خندق جي جنگ

خندق جي جنگ (غزوه خندق): اسلامي تاريخ جي هڪ مشهور جنگ، جيڪا 5 هجريءَ ۾ مسلمانن ۽ عرب ڪافرن جي وچ ۾ لڳي. قريش جيڪي اُحد جي جنگ دوران ٽين هجريءَ ۾ شڪست کائي، واعدو ڪري ويا هُئا اهي اڪثر قبيلن جي سردارن جي مدد ۽ صلاح سان، ابو سفيان جي اڳواڻيءَ ۾ 24 هزارن ڪپ وڏو لشڪر وٺي 5 هجريءَ ۾ مسلمانن سان جنگ ڪرڻ لاءِ مديني شريف ڪاهي آيا، سندن لشڪر ۾ ساڍا چار هزار اُٺ ۽ ٽي سؤ گهوڙا به شامل هُئا. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کي جڏهن ڪفار جي لشڪر جي روانگيءَ جي خبر پهتي، ته ان وڏي لشڪر جي مقابلي ۽ دفاع لاءِ معتبر صحابه ٻين سان صلاح مشورو ڪيائون ۽ طئي ٿيو ته مقابلي ڪرڻ بدران مديني ۾ رهي دفاعي تدبيرون اختيار ڪجن. حضرت سلمان فارسي ؓ مشورو ڏنو ته شهر جي ٻاهران خندق (کاهي) کوٽي دشمن کان دفاع ڪجي. پاڻ ڪريمن ؐ انهيءَ تجويز کي پسند ڪيو. هڪ طرف کان مديني جي گهرن جون ڀتيون دفاع جو ڪم ڏئي رهيون هيون، ٻئي طرف کان پهاڙين جو سلسلو شهر جي دفاع جو ڪم ڏئي رهيو هو، جڏهن ته فقط هڪ پاسو کليل هو، جتان دشمن حملو ڪري سگهيو پئي. اتان کاهي (خندق) کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. کاهي 5 گز ويڪري، 5 گز اُونهي ۽ ساڍا ٽي ميل ڊگهي کوٽي ويئي. کاهيءَ جي کوٽائي دوران حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم کي ملڪ شام، ملڪ فارس ۽ يمن جي فتح ٿيڻ جي خوشخبري ملي، ان خدائي بشارت کان صحابه ڪرام کي آگاهي ڏنائون. مديني جو يهودي قبيلو بنو قريضه هڪ معاهدي هيٺ مسلمانن جو ساٿي هو، پر بنو نضير جي هڪ شخص حَيّ بن اخطب کين ڌتاري پاڻ سان ملائي ڇڏيو. بنو قريضه ۽ مديني جي منافقن جي خطري جي پيشِ نظر مسلمانن پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي گڏ ڪري هڪ ڪوٽ ۾ ويهاري ڇڏيو. تان جو ڪافرن جو لشڪر خندق (کاهي) جي سامهون اچي ظاهر ٿيو. انهن کاهي پار ٽپڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر کين ناڪامي پِڙ پئي. ڪجهه ڏينهن تائين ڪافر پريان کان پٿر ۽ تير اڇلائيندا رهيا، جڏهن ان مان به کين ڪا هڙ حاصل نه ٿي، تڏهن عرب جا نالي وارا جانٺا بهادر ضراد، جبيره، نوفل ۽ عمرو بن عبدار هڪ سوڙهي هنڌان کاهي ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. عمرو بن عبدار کي حضرت علي عليه السلام قتل ڪري وڌو، هن کي هڪ هزار سوارن جي طاقت جي برابر سمجهيو ويندو هو. کيس قتل ٿيندي ڏسي باقي ٽي ڄڻا پوئتي ڀڄڻ لڳا. نوفل کاهيءَ ۾ ڪري پيو، جنهن کي حضرت علي عليه السلام قتل ڪري وڌو، باقي ٻه ڄڻا ڀڄي وڃڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. هنن جي فوج جو هي گهيرو هڪ مهيني تائين جاري رهيو. مسلمان کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن جي رسد جو رستو بند هئڻ سبب وڏين تڪليفن ۾ اچي ويا. لاچار ٿي هڪ صحابي بک وگهي پيٽ تي ٻڌل پٿر اچي پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم کي ڏيکاريو، پاڻ ڪريم ؐ جن به سندس تسليءَ لاءِ کيس پنهنجي پيٽ تي ٻڌل ٻه پٿر ڏيکاريا، انهيءَ صورتِحال ۾ پاڻ سڳورن ؐ انصارين جي ٻن سردارن سعد بن معاذ ؓ ۽ سعد بن عباده ؓ سان ڪافرن سان ٺاهه لاءِ مشورو ڪيو. عرض ڪيو ته يا رسول الله! اسان اسلام آڻڻ کان اڳ به انهن جي ڪاڪاڻي نه ڪڍي ۽ کين هڪ کارڪ به نه ڏني. هاڻي اسان ايمان جي حالت ۾ ساڻن سمجهوتو ڪيئن ڪريون. گهيري جي آخري ڏينهن بنو فريضه ۽ ڪافرن جي لشڪر ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو، ان حد تائين جو قريش جي لشڪر سان بنو قريضه جي مدد جا امڪان بلڪل ختم ٿي ويا. تان جو گهيري جي ستاويهين ڏينهن گذرڻ کان پوءِ رات جو اوچتي اهڙو ته تيز ۽ جهڪ سان طوفان لڳو، جو ڪافرن جي خيمن جا ڪِلا اُکڙي ويا، چُلهن تان ديڳڙيون اڏامي ويون ۽ سردي وڌي وئي. ان صورتحال ۾ ڪافرن جا حوصلا پست ٿي ويا، مايوس ۽ ناڪام ٿي ميدان ڇڏي ڀڄڻ تي مجبور ٿيا. حضور ؐ جن کي سندن فرار ٿيڻ جي خبر باطني طرح اڳ ئي پئجي چڪي هئي پر صبح حضرت حذيفه اليماني ؓ ڪافرن جي ڀڄڻ جي خبر اچي کين ٻُڌائي. پاڻ سڳورن ان موقعي تي
الله تعالى جا شڪرانا بجا آڻيندي مسلمانن کي فرمايو: اڄ کانپوءِ قريش پاڻ تي هتي اچي ڪڏهن به حملو نه ڪندا. (ماخوذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)


لفظ خندق جي جنگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو