ڪاروبار هلائڻ لڳو. هن علاؤالدين جي پٽ خضر خان کي گواليار ۾ سندس گهر واريءَ ملڪہ جھان ماهرو سميت قيد ڪري ڇڏيو.
7 شوال 715ھہ/ 6 جنوري 1316ع تي ملڪ ڪافور ۽ ڪملا ديويءَ گڏجي علاؤالدين کي زهر ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. علاؤالدين جي موت کان پوءِ ملڪ ڪافور حاڪم ٿي ويٺو. ظاهري طور هن علاؤالدين جي ڇھن سالن جي ننڍي پٽ سلطان شھاب الدين عمر کي تخت نشين ڪيو ۽ ملڪہ ڪملا ديويءَ سان شادي ڪئي. ملڪ ڪافور شاهي خاندان جي سڀني فردن کي قيد ڪري ڇڏيو، جن مان گهڻن کي انڌو پڻ ڪرائي ڇڏيائين. ملڪ ڪافور ٿوري عرصي کان پوءِ پاڻ بہ قتل ٿي ويو ۽ مبارڪ خان تخت نشين ٿيو. قطب الدين مبارڪ پنھنجي ڀاءُ عمر کي انڌو ڪرائي ڇڏيو ۽ ٻن ڀائرن خضر خان ۽ شادي خان کي قتل ڪرائي، خضر خان جي زال ديول راڻي سان نڪاح ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ قطب الدين مبارڪ کي پنھنجي وزير ناصر الدين خسرو رات جو بادشاهي محل ۾ بيدرديءَ سان 1320ع ۾ قتل ڪرائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح خلجي گهراڻي جو ٽيھہ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ خاتمو ٿي ويو. ”راڄ گهراڻو'>سومرا راڄ گهراڻو“ ۾ ڊاڪٽر مھر عبدالحق سومرو ڄاڻائي ٿو ته، ”دودو بادشاھہ 671ھہ/1272ع ۾ گذاري ويو انهي سال ان جو پٽ طائي سومرو سنڌ جو بادشاھہ بڻيو ۽ 682ھہ / 1283ع ۾ وفات ڪيائين، ان کانسواءِ چنيسر تخت تي ويٺو. جڏهن تہ علاو الدين خلجي
695ھہ/1296ع کان 715ھہ/1316ع تائين حڪومت ڪئي. انهي ڪري دودي چنيسر وارو لوڪ داستان تاريخ نہ پر ڪوڙا قصا آهن. علاو الدين خلجي سنڌ ڏانهن نہ آيو هو. ائين ٿي سگهي ٿو تہ ظفر خان (علاو الدين خلجي جي سپه سالار) چنيسر کي ڏيهي بغاوت ۾ مدد ڪئي هجي.“
هن علاؤالدين خلجيءَ جي حوالي سان روايت آهي تہ هن سنڌ تي حملو ڪيو هو. هن اهو حملو چنيسر سومري جي چوڻ تي ڪيو هو ۽ ساڻس دودي سومري بهادريءَ سان جنگ ڪئي ۽ کيس چنيسر جو آڇيل ڀيڻ ٻاگهل ٻائيءَ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ وطن ۽ ننگن جي حفاظت ڪندي شھيد ٿي ويو. ڪن تاريخدانن اختلاف ڏيکاريو آهي تہ ان وقت علاؤالدين خلجي نہ پر ٻيو ڪو خلجي حڪمران حملي آور ٿيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1296.07.20  عيسوي

17 رمضان 695هه/ 20 جولاءِ 1296ع تي علاؤ الدين خلجي پنهنجي چاچي جلال الدين فيروز خلجيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي خود دهلي سلطنت جو تخت نشين ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جالوت
باغ محمد بيشڪ جوکيو
فيض محمد سڪندري پتافي
جمعو فقير 1
جسو ۽ جسراج
دلدار عباسي
فضل الرحمٰن ميمڻ
پير ڪرم ﷲ انصاري دلبر سائين
طاهر محمد نسياني مير
بچل شاھہ مياڻيءَ وارو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون