خليفو ميو فقير: بزرگ ۽ درويش خليفو ميو فقير شيدي، 1838ع ڌاري هالن ۾ پيدا ٿيو. پهرين درگاھہ مخدوم نوح سرور جي سجادہ نشين مخدوم امين محمد ثالثرح ’پکن ڌڻيءَ‘ جي خدمت ۾ رهيو، خاص ۽ عام جي ملاقات ۽ حاضري ڪرائڻ جي ذميواري مٿس هئي. ’پکن ڌڻيءَ‘ کان پوءِ مخدوم
محمد زمان سرڪاررحه ۽ مخدوم ظھير الدينرح جي خدمت ۾ رهيو. سمورن سجادہ نشينن جو مٿس راز ۽ اعتماد هو. خليفو ميو سندن خاص خدمتگار هو. پکن ڌڻي مخدوم امين محمد جي خدمت ۽ صحبت جو مٿس ايڏو اثر ٿيو، جو فقيري اختياري ڪيائين. وٽس پري پري جا ماڻهو روحاني فيض وٺڻ لاءِ ايندا هئا ۽ اڄ بہ هزارين عقيدتمند سندس مزار تي زيارت لاءِ ايندا آهن. هن درويش ۽ فقير، 100 ورهين جي ڄمار ۾ 1354ھہ/ 1935ع ڌاري وفات ڪئي.