خليفو سيد محمد باقر شاھہ

خليفو سيد محمد باقر شاھہ: خليفو صوفي سيد محمد باقر شاھہ عرف ٻاوا ڏونگر پوري جوڌپُور رياست جو سنڌيءَ جو هڪ اهم شاعر ٿي گذريو آهي. هي شاھہ عنايت شھيد جو خليفو هو. سندس ڀڄن اڄ بہ هندستان ريڊيو جي مختلف اسٽيشنن خاص طرح احمد آباد ۽ بڙودا تان نشر ٿيندا رهن ٿا. خليفي صوفي سيد محمد باقر شاھہ جي مزار موجودہ رياست راجسٿان جي ٻاڙمير شھر ويجهو ڇوٽڻ ۾ آهي، جتي سندس ساليانو ميلو لڳندو آهي ۽ هزارين عقيدتمند کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن ۽ درگاھہ تي نذراني طور سون ۽ چاندي بہ ڏئي وڃن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو