خلفاءِ راشدين 1

خلفاءِ راشدين: خلفاءِ راشدين ۾ اسلامي سلطنت جا پهريان چار خليفا، حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان بن عفانرضه ۽ حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام شمار ڪيا وڃن ٿا. جن حضور صلي الله عليه وسلم جن کان سڌي رشد ۽ هدايت حاصل ڪئي.
رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي وفات کان پوءِ سندن جاءِ نشينيءَ طور هيٺيان خليفا مقرر ٿيا.
(1) حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنه: نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي وصال کان پوءِ پهريون جاءِ نشين يا خليفو حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه چونڊيو ويو ۽ اتان ئي خلافت جو دور شروع ٿيو. خلافت بابت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان آهي ته: خلافت، عليٰ منهاجُ النبوت (نبوت جي واٽ تي هلندڙ خلافت). حضرت ابوبڪر رضه 11 هجري 632ع ۾ خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ٻه سال ٽي مهينا ۽ يارهن ڏينهن اسلام جو خليفو رهيو. 63 سالن جي عمر ۾ جمادي الثاني 13هه 634ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کين نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي روضي مبارڪ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
(وڌيڪ ڏسو: ابوبڪر صديق رضي الله عنه- جلد پهريون).
(2) حضرت عمر فاروق رضي الله عنه: حضرت صديق رضه'>ابوبڪر صديق رضه کان پوءِ حضرت عمر فاروق رضه اسلام جو ٻيو نمبر خليفو چونڊيو ويو. سن 13هه مطابق 634ع ۾ خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس دور خلافت يارهن سالن تائين رهيو، سندس دور ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي تمام گهڻو اقتصادي فائدو پهتو، فتحون نصيب ٿيون ۽ عدل انصاف عام ٿيو. حضرت عمر فاروقرضه کي محرم 24 هه تي شهيد ڪيو ويو.
(وڌيڪ ڏسندا: بن خطاب رضي الله عنه'>عمر بن خطاب رضي الله عنه)
(3) حضرت عثمان غني رضي الله عنه: حضرت عمر بن خطاب رضه جي شهادت کان پوءِ سن 24هه ۾ حضرت عثمان بن عفان رضه کي خليفو چونڊيو ويو. سندس دور خلافت جي ڏهن سالن ۾ مخالفتن ۽ سازشن باوجود اسلامي حڪومت جون حدون هندستان ۽ يورپ تائين پهتيون ۽ اسلام وڏي ترقي ڪئي. حلم ۽ حيا جي هن پيڪر 18 ذوالحج 35هه بمطابق 2 مئي 656ع تي قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي باغين هٿان شهادت ماڻي کين جنة البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. (وڌيڪ ڏسندا: عثمان بن عفان رضي الله عنه)
(4) حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام: حضرت عثمانرضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي بن ابي طالب عليه السلام ذوالحج 35هه/656ع ۾ چوٿون خليفو چونڊيو ويو. سندس دور حڪومت ۾ کيس شديد مخالفت برداشت ڪرڻي پئي ۽ کيس آرام سان حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي. ان هوندي به بهتر انتظام سان خلاف هلايائين. پاڻ وڏا عالم هئا، ان ڪري کين صوفين جو امام سڏيو ويندو آهي. رسول پاڪ کين ’علم جو دروازو‘ سڏيو آهي.
حضرت علي عليه السلام جي شهادت کان پوءِ رمضان 40 هه ۾ سندس فرزند حضرت امام حسن عليه السلام کي پنجون نمبر خليفو بنايو ويو. هن سڄي دور کي ’خلافت راشده‘ سڏيو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: حضرت امام حسين عليه السلام).


هن صفحي کي شيئر ڪريو