خلع: خلع عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي بغير حق مھر وٺڻ جي طلاق وٺڻ يا عورت پاران ڪجهہ معاوضو ڀري طلاق وٺڻ. خلع جي معاملي ۾ زال ۽ مڙس جي گهر ۾ ئي جيڪڏهن ڪو معاملو طئي ٿي وڃي تہ اهو ئي جاري ٿي ويندو، پر جيڪڏهن معاملو عدالت ۾ ويو تہ پوءِ عدالت انهيءَ ڳالھہ جي تحقيق ڪندي تہ عورت جي واقعي مڙس سان ايتري نفرت ٿي چڪي آهي جو ان سان رهي نہ ٿي سگهي. اهڙي جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ عدالت کي اختيار آهي، تہ حالتن پٽاندر جيڪو فديو چاهي تجويز ڪري. انهيءَ فديي (معاوضي) کي قبول ڪري مڙس کي طلاق ڏيڻي پوندي. عام طور تي فقيهن انهيءَ ڳالھہ کي پسند نہ ڪيو آهي تہ مڙس جيڪو مال (معاوضو) زال کي ڏيئي چڪو آهي، ان کان وڌيڪ اوڳاڙي. خلع جي صورت ۾ ڏنل طلاق بائنه آهي، رجمي ناهي. ڇو تہ عورت معاوضو ڏيئي طلاق خريد ڪئي آهي. ان ڪري مڙس کي اهو حق ناهي هوندو تہ اها طلاق واپس وٺي سگهي. البت ساڳيو مرد ۽ عورت پاڻ ۾ وري هڪ ٻئي سان راضي ٿي وڃن ۽ ٻيهر نڪاح ڪرڻ چاهين تہ ائين ڪرڻ سندن لاءِ جائز آهي. (تفهيم القرآن). اڪثر عالمن وٽ خلع جي عدت اها ئي آهي، جيڪا طلاق جي آهي، پر ابو دائود، ترمذي ۽ ابن ماجه وغيرہ ۾ ڪجهہ روايتون اهڙيون بہ آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن ان جي عدت هڪ حيض قرار ڏني هئي ۽ ان مطابق حضرت عثمان رضي ﷲ عنه هڪ مقدمي جو فيصلو پڻ ڪيو هو (ابن اثير).