
خلفاءِ راشدين (ڪتاب)
خلفاءِ راشدين (ڪتاب): خلفاءِ راشدين جي سيرت تي مشتمل هيءُ ڪتاب مشھور اديب ۽ صحافي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جو لکيل آهي. ان ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آگسٽ 2008ع ۾ مهراڻ اڪيڊميءَ طرفان شايع ٿيو آهي. هن ڪتاب ۾ خلفاءِ راشدين (حضرت ابوبڪررضه، حضرت عمررضه، حضرت عثمانرضه ۽ حضرت عليرضه) جا ڪارناما مختصر، پر جامع انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن، جڏهن تہ آخر ۾ حضرت امام حسنرضه جي حياتيءَ جو احوال بہ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي شروع ۾ خلفاءِ راشدين ۽ حضرت امام حسين رضہ جي شان ۾ حافظ بسمل ٽکڙائيءَ جي شاعري ڏنل آهي ۽ هر خليفي جي ڪارنامن بيان ڪرڻ کانپوءِ انهن جا قول پڻ ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي رنگين ٽائٽل تي نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن جي ’مھر نبوت‘ جو عڪس ڏنل آهي. رنگين ۽ پڪي جلد واري 134 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا ڄاڻايل آهي.