خليفو غلام ﷲ: مشھور شاعر خليفو غلام ﷲ ڪلهوڙو، ڳوٺ چودريءَ، تعلقي وارھہ، ضلعي قمبر- شھدادڪوٽ جو ويٺل هو. 110 سالن جي ڄمار ۾ سيپٽمبر 1956ع ۾ وفات ڪيائين. فارسي زبان تي ڪافي دسترس هئس. سندس ٻہ منظوم ڪتاب ‘نقش سليماني’ ۽ ‘يوسف زليخا’ ڇپائيءَ جي ابتدائي دور ۾ ويڙهي مل کٽڻ مل تاجر ڪتب، ليٿو پريس لاڙڪاڻي مان شايع ڪرايا. شعر ۾ تخلص ‘غلام’ ڪندو هو. سندس ڪلام جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
ٻيو ڪو شال نا سمجهي،سڄڻ جو شان شاهاڻو،
نينھن لاتو تني ڄاتو، گهمايو عشق جن گهاڻو،
اچن اوٿر تهين اعليٰ، بلندي بي بيان بالا،
ڪري سو تخت سو تالان، ڀلائي جنهن ڪيا ڀاڻو،
مچي ويو درد دل اندر،جڏهن جو سور ساماڻو،
ٻري ويا جگر جيءَ جيرا، ڪوريءَ جو خيال سڀ کاڻو.