خليل بن بصري

خليل بن بصري: خليل بصري بن احمد بن فراهيد علم عروض جو باني 100 هه/ 718ع ۾ ڄائو. سندس ولادت جي ماده تاريخ ’يوم الاحد‘ مان 100 هه نڪري ٿي. دنيا ۾ سڀ کان پهرين عربيءَ جو علم عروض هن جوڙيو. خليل بصريءَ اهڙو ته قابل هو، جو هن سمورا حروف تهجي هڪ شعر ۾ قلمبند ڪيا، اهو شعر بحر بسيط ۾ چيل آهي. الحريري ۽
ابن خلڪان کان روايت آهي ته خليل بصري مختلف وزنن کي تڏهن محسوس ڪيو، جڏهن بصري جي بازار ۾ ٺاٺارن جي دڪانن مان ٽامي جي ٿانون کي ٺاهڻ وقت هٿوڙي جي لڳڻ سان جيڪي آواز پئي نڪتا، انهيءَ کان پوءِ هن کي علم عروض ايجاد ڪرڻ يا قديم نظمن جي ساخت ۾ وزن جو تعين ڪرڻ لاءِ هڪ علم جو بنياد وڌو، انهيءَ ڪري کيس علم عروض جو ابو يا باني سڏيو وڃي ٿو.
خليل بصري علم عروض جو باني هجڻ سان گڏوگڏ حديث ۽ فلسفي جو پڻ ڄاڻو هو. هو متدين ۽ پرهيزگار شخص هو. جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن حڪمران يا امير آڏو هٿ نه ٽنگيو. هن جي شاگردن ۾ سيبويه، الاصمعي، النضر بن شميل، الليث بن المظفر وغيره اچي وڃن ٿا. لغت ۽ نحويه مڃيل رئيس الاساتذه هو، هن رياضي، موسيقي ۽ عروض تي ڪافي ڪتاب لکيا. هن جو ايجاد ڪيل علم عروض اڄ تائين مروج آهي، بلڪ فارسي، ترڪي، سنڌي ۽ اردو وارن شعر و سخن ۾ هن جي پيروڊي ڪئي. خليل بصري اهو پهريون شخص آهي، جنهن عربيءَ جي لغت ’ڪتاب العين‘ تاليف ڪئي. عربي نحو ۾ هي ايترو ته ماهر هو، جو سيبويه پنهنجي ’الڪتاب‘ ۾ نحو مطلق 858 حوالا ڏنا آهن، جن مان 522 حوالا خليل جا آهن. سندس هيٺيون تصنيفون مشهور آهن:
(1) ڪتاب في معاني الحروف، (2) ڪتاب شرح صرف الخليل،
(3) ڪتاب فيھ جملة آلات الاعراب، (4) فعل جي گردان بابت تفصيل،
(5) ڪتاب النقط والشڪل، (6) ڪتاب الجمل، (7) ڪتاب الشواهد،
(8) ڪتاب العروض، (9) ڪتاب الايقاع، (10) ڪتاب النغم،(11) ڪتاب النوادر، (12) ڪتاب العين. مشهور آهي ته آخري چار ڪتاب ضايع ٿي چڪا آهن ۽ انهن جو ڪو به نسخو موجود نه آهي. هن 170 هه/ 788ع ۾ بصري ۾ وفات ڪئي. سندس وفات جي ماده تاريخ ’ليل يوم الاحد‘
مان نڪري ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو