خليفو محمد يعقوب همايوني

خليفو محمد يعقوب همايوني: نامور عالم خليفي محمد يعقوب رياست قلات (بلوچستان) جي شھر ’جهٽ‘ ۾ محمد مبارڪ پيچوهي ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. خليفي جي والد کي هڪ بزرگ بشارت ڏني هئي تہ سندس سلسلي مان هڪ ڪامل درويش پيدا ٿيندو، جيڪو علم خواه عمل جي لحاظ کان ممتاز مقام حاصل ڪندو. ان بزرگ جي ملاقات کانپوءِ جلد سندس گهر ۾ پٽ جنم ورتو، جنهن جو نالو محمد يعقوب رکيو ويو. محمد يعقوب کي تعليم لاءِ ڀاڳناڙي علائقي جي شھر ’ڪنڊي‘ ۾ پنھنجي دور جي تمام وڏي عالم، علامہ عبدالحليم ڪنڊوي‘ جي مدرسي ۾ داخل ڪرايو ويو. محمد يعقوب ان مدرسي مان مولانا عبدالحليم ڪنڊوي وٽان تعليم پرائي فارغ التحصيل ٿيو. ان کانپوءِ قلات جي والي مير نصير خان جي دور ۾ پنھنجي استاد سان گڏ ڪنڊي شھر مان لڏي جيڪب آباد جي ويجهو ’آباد‘ ڳوٺ ۾ اچي رهيو. ڪجهہ عرصو اتي رهڻ بعد همايون جي زميندارن غازي خان سومري ۽ مسو خان سڌايي جي اسرار تي اتان نڪري همايون ۾ رهيا، جتي هڪ مدرسي جو پڻ بنياد وڌائون. ان مدرسي ۾ سندس استاد علامہ عبدالحليم صدر مدرس ٿي رهيو ۽ پاڻ استاد جي حيثيت سان پڙهائڻ لڳو. سندس استاد 1838ع ۾ وفات ڪئي، جنهن بعد ان جي جاءِ تي پاڻ صدر مدرس مقرر ٿيو. ان ذميواري کي هن احسن نموني نڀايو. سندس هٿ هيٺ مدرسو وڏي اوج تي پهتو ۽ هن همايون ۾ هڪ عاليشان مسجد پڻ تعمير ڪرائي. پري وارن علائقن جا شاگرد وٽس اچي تعليم حاصل ڪرڻ لڳا. سندس شاگردن اڳتي هلي ديني خدمتن ۾ پاڻ ملهايو. سنڌ جا ناليوارا عالم مولانا محمد هاشم ياسينوي، مولانا حسن پاٽائي، مولانا عطاالله فيروز شاهي، مولانا عبدالقادر پهنواري ۽ ٻيا ڪيترائي سندس شاگرد رهيا. مولانا تاج محمد امروٽي جو استاد مولانا عبدالقادر پهنواري سندس شاگرد هو. خليفي محمد يعقوب کي هڪ پٽ عبدالغفور همايوني ٿيو، جنهن ديني خدمتن ۾ تمام وڏو نالو ڪمايو. خليفي محمد يعقوب 1856ع ڌاري همايون ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو