خلفاءِ راشدين: خلفاءِ راشدين ۾ اسلامي سلطنت جا پهريان چار خليفا، حضرت ابوبڪر صديق رضه، حضرت عمر فاروق رضه، حضرت عثمان بن عفانرضه ۽ حضرت علي بن ابي طالب عليہ السلام شمار ڪيا وڃن ٿا. جن حضور صلي ﷲ عليہ وسلم جن کان سڌي رشد ۽ هدايت حاصل ڪئي.
رسول اڪرم صلي ﷲ عليہ وسلم جي وفات کان پوءِ سندن جاءِ نشينيءَ طور هيٺيان خليفا مقرر ٿيا.
(1) حضرت ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه: نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي وصال کان پوءِ پهريون جاءِ نشين يا خليفو حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ چونڊيو ويو ۽ اتان ئي خلافت جو دور شروع ٿيو. خلافت بابت نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو فرمان آهي تہ: خلافت، عليٰ منهاجُ النبوت (نبوت جي واٽ تي هلندڙ خلافت). حضرت ابوبڪر رضہ 11 هجري 632ع ۾ خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو ۽ ٻہ سال ٽي مهينا ۽ يارهن ڏينهن اسلام جو خليفو رهيو. 63 سالن جي عمر ۾ جمادي الثاني 13ھہ 634ع ۾ وفات ڪيائين ۽ کين نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جي روضي مبارڪ جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
(وڌيڪ ڏسو: ابوبڪر صديق رضي ﷲ عنه- جلد پهريون).
(2) حضرت عمر فاروق رضي ﷲ عنه: حضرت صديق رضہ'>ابوبڪر صديق رضہ کان پوءِ حضرت عمر فاروق رضہ اسلام جو ٻيو نمبر خليفو چونڊيو ويو. سن 13ھہ مطابق 634ع ۾ خلافت جي عهدي تي فائز ٿيو. سندس دور خلافت يارهن سالن تائين رهيو، سندس دور ۾ اسلام ۽ مسلمانن کي تمام گهڻو اقتصادي فائدو پهتو، فتحون نصيب ٿيون ۽ عدل انصاف عام ٿيو. حضرت عمر فاروقرضه کي محرم 24 ھہ تي شھيد ڪيو ويو.
(وڌيڪ ڏسندا: بن خطاب رضي ﷲ عنه'>عمر بن خطاب رضي ﷲ عنه)
(3) حضرت عثمان غني رضي ﷲ عنه: حضرت عمر بن خطاب رضہ جي شهادت کان پوءِ سن 24ھہ ۾ حضرت عثمان بن عفان رضہ کي خليفو چونڊيو ويو. سندس دور خلافت جي ڏهن سالن ۾ مخالفتن ۽ سازشن باوجود اسلامي حڪومت جون حدون هندستان ۽ يورپ تائين پهتيون ۽ اسلام وڏي ترقي ڪئي. حلم ۽ حيا جي هن پيڪر 18 ذوالحج 35ھہ بمطابق 2 مئي 656ع تي قرآن مجيد جي تلاوت ڪندي باغين هٿان شهادت ماڻي کين جنة البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. (وڌيڪ ڏسندا: عثمان بن عفان رضي ﷲ عنه)
(4) حضرت علي بن ابي طالب عليہ السلام: حضرت عثمانرضه جي شهادت کان پوءِ حضرت علي بن ابي طالب عليہ السلام ذوالحج 35ھہ/656ع ۾ چوٿون خليفو چونڊيو ويو. سندس دور حڪومت ۾ کيس شديد مخالفت برداشت ڪرڻي پئي ۽ کيس آرام سان حڪومت ڪرڻ نہ ڏني وئي. ان هوندي بہ بهتر انتظام سان خلاف هلايائين. پاڻ وڏا عالم هئا، ان ڪري کين صوفين جو امام سڏيو ويندو آهي. رسول پاڪ کين ’علم جو دروازو‘ سڏيو آهي.
حضرت علي عليہ السلام جي شهادت کان پوءِ رمضان 40 ھہ ۾ سندس فرزند حضرت امام حسن عليہ السلام کي پنجون نمبر خليفو بنايو ويو. هن سڄي دور کي ’خلافت راشده‘ سڏيو وڃي ٿو. (وڌيڪ ڏسو: حضرت امام حسين عليہ السلام).