خواجه باقي بالله

خواجه باقي بالله: مشهور بزرگ ۽ عالم خواجه باقي باالله جو مڪمل نالو سيد رضي الدين احمد عبدالباقي هو ۽ سندس والد جو نالو قاضي سيد عبدالسلام هو. خواجه باقي باالله 971هه مطابق 1564ع ڌاري ڄائو. سمرقند ۾ فقھ، حديث، تفسير ۽ ٻين ديني علمن جي تحصيل ڪيائين. خواجه محمد امڪنگيءَ جو مريد ۽ خليفو هو. خواجه محمد جي مزار امڪنگ (ترڪستان) ۾ آهي ۽ نقشبندي سلسلي جو مشهور بزرگ هو. خواجه باقي باالله ترڪستان ۽ لاهور کان ٿيندو دهليءَ پهتو ۽ درس تدريس ۾ مشغول رهيو، هو ٿورو ڳالهائيندڙ، ٿورو کائيندڙ ۽ ٿوري ننڊ ڪندڙ بزرگ هو. حضرت مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهندي، خواجه باقي الله جو خليفو هو ۽ ان کان ئي هند سنڌ ۾ نقشبندي سلسلي جي اشاعت عام ٿي. خواجه باقي باالله 26 جمادي الاول 1012هه مطابق 22 آڪٽوبر 1603ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار دهليءَ ۾ آهي.


لفظ خواجه باقي باللهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1603.10.22  عيسوي

خواجه باقي باالله 26 جمادي الاول 1012هه مطابق 22 آڪٽوبر 1603ع ۾ وفات ڪئي. سندس مزار دهليءَ ۾ آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بالاچ گرگيج
الهبچايو ڪرهيي پوٽو
صالح بيگ مرزا ترخان ثاني
جتوئي عبدالحميد خان
اجمل خان حڪيم
حسن وساڻ
ديپڪ آشا
خيرو اوٺوال
آفتاب راهمون
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون