خليفو حاجي عبدالله: خليفي حاجي عبدالله نظاماڻيءَ 1753ع ڌاري جنم ورتو. سندس والد خليفو محمود، ميان سرفراز ڪلهوڙي جي حڪومت وقت هڪ مشھور خدا رسيدہ بزرگ ٿي گذريو آهي. هو پير پاڳاري جو خليفو هو. پهرين وڏو زميندار ۽ امير هو، پوءِ جڏهن مرشدن جي فيض جي نظر مٿس پئي تہ اميري ڇڏي ڪامل فقير ٿيو ۽ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ اڀرندي آفريڪا جا امير ماڻهو سندس مريد اچي ٿيا. سندس عاليشان درگاھہ ڪڙيي گهنور ۾ آهي، جتي هر سال ربيع الاول مهيني ۾ وڏو ميلو لڳندو آهي، جنهن ۾ ڪڇ، ڪاٺياواڙ، بمبئي ۽ زنجبار جا مريد شامل ٿيندا آهن. سندس والد خليفي محمود جو ڪتاب ’ملفوظات‘ مشھور آهي. خليفي ميان حاجي عبدالله ’مجنون و ليليٰ‘ ڪتاب 1208 ھہ/ 1793ع ڌاري تصنيف ڪيو. هن ٽالپرن جي پهرين چوياريءَ جي حڪومت بہ ڏٺي.