خليل سلطان: امير تيمور جو پوٽو. خليل سلطان 786هه/1384ع ڌاري پيدا ٿيو. هن سمرقند ۾ 1404ع کان 1409ع تائين حڪومت ڪئي. خليل جڏهن 15 سالن جو هو ته هن تيمور جي هندستاني مهم ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو. 18 فيبروري 1405ع تي تيمور جي وفات بعد فوج خليل کي تسليم ڪيو. هن پنجن سالن تائين سمرقند تي بادشاهي ڪئي. تاتاري، جيڪي پهريان خوارزم تي قابض هئا، تن بخارا تائين قدم وڌايا. 1409ع جي بهار رُت ۾ جڏهن تاتاري حملي آور شاهرخ جي فوج باد غيس ۾ ۽ خليل سلطان جي فوج سبز شهر ۾ جنگ لاءِ تيار هئي ته اتر ۾ امير خدائي داد بغاوت ڪئي. خليل سلطان صرف چار هزار سپاهي وٺي ان بغاوت کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو. 30 مارچ 1409ع تي هن کي سمرقند جي اتر ۾ خداداد گرفتار ڪيو. کيس پهريائين سمرقند ۽ پوءِ فرغانه وٺي ويا. نيٺ امير شيخ نور الدين جي مداخلت تي هن شاهرخ سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن هيٺ خليل سلطان ماوراءِ النهر تان پنهنجي بادشاهت کي خدا حافظ چيو. هن 17 رجب 814هه/ 4 نومبر 1411ع ۾ وفات ڪئي.
1411.11.04 عيسوي
خليل سلطان 17 رجب 814هه/ 4 نومبر 1411ع ۾ وفات ڪئي.