خواجه خضر جو آستانو

خواجه خضر جو آستانو

خواجه خضر جو آستانو

خواجه خضر جو آستانو: هيءَ خانقاهه بکر (روهڙي) جي قلعي جي اوڀر ۾ هڪ ٽڪريءَ تي واقع آهي، جنهن کي خواجا خضر جو آستانو چون ٿا. هن آستاني لاءِ نامور محقق راورٽيءَ لکيو آهي ته، ”خانقاهه تعمير ٿيڻ کان اڳ هن ٽڪريءَ تي ماڻهو رات جو ڏيئو ٻرندي ڏسندا هئا، جڏهن ٻيڙين ذريعي اتي پهچندا هئا ته ڏيئو غائب ٿي ويندو هو. هن ٽڪريءَ تي هندن ’زنده پير‘ اڏيري لعل جو آستان ٺاهيو هو ۽ سندن عقيدو هو ته سمنڊ جا پلا اڏيري لعل جي زيارت ۽ درگاهه جي چائنٺ چمڻ لاءِ هتي پهچن ٿا. سلطان محمد تغلق جي ڏينهن ۾ بکر جي نواب ڪشلو خان هن ٽڪريءَ تي خواجه خضر جي خانقاهه جوڙائي. خانقاهه جو عاليشان دروازو روهڙيءَ ڏانهن هو ۽ مٿس وڏو قبو هو. هن دروازي تي ڪاشيءَ جو عمدو ڪم ڪيل هو. آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ درياهه جو پاڻي هن آستاني جي ڏاڪڻ کان مٿي چڙهي ايندو هو. هن ٽڪريءَ تي هڪ غار به آهي، جا هندن توڙي مسلمانن جي گڏيل زيارت گاهه هئي. هندن دروازي مٿان گهنڊ ٻڌا هئا، جيڪي صبح شام وڄندا هئا. ابن بطوطه هن خانقاهه ۾ شمس الدين شيرازيءَ سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن جي عمر ان وقت 120 ورهيه هئي. انگريزن جي دؤر ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ خواجه خضر واري آستاني تان ڇڪتاڻ ٿي هئي. پر هندو پوءِ هٿ کڻي ويا. جند پير يا زنده پير جي آستاني قائم ڪرڻ لاءِ 1894ع 16.50 ايڪڙ زمين ڏني ويئي هئي ۽ هندن اتي آستانو ٻيهر نئون ڪري جوڙايو. 1958ع ۾ هيءُ آستان درياهه جي آبڪلاڻيءَ کانپوءِ ويران ۽ برباد ٿي ويو. پر ترت ٻيهر هن آستاني کي آباد ڪيو ويو. هتي آستاني سان لڳ هڪ مسجد به خواجه خضر جي نالي سان موجود آهي جيڪا 1602ع ۾ بکر ۾ مغلن پاران مقرر ٿيل نواب سعد الله خان ٺهرائي هئي. ٻيٽ جي بيهڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ اڳ شاندار ٻيٽ هو ۽ وڏي رونق وارو هنڌ رهيو هوندو.


لفظ خواجه خضر جو آستانوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو