خميس

خميس (Thursday): خميس، هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جو نالو آهي. قديم دور ۾ هفتي جي ڏينهن جا نالا سرياني ۽ عبراني ٻولين ۾ رائج هئا. اسلامي دور جي نفاذ بعد عربن هفتي جي ڏينهن جا نالا فارس وارن کان نقل ڪيا ۽ ڳاڻيٽي جي حساب سان ڏينهن جا نالا منتخب ڪيا ويا، جنهن موجب فارسيءَ ۾ پنجشنبه، عربيءَ ۾ الخميس ۽ سنڌيءَ ۾ خميس بڻيو.
فارسيءَ ۾ هفتي جي پنجين ڏينهن کي ’پنجشنبه‘ چيو ويندو هو. جنهن تان عربن وري ’الخميس‘ ڪري نالو رکيو. ٻنهي لفظن جي معنيٰ آهي پنجون ڏينهن. سنڌيءَ ۾ هفتي جي ڏينهن تي عربيءَ جي هفتي جي نالن جو گهڻو اثر آهي. انهيءَ ڪري سنڌيءَ ۾ به عربي نالو خميس به هفتي جي هڪ ڏينهن جي نالي سان رائج ٿيو. هن لاءِ اسلامي روايتن ۽ عالمن جو خيال آهي ته ’الخمس‘ جي معنيٰ آهي ’پنجون حصو‘. جمعي جو بابرڪت ڏينهن هن ڏينهن کان پوءِ ايندو آهي ۽ هن ڏينهن تي (جمعي رات) خير خيرات ڏيڻ کي سٺو سنئوڻ سمجهيو وڃي ٿو.
خميس کي انگريزيءَ ۾ Thursday چيو وڃي ٿو، جيڪو يونان جي گجگوڙ ڪرڻ واري ديوتا ’ٿور‘ (Thor) جي بگڙيل صورت آهي. اهو Thor مان Thursday بڻيو آهي. خميس کي هنديءَ ۾ ورهسپت وار (وسپت) چون ٿا. خميس ڏينهن لاءِ مختلف سَوڻن بابت نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’رسمون رواج ۽ سوڻ ساٺ‘ ڪتاب ۾ هيٺيان سوڻ ڄاڻايا آهن:
(1) خميس ڏينهن لاڙ نه وڃجي. (2) سهاڳڻ زال خميس ڏينهن غسل نه ڪري، جي ڪندي ته ان جي عزيزن کي نقصان رسندو. (3) ڪي ڀاڳيا خميس ڏينهن کير نه ولوڙين .
شاهه لطيف پڻ هڪ بيت ۾ چيو آهي ته:
’تنين جي خميس، منڌ ماٽيءَ نه پوي.‘


لفظ خميسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو