
خليفي غلام نبي جو ڪلام
خليفي غلام نبي جو ڪلام (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشھور صوفي شاعر خليفي غلام نبيءَ جي ڪلام تي مشتمل آهي، جنهن کي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ترتيب ڏنو آهي. ڪتاب جي مهاڳ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ: ”خليفي غلام نبي صاحب پنهنجو ڪلام شروع کان ئي پاڻ لکندو هو. خليفو غلام نبي لغاري وڏي علم وارو شخص هو. هي پنهنجو ڪلام پاڻ لکندو هو، جنهن تان پوءِ ٻيا اتارا ٿيا. 66-1956ع ۾ خليفي نبي بخش صاحب جي رسالي تي تحقيق ڪندي راقم هڪ قلمي رسالي جي پويان خليفي غلام نبي سائينءَ جو ڪلام ڏٺو، جيڪو شھر ڌوراجي (رياست جهونا ڳڙھہ) جي ويٺل فقير
محمد بن حاجي ولد محمد ’شھر مصطفيٰ آباد‘ (جهونا ڳڙھہ) ۾
1319ھہ/1901ع ۾ اتاري لکيو. اهو قلمي ڪتاب خليفي احمد سائين لغاريءَ کي 1944ع ۾ شھر ڌوراجي ۾ مليو، ان جي عڪس (فوٽو ڪاپي) تان هن ڪلام کي ڀيٽي ڇاپي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.“
هن ڪتاب ۾ خليفي غلام نبيءَ جي سوانح حيات پڻ شامل آهي. سندس ڪلام ۾ ثنا ۽ صفت حضرت رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم، مناجات، مرشد مسند ڌڻي (حزب ﷲ شاھہ پير پاڳاري) جي شان ۾ ٻہ مداحون، ٽيھہ اکري سسئي پنهون، بيت، ڪافيون، ڀڄن ۽ شبد وغيرہ شامل آهن. خليفي غلام نبيءَ جو ڪلام پنھنجي ڏاڏي خليفي نبي بخش لغاريءَ جيان انقلابي ۽ قومي رنگ ۾ رنڱيل آهي. ڪتاب جي پٺئين ٽائيٽل تي خليفي غلام نبيءَ جي تربت جي تصوير ڏنل آهي. ڊيمي سائيز، چار رنگي ٽائٽل، پڪي جلد واري هن ڪتاب ۾ 168 صفحا آهن ۽ قيمت 200 رپيا آهي. هيءُ ڪتاب سال 2010ع ۾ حر هسٽاريڪل سوسائٽي سانگهڙ طرفان سوسائٽي جي باني فقير مير محمد نظاماڻي ڇپرايو آهي.