خليفو حاجي لطف ﷲ سانوڻي هالائي

خليفو حاجي لطف سانوڻي هالائي: هيءُ هڪ نيڪ سيرت بزرگ، عالم، مدرس ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. هن جو والد نصرالله سانوڻي بہ خود صاحب علم شخص هو، سندس سمورو خاندان پير پاڳاري جو مريد هو، جنهنڪري مٿن خليفي جو لقب پيل هو. هن جي شادي سنڌ جي مشھور صاحب ديوان شاعر خليفي گل محمد گل هالائيءَ جي ڌيءَ سان ٿي. بھترين شاعر هو. فارسيءَ ڪلام سميت سنڌيءَ ۾ ڪيتريون مداحون، مناجاتون، مولود ۽ ڪافيون چيائين. پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ هالا پراڻي جي بازار ۾ قائم مسجد ۾ پڙهائڻ لڳو. هن بزرگ تيرهين صدي هجريءَ ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو