خوات بن جبير ؓ: رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن جو معتبر اصحابي، جنهن کي پاڻ ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن پنهنجو سوار (سواري ڪاهڻ وارو) مقرر ڪيو هو. حضرت خواتؓ جو اَوس قبيلي سان تعلق هو. هُو نهايت دلير ۽ بھادر شخص هو. هجرت کان اڳ ۾ مسلمان ٿيو ۽ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جي زماني ۾ سمورين غزون (اُهي جنگيون، جن ۾ نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم پاڻ شامل هئا) ۾ شريڪ رهيو. (شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا)